سنڌ جو قصيدو ساڃهه سرمو پاءِ، پوءِ پَسجِ سنڌ کي، ’جنّت عدن تجري مِن تحتِه الانهار‘، ساري سيِم سُهاءِ جُوءِ نه ڪنهنجي جاءِ، بخاري هِن ڀُون ۽ سان. نعمت، ڪوهستان، جنت، لاڙ، سرو، ٿر، هِتي حُور، قصور جو سمورو سامان، ’فَبِاَيّ آلآءِ رَبِّڪُما تُڪذّبِن‘، جاچيو، جوءِ جهان، ڪعبو، نبي، قرآن، بخاري سڀ ڀونءِ تي. مون لئي ’مازاغَ البَصَر‘، پڻي تنهنجي پاڪ، ڪوثر ڪڻيون موڪليون، مٿان گلن ماڪ، ستئي باغ بهشت جا، اٿئي، تر جا ٿاڪ، بخاري بيباڪ ڪهيو ڪلمو حق جو. پَسو، سنڌو پاڪ، اک کڻي استاد جان، جھِرمِر جھِرمِر ڪهڪشان، خوشبو خوشبو خاڪ، هميشه حنساڪ، سونهارِي سنسار ۾. سهيڙي سڀ روشنيون، ميڙي سڀ سرهاڻ، وجھي سنڌوءَ سير ۾، مَسُ ڪري مهراڻ، لکي مون واکاڻ، بخاري هن ڀونءِ جي. هِن تر جي تعريف، ادا ڇا استاد ٿئي! رمزون سڀ ربيع ڪريان، خوبيون سڀ خريف، تڏهن بي تعريف، پتي پوري ڪانه ٿئي. سنڌوءَ جي ساراهه، انت نه ٿئي استاد کان، هوءَ جا بوِ بهشت جي، سرها تُنهنجا ساهه، هو جو دونهون دوزخي، اهنجي تنهنجي آهه، پسيو ٺاهه ۽ ڊاهه ٻهڪيو هانءُ ٻريو پوي. نِت نِت نئين نيڪي، جيڏي ڪريان جوُءِ جي، تارن جوتون موڪليون، ڦُلن بوءِ ڦينڪي، سو سڀ منهنجي سنڌ ۾، جڳت ۾ جيڪي، ڏات، اڃا ڏي ڪِي، بات ڀوُنءِ جي. استاد آخرڪار، مرڻ ناهي ميهڻو، همّت جي هڪ ڏينهن تان، صدقي سال هزار، غيرت ڪِج نه غار، بوتو ڀينڊ ڀريو ته ڇا! ڌرتي تنهنجو ڌيان، ائين آ استاد کي، ٻُڌا جئين لوچي لڌو، گمراهي مان گيان، هُن ڳوليو نروان، آءٌ آجايون ڳوليان. بي حد ڀونءِ بيان، ادا ڇا استاد ٿئي! ڳوهيان ظرف زمان ۾، موهيان منجھه مڪان، مِٽيءَ مانُ مهان، اڃا آڳاهون گھڻو. بي حد ڀونءِ بيان، ادا ڇا استاد ٿئي! هڪڙي ذرڙي زندگي، هڪڙي ضعيف زبان، جان جان جِيءَ ۾، تان تان وطن جي. سنڌوءَ جي ساراهه، ادا ڇا استاد ٿئي! منهنجو ساهه مُني صدي، سندس سونهن اٿاهه، اسان کي اللهَ، ڏني سنڌڙي ڏاڻ ۾. سنڌوءَ جي ثنا، ادا ڇا استاد ٿئي! ڪِرڙ، ڪنڊيون ڪلڪون ڪيان“ پَڌر پَٽ پَنا، ڇَپر، ڪَک، ڇنا ڳائِن ته به ڳالهيون گھڻيون. وطن ۽ ويساهه، سمجھان، ساڳي ڳالهه ٿو، آزادي، الله، هوندا هڪڙي هنڌ تي. جيڏو سچّو، سلڇڻو ايڏو سياڻو جيڏو ارڏو، بي ڊپو، ايڏو نماڻو ناتو اباڻو، سَگھو منهنجو سنڌ سان. هو جو مون سپنو ڏٺو، اهو هو آفاق، تتو ٿر جو ٿاڪ، سو مون ساڀيان ماڻيو. شاعري چانڊاڻ ٿي، موسيقي سرهاڻ مون توسان مهراڻ، آفاقي ناتا ڳنڍيا. هينئون توڙي هوش، ڏِياري هِن ڏيهه جي، جيڪو جذبو، جوش، وطن تان واري ڇڏيان. سنڌي منهنجو ساهه، سنڌي منهنجو سَتُّ، رڳون، ٻوٽيون، رَتُّ، منهنجون هِن مٽيءَ مان. تن ۾ جا طاقت، سَڀَ بخاري سنڌ جي، ”مران مران، مات نه کان“، اها اشرافت، اهم عبادت، اٿم ورد وطن جو. سوچون، لوچون، سَگھ سڀُ حوالي سنڌ جي، امل ٿِيَن اگھه، مران، جيئان ماڳ تي! وطن سان ايمان، اٿم قائم، مولوي! رسالي کي سنڌ جو، سمجھان ٿو قرآن، مران مسلمان، اکئين آجائي ڏسي. سِنڌو منهنجي ماءُ، ٻڌي ڇڏ هي ٻول تون! پاپيءَ سان پرچاءَ، پرچڻ آب ۽ آڳ جو. ٻُڌ او، ماءُ ــــــ ٻولي، ڪوي قول ڪري چُڪو! ڄاڙيءَ تي گولي، سنڌي ٻولي ڄڀّ تي. ڪيڏو آءٌ ڪوي مگر، ڪريان ڳالهه سچي، سنڌي قوم بچي، بچيس، نه ته مري ويس!