• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون ڇا آهين ؟ مان ڇا آهيان ؟

منصور سرور

سينيئر رڪن
‫ٿو سِڄُ لهي ، ڄڻ ڍاڪؤن ۾
ڪنهن ريٽو رت ڀريو آهي !
۽ هر ڪو ڍُڪ ڍُڪ پيئي ٿو ۔
ائين جيئي ٿو !
ٿي رات اچي هر تارؤن ۾
ڪنهن تاري تير هنيو آهي
پر هرڪو لوڇَ ڇُپائي ٿو !
۽ ڳائي ٿو !
تون ، تون ناهين ! مان ، مان ناهيان
تون ڇا آهين ؟ مان ڇا آهيان ؟
 
Back
Top