سنڌ ڌرتيءَ تي ڪائنات جو خالق مهربان آهي، ان ڪري ئي نه هن ذرتيءَ کي هڪ کان وڌيڪ اعزاز بخشا اٿائين. خاص طور هن ڌرتي کي هُن جيڪي اعزاز بخشا آهن، انهن مان سنڌ جا پهاڙ، سمنڊ، ٿر ۽ زرعي حصا اهڙا اعزاز آهن، جن سنڌ کي سدائين خوشحال رکيو آهي، ٻئي طرف سنڌ لاءِ ڀٽائي خود هڪ اعزاز آهي ۽ ان کانپوءِ سنڌ جون ڪيتريون علمي، ادبي ۽ ڏاهپ رکندڙ شخصيتون پڻ سنڌ لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن. علمي ادبي حوالي ۾ قدرت ٿر سان جيڪي ڀال ڀلايا آهن، اهي ڪيترن نالن جي روپ ۾ ظاهر آهن، لاڙ سان جيڪا قدرت جي لنئون لڳل آهي، انهيءَ جو اندازو ان شخص مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪو لاڙ جي لالڻن جي هڪ ڊگهي فهرست ۾ بنهه نرالو آهي، سندس آبرو نرالي آهي، سندس احترام نرالو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه نرالو ان ڪري آهي ته هُن جو علمي ادبي ڪم نرالو آهي، انسانيت جي لاءِ قبول ڪيل ضابطه حيات ۽ مسلمانن جي مقدس ڪتاب قرآن پاڪ جو پهريون منظوم ترجمو ڪندڙ جهڙو اعليٰ اعزاز سنڌ جي لاڙ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن اعزاز لاءِ شايد اسلامي دنيا جا ڪيترائي ملڪ سڪندا هجن، پر قدرت اهو اعزاز سنڌ کي بخشو ۽ ان اعزاز کي عربستان جي ڌڻين جنهن شان مان سان شايع ڪيو آهي، اهو پڻ هڪ اعزاز کان گهٽ نه آهي، جنهن اعزاز جو نالو آهي، ”نور القرآن“ جنهن جو منظوم ترجمو ڪيو آهي، اسان جي ڀلاري نالي واري شاعر عالم ۽ اديب مولوي احمد ملاح: احترام سان لکيو ويندڙ نالو مولوي احمد ملاح پنهنجي ذات ۾ هڪ باڪمال شاعر، مقرر علماءُ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه، اڄ جي علمي ادبي ۽ شعوري دنيا واري سڌ ۾ ٽي شخص اهڙا رهيا آهن، جن جي سنڌ وٽ خاص جڳهه آهي، هڪ مولوي غلام رسول جتوئي، ”خطبهءِ رسولي“ جو خالق، هڪ محمد عثمان ڏيپلائي، ”نورِ توحيد“ جو خالق“ ۽ هڪ مولوي احمد ملاح، ”ديوان احمد“ جو خالق، اتر سنڌ مولوي غلام رسول جتوئيءَ تي فخر ڪندي، ٿر محمد ڏيپلائي تي فخر ڪندو ۽ ائين لاڙ پٽ مولوي احمد ملاح تي فخر ڪندو. مولوي احمد ملاح پنهنجي علمي ۽ شاعراڻي عظمت ته رکي ئي ٿو پر عملي طور هُن جيڪا سنڌ جي مذهبي، مسلڪي ۽ عقيدي وارين بدعتن خلاف جنگ ڪئي آهي، اها هڪ الڳ تاريخ جو حصو آهي، جن شخصن مولوي صاحب جو دور اکين سان ڏٺو اُهي اهڙي شاهدي ڏئي سگهن ٿا ۽ جن سندس دور نه ڏٺو، اُهي هُن جي شاعري پڙهي اندازو لڳائي سگهندا ته مولوي احمد ڪهڙي علمي ۽ ادبي حيثيت جو مالڪ آهي. لاڙ پٽ جي علمي ادبي ماحول تي جيڪو مولوي احمد ملاح جو اثر آهي، اهو اڄ جا جديد دور جا لکندڙ به لنوائي نه سگهندا، اڄ جي لاڙ پٽ جي ليکڪن وٽ جيڪو لاڙ جو حُسن آهي ۽ جيڪو لاڙ جي ٻوليءَ ۽ ثقافت جو حسن آهي، ان ۾ گهڻو حصو مولوي احمد ملاح جو آهي، مولوي صاحب جي غزلن جا جيتوڻيڪ ننڍا ننڍا مجموعا ته شايع ٿيل آهن، پر ڏهاڪو کن سال اڳ محترم عبدالغفور ”عابد“ صاحب جي ڪوششن سان ”ديوان احمد“ پڻ شايع ٿيو هو، جيڪو چڱو ئي ضخيم ڪتاب هو، جنهن ۾ مولوي صاحب جا غزل شامل هُئا ۽ انهن غزلن ۾ جيڪا لاڙ جي ثقافتي سونهن هُئي اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، ائين