نثارابڙو
نائب منتظم
جڏهن عوام جاڳي پوي ...
دوستو، اڄ جي خبر آهي ته ڪرغستان جي عوام، پنهنجن ظالم ۽ بدعنوان حڪمرانن خلاف انقلاب آڻي، حڪومتي ادارن ۽ صدارتي محل تي قبضو ڪري ورتو آهي امور داخلا جي وزير کي ماريو ويو آهي ۽ صدر ڀڄي جان بچائي آهي ... ان انقلاب ۾ ڪيترن جوڌن پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو آهي ...
دوستو! جڏهن ظالم پنهنجي ڪرسيءَ جي زور تي عوام جي طاقت کي ٺڪرائي ظلم جي باه ڀڙڪائيندو آهي ته سڄاڻ قومون ان ظلم کي برداشت ڪرڻ جي بجاءِ اٿي کڙيون ٿيندو آهن ۽ پنهنجن حقن جي ويڙهه خاطر ڪئي قربانيون ڏئي سرخرو ٿينديون آهن ...