هڪ شاهوڪار ۽ واپاري جي گهرواري فوت ٿي وئي، ٿوري عرصي کانپوءِ هو پاڻ به سهڪَي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو، جنهن بعد پنهنجي سموري ملڪيت پنهنجي جوان پٽ جي نالي ڪري ڇڏي. هزارن جي ملڪيت حاصل ٿيڻ کانپوءِ شروع شروع ۾ نه نوجوان ڇوڪرو ۽ ان جي گهرواري ٻارڙا سڀئي واپاري پيءُ جي خدمت ڪندا رهيا پر سال ڇهه مهينا گذرڻ کانپوءِ سندن جوش ٿڌو ٿي ويو ۽ حالت اها ٿي وئي جو بيمار پيءُ جو علاج به ختم ٿي ويو ۽ کاڌو خوراڪ به اها ملڻ لڳي جيڪا عام طور تي گهر ۾ تيار ٿيندي هئي، ايتري قيدر جو هڪ ڏينهن ته نوجوان پٽ سڌو چئي ڇڏيو ته بهتر رهندو ته توهان پنهنجي کٽ ٻاهر ورانڊي ۾ رکرائي ڇڏيو هر وقت کنگهڻ جي آواز سان منهنجي ٻارڙن ۾ اوهان جي بيماري ڦهلجڻ جو خدشو آهي. بيمار والدين کي ته صبر ۽ شڪر کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ناهي هوندو سو هن پنهنجي پٽ کي چيو ته مون کي رلهي نه پر هڪ ڪمبل اوڙهڻ لاءِ ڏنو وڃي ڇو ته اڃا سردي جا ڏينهن هلي رهيا آهن. واپاري جي نوجوان پٽ پنهنجي پٽ کي چيو