به آهي ته مولوي صاحب جو چڱو چوکو شعر نا صحانه پڻ آهي، پر هو اول آخر هڪ مڪمل شاعر آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن ۽ ساڳئي وقت اهو به آهي ته مولوي احمد ملاح جي غزل ۾ جيڪو به ڪجهه آهي، اُهو سڀ سندس تخليقي اُپت آهي، هُن وٽ ٻوليءَ جو رچاءُ پنهنجو آهي، تشبيهون پنهنجون آهن، تمثيلون پنهنجون آهن، اشارا قنايا پنهنجا آهن، رديف قافعا پنهنجا آهن، لسانياتي ۽ ثقافتي سونهن پنهنجي آهي، ۽ اهم ڳالهه ته چوڻ جو ڍنگ پنهنجو آهي، هڪ مڪمل شاعر لاءِ ايترو ڪجهه هجڻ ڪافي آهي. مولوي احمد ملاح هڪ شاعر سان گڏ هڪ مبلغ آهي، هڪ مذهبي عالم به آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس شعوري پاسو آهي، جنهن ڪري هُن پنهنجي شاعريءَ کان تبليغ جو ڪم به ڀرپور نموني ورتو آهي، جنهن ۾ هو مڪمل ڪامياب ويو آهي، پر اهو به سچ آهي، هُن جڏهن شاعري کان تبليغ جو ڪم ورتو آهي، تڏهن به وٽيس شاعري موجود رهي آهي، جديد تنقيد ۾ تمام گهڻو وقت هڪ جملو استعمال ٿيندو رهندو هُئو ته ”بهترين فن ذريعي بهترين پروپيگنڊا، بهترين ادب آهي“ مولوي صاحب مٿئين جملي تي بنهه پورو لهي ٿو. جيڪا هر لکندڙ جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ جڏهن اهو شاعر هجي ته ڳالهه اڃا به ڏکي ٿيو پوي بحرحال مولوي احمد ملاح ويهين صديءَ جي شروع ۾ يعني 1900ع ۾ پيدا ٿيو هن زندگي جا اٺهتر سال ڄمار ماڻي 1969ع ۾ وفات ڪئي. تازو ئي مولوي احمد ملاح جهڙي عاليٰ شاعر ۽ عالم جي سڀ شاعري گڏي هڪ ڪليات ۾ آندي وئي آهي ۽ اها ايتري گهڻي آهي جو ڪليات جا ٻه جلد جوڙيا ويا آهن، ٻنهي جلدن ۾ دبل ڪلائون سائيز جا هڪ هزار ٻه سئو ٻاهتر صفحا آهن، هي محنت ۽ محبت وارو ڪم احترام لائق پروفيسر ضرار رستماڻي صاحب ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو گهڻو جس لهڻي جو هُن صاحب هڪ ڪامل شاعر جو سمورو ڪلام گڏ ڪيو آهي ۽ ان کي ٻن جلدن جي ڪليات ۾ هڪ وڏي خرچ سان شايع ڪيو آهي، ائين ڪري هُن صاحب سنڌي پڙهندڙن کي هڪ اعليٰ شاعر ۽ عالم هڪ هنڌ گڏ ڪري ڏنو آهي، جيڪو مڪمل طرح پڙهڻ لاءِ شايد ڪنهن به پڙهندڙ لاءِ ڏکيو ٿئي ها! مولوي صاحب ڀلي لاڙ پٽ جو شاعر هُئو ۽ اتي ئي هوسڄي ڄمار لکندو ۽ پڙهندو رهيو پر هڪ شاعر طور سنڌ جو شاعر آهي ۽ سموري سنڌ ۾ احترام ۽ پيار سان پڙهيو وڃي ٿو، ڀلي مذهبي شدت پسندي ڪري سنڌ جو نوجوان ان بيزاريءَ جو شڪار رهيو هُجي پر مولوي احمد ملاح جي شاعراڻي عظمت کان هو ڪڏهن به انڪاري نه رهيو آهي ۽ هاڻ جڏهن سندس سموري شاعري اڄ جو نوجوان ڌيان سان پڙهندو ته يقينن هو، ڏانهُس وڌيڪ ڌيان ڏيندو. اهڙي پڪ آهي، ٻن جلدن جو هي اعليٰ شاعريءَ جو ڪليات منهنجي دوست ۽ نامياري صحافي فيض کوسي مون ڏانهن تحفي طور موڪليو آهي. مان سندس احسان مڃيندي دل ۾ بيحد خوش آهيان ته هُن مون ڏانهن هڪ املهه ڪتاب موڪليو آهي جيڪو اڄ جي لکندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي ٻيءَ صورت ۾ هُو هڪ شاعراڻي ڪليات کان محروم رهجي ويندا. جيڪي سندس علم ۾ هڪ سدائين رهجي ويندڙ ڪمي هوندي ۽ بس!
تمام بھترين ڄاڻ ونڊ ڪئي آھي. اميد ته اڳتي پڻ اھڙا انمول ۽ معلوماتي ليک شيئر ڪندا رھاندا. مھرباني ادا صدا خوش رھو.