• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ستين جو آستان هڪ تاريخي ماڳ

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ستين جو آستان هڪ تاريخي ماڳ​

ستين جو آستان هڪ تاريخي ماڳ آهي، جيڪو سنڌ جي شهر روهڙي ( سکر) ۾ واقع آهي۔ هتي ڪافي يادگار موجود آهن، هن تاريخي ماڳ کي ڏسڻ لاء ايندڙ ماڻهن لاء هت ڪا به صحولت موجود نه آهي، جنهن لاء حڪومت کي ڌيان ڏيڻ گهرجي۔ مگر وري به افسوس جو حڪومت جو انهن تاريخي ماڳ مڪانن ڏانهن ڪو به ڌيان ڪونهي۔

http://www.youtube.com/watch?v=LtzDixXLtZo&feature=related
 
جواب: ستين جو آستان هڪ تاريخي ماڳ

ادا حڪومت کي گهربو آهي ته اهڙي قيمتي تاريخي ثقافتي شين جي سنڀال ڪري پر هتي افسوس ................
 
جواب: ستين جو آستان هڪ تاريخي ماڳ

ادا سائين ان مقام کي ستين جو آستان ڇو ٿو چئجي يا ستن سهيلين جو مقام به چئجي ٿو، هن وڊيو ۾ ان مطلق ڪا خاص معلومات ناهي ۔۔۔ جڏهن ته تاريخ جي حوالي سان ان مقام ۾ مير عبد القاسم نمڪين سن 103 هجري ۾ بکر جي حڪمران ۽ انجي خاندان جون قبرون آهن ۔۔۔

بهرحال هي ته وري به قبرستان آهي پر اوهان پاڻ ئي جيڪا خدا آباد واري مسجد جي حالت ڏيکاري جنهن ۾ هن وقت به نماز پڙهائي ٿي وڃي سا هن کان به وڌ ڏکوئيندڙ هئي ۔۔۔ آءُ ته چوانٿو ته اسان سڀني دوستن، وس وارن کي گڏجي سڏجي هڪ خدا آباد مسجد بچايو ڪاميٽي ٺاهي، هڙان وڙان ۽ وس وارن حڪمرانن کي شرمائي سهڪار حاصل ڪري ۽ ڪئي حيلا هلائي ان مسجد جي تعمير ڪرائي وڃي ۽ انکي اصل حالت ۾ آندو وڃي ۔۔۔ بلڪ آءُ ته اپيل ڪندس انهن تنظيمن کي جي سنڌ پرست سڏائن ٿيون ۽ مذهبي تنظيمن کي ته اڳتي اچن ۽ پنهنجي ورثي کي بچائن ۔۔۔
 
Back
Top