• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽي بي هڪ خطرناڪ پر قابلِ علاج مرض....!!

ممتاز قريشي

سينيئر رڪن
unwelcomecomeback.jpg
images
ٽي بي (Tuberculosis) هڪ خطرناڪ پر قابلِ علاج مرض آهي. هي هڪ وچڙندڙ بيماري آهي جيڪا ٽن قسمن جي بيڪٽيريا مان ٿيندي آهي.
  1. مائيڪوبيڪٽيريم ٽيوبرڪيلوسز (Mycobacterium Tuberculosis)
  2. مائيڪوبيڪٽيريم بووس (Mycobacterium Bovis)
  3. اَ ٽپيڪل مائيڪوبيڪٽيريا (Atypical Mycobacteria)
ٽي بي ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن. جن مان ڪجهه هن ريت آهن.
  • غربت، گندگي ۽ گهر ۾ فردن جو زياده تعداد.
  • سگريٽ نوشي.
  • شراب جو گهڻو استعمال.
  • شگر جي بيماري.
  • ايڊز.
active2.jpg
ٽي بي جو بيڪٽيريا جسم ۾ ٻن رستن سان داخل ٿئي ٿو. ساهه واري رستي ۽ کاڌي واري رستي. عام طرح اهو سمجهيو وڃي ٿو ته T.B صرف ڦڦڙن ۾ ٿيندي آهي پر اهو درست نه آهي. هي بيڪٽيريا جسم جي هر حصي تي حملو ڪري سگهي ٿو. مثلن دماغ، دل، گردا، آنڊا، مختلف غدود (Glands) ، کل (Skin) ۽ هڏا وغيره.
tuberculosis_1.gif


ٽي بي ڪيئن ڦهلجي ٿي...؟

tuberculosis3%255B1%255D.jpg
ٽي بي ڦهلجڻ جو سڀ کان عام رستو ساهه وارو رستو آهي. جڏهن هڪ ٽي بي جي مرض ۾ مبتلا شخض ڳالهائيندو آهي يا کنگهندو آهي ته سندس وات مان اهي بيڪٽيريا هوا ۾ شامل ٿي ويندا آهن ۽ ڀر پاسي ۾ ويٺل ماڻهن تائين پهچي ويندا آهن.
images

ٽي بي (T.B) واري مريض جي استعمال ۾ ايندڙ شيون مثلن: ٿانوَ، ڪپڙا، رومال وغيره T.B جي بيڪٽيريا سان ڀريل هجن ٿا ۽ انهن جو استعمال به ٽي بي کي ڦهلائڻ جو اهم ذريعو بڻجيو وڃي.

ڪهڙن ماڻهن ۾ ٽي بي ٿي سگهي ٿو..؟
  • ٻار، نوجوان ۽ بالغ (هر عمر جي فرد کي هي بيماري لڳي سگهي ٿي.)
  • T.B واري مريض سان گڏ رهندڙ ماڻهو.
  • تمام گهڻا ڪمزور ماڻهو.
  • صحت واري شعبي سان تعلق رکندڙ رکندڙ هر ماڻهو. مثلن: ڊاڪٽر ، نرسون، ڊسپينسر، ٽيڪنيشن، هيلٿ وزيٽر وغيره.
ٽي بي جون علامتون
symptoms-of-tb.jpg
  • بُک گهٽجي وڃڻ.
  • وزن مسلسل ڪِرڻ/ گهٽ ٿيڻ.
  • تمام جلد ٿڪجي وڃڻ.
  • شام جو هلڪو بخار ۽ پگهر اچڻ.
  • رات جو پگهر اچڻ.
  • کنگهه بلغم سان اچڻ.
  • بلغم ۾ رت اچڻ.
  • ساهه ۾ تڪليف ٿيڻ دم، سهڪو وغيره.
(هلندڙ......)
 
ٽي بي (T.B) جون تباهه ڪاريون
پليورسي (Pleurisy):
pleurisy.png%25255B2%25255D.jpg
هي هڪ تڪليف ده ڪيفيت آهي جنهن ۾ ڦڦڙن جي ٻاهرين جهلي (Layers) ۾ سوڄ يا زخم ٿي پوندو آهي.

نيوموٿوريڪس (Pneumothorax):

pneumothorax.jpg
هن ۾ ڦڦڙن مان هوا خارج ٿي هڪ اهڙي وٿي ۾ داخل ٿي وڃي ٿي جيڪا ڦڙن جي مٿان ٻن جهلين (Layres) جي وچ ۾ ٿئي ٿي. هوا جو ان وٿي ۾ گڏ ٿيڻ سان ڦڦڙن جي ڦوڪجڻ ۽ سُسڻ جو عمل متاثر ٿئي ٿو ۽ مريض کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي.

امپائيما (Empyema):

preview_html_m2842cd6f.png
empyema-x-ray1.jpg
هي پڻ هڪ تڪليف ده حالت آهي جنهن ۾ ٽي بي جي بيڪٽيريا سان ڀريل حصو ڦاٽي پوندو آهي ۽ ڪافي گند ڪچرو ۽ پيپ جو مواد (Puss) ارگرد جي حصن ۾ پکڙجي وڃي ٿو.

ليرنجائيٽس (Laryngitis) :

images
images
ٽي بي جو بيڪٽيريا نه صرف ڦڦڙن کي خراب ڪري ٿو پر هن جا حملا وڌي ساهه جي مٿين نلي واري حصي تائين پهچي وڃن ٿا.

