غزل سُور اندر ۾ يادن مثل سانڍيا اٿم، محبوب مٺا تو بنا ڏينهڙا ڪاٽيا اٿم. عيبن ڏانهن نهارين ڇو ٿي دلربا، يار جڏ کان نيڻ توساڻ اٽڪايا اٿم. هاڻي او چنبيلي تو ڇڏ اهي ماڻا کڻي، عقل ڪر او هٺيلي، رستا سڀ آزمايا اٿم. ثاني ناهي تو مثل هوش ڪر او پوپري، محبت تنهنجي لئه وسيلا ڪي نه گهٽايا اٿم. او محبوبا زندگي جا چار پل ويندا گذري، نوازش آ دلبر جي درد دل ۾ ڪيئي سمايا اٿم. آخري ڀيرو ڪر مون تي مهر ڪا او مٺي، فڪر تنهنجي ۾ بانوري چين و سڪون ڦٽايا اٿم. تا قيامت توکي چاهيندو رهندس او پرين، اهي گيت سارا مون تو لئه رچايا اٿم. بيوفا ڇو ڪري ٿي مون تي ايڏو ستم، ”نرمل“ زخم تن لئه روح کي رسايا اٿم. ”نرمل“ کوهارو
جواب: شاعري ادا نرمل کوهارا، يار سچ پڇين ته تو وارو غزل آهي تمام سهڻو ۽ جذبن سان ٽمٽار ۔۔۔ هي غزل ان عمر جي عاشقن لئه آهي جي پنهنجي پسند ۽ پيار کي پنهنجي ڪرڻ جا جتن ڪندا آهن ۽ محبوب ماڻا ڪندو آهي، ۽ عاشق ويچارو ٻڏ تر ۾ ته محبوب نه ته اک ٿو کڻي نه ته هائوڪار ٿو ڪري، ۽ پوٌءِ اهڙا غزل لکجي ويندا آهن ۔۔۔ جيئن اوهان لکيو آهي ۔۔۔ لکندا رهو، محبوب جي ماڻن تي ۔۔۔ ممڪن ته پڪا پختا ٿي وڃو ۔۔۔