انٽرائيٽس ( Enterits):

images
images
intestine.jpg
ٽي بي جو بيڪٽيريا بلغم ۾ شامل ٿي کاڌي واري رستي معدي ۾ داخل ٿي وڃي ٿو جنهن سان هن جي پهچ ۾ سڄو آنڊو ۽ پيٽ جا هڙئي حصا اچي وڃن ٿا.
G_TB_C3_d01.jpg
ڪن مريضن ۾ ٽي بي جو بيڪٽيريا رت جي نالين تائين پهچي وڃي ٿو ۽ انهن ۾ داخل ٿي سڄي جسم ۾ هر هنڌ پنهنجون تباهيون شروع ڪري ڇڏي ٿو. اها هڪ بيحد خطرناڪ صورتحال آهي ۽ دماغ تي حملي جي صورت ۾ بچڻ جي اُميد تمام گهٽ ٿئي ٿي.

هلندڙ......
 
ٽي بي جو علاج
hc_tuberculosis_landing_treatment.jpg
جيتوڻيڪ هي بيماري قابلِ علاج آهي پر ٽي بي جي علاج جي مدت ڪافي ڊگهي آهي جيڪا مريض جي عمر، جنس ۽ مرض جي نوعيت جي حساب سان مقرر ڪئي ويندي آهي. بحرحال اها مدت 6 مهينن کان ٽن سالن تائين ٿي سگهي ٿي. ٽي بي جون دوائون عام طرح ٻن مرحلن ۾ ڏجن ٿيون.
  • شروعات ۾ ٻه مهينا چار قسمن جون دوائون گڏ استعمال ڪرائبيون آهن ته جيئن بيڪٽيريا جي گهڻي کان گهڻي تعداد مري سگهي. ان مدت دوران مريض ڪافي حد تائين ٺيڪ ٿي ويندو آهي.
  • ٻئي مرحلي ۾ ستن مهينن تائين مسلسل ٻن قسمن جون دوائون استعمال ڪرائبيون آهن ته جيئن مڪمل طرح سان بيڪٽيريا مان نجات ملي وڃي.
delamanid-pulmonary-tuberculosis.jpg
tb-drugs.jpg
ياد رهي ته ٽي بي جون دوائون ناشتي کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ خالي پيٽ کائڻ گهرجن، ان کان علاوه اهو به ضروري آهي ته سڀ دوائون گڏ کائجن ڇو جو هي بيڪٽيريا ايترو ته طاقتور آهي جو هڪ دوا سان کيس ڪجهه به نٿو ٿئي.

اڪثر ڏٺو ويو آهي ته مريض ٽي بي جون دوائون مقرر مدي کان اڳ ئي ڇڏي ڏين ٿا، اها هڪ خطرناڪ غلطي آهي، ڇو جو ايئن ڪرڻ سان اهي پنهنجي بيماري کي پاڻ ئي لاعلاج ڪري ڇڏين ٿا. اهي دوائون اڌ ۾ ڇڏڻ سان ٽي بي جو بيڪٽيريا اڃا به وڌيڪ طاقتور ٿي ويندو آهي. جنهن ڪري ساڳيون دوائون بي اثر ٿيو وڃن. اهڙي صورتحال ۾ آخري ڪوشش طور ڪافي مهانگيون دوائون استعمال ڪرائبيون آهن بحرحان ان جي باوجود مڪمل علاج جي ضمانت نه هوندي آهي. انهيڪري بهتر اهو ئي آهي ته ٽي بي واري هر مريض کي هن بيماري جي هر ڳالهه وضاحت سان سمجهائجي ۽ ٽي بي جون دوائون مڪمل مدرت تائين يقيني استعمال ڪرائجن.

tbP.jpg

صحت بابت ڄاڻ پاڻ به حاصل ڪريو ۽ ٻين تائين به پهچايو
 
ٽي بي ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن. جن مان ڪجهه هن ريت آهن.
  • غربت، گندگي ۽ گهر ۾ فردن جو زياده تعداد.
  • سگريٽ نوشي.
  • شراب جو گهڻو استعمال.
  • شگر جي بيماري.
  • ايڊز.

نهايت ئي ڪارائتو موضوع شيئر ڪيو اٿو

اهڙي ڄاڻ جيڪا هر گهر جي ضرورت آهي

ااهڙي موضوع ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
 
منهنجي ڪاڪڙي کي ٽي بي جو عارضو ٿي پيو آهي، جيڪا اوهان جو هي موضوع اهميت سان پڙهندي رهندي آهي، اوهان جي مهرباني هڪ اهم موضوع لاء، ڇا هي موضوع مڪمل
ٿي ويو آهي يا جاري آهي ممتاز صاحب؟
 
جي ادا طاهر.... الحمدالله...هي موضوع تقريبن مڪمل ٿي ويو آهي.
منهنجي اها ڪوشش رهندي آهي ته مختلف اهم بيمارين جي گهٽ ۾ گهٽ بنيادي ڄاڻ آسان لفظن ۾ پڙهندڙن تائين پهچائي سگهجي ، ته جيئن بيماري جي نوعيت، بچا ۽ علاج بابت هر ماڻهو ڄاڻي سگهي. جيتوڻيڪ ميڊيڪل ٽرمنالاجي ٿوري ڏکي آهي پر ان کي سولي ٻولي ۾ عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش جاري آهي.
 
Back
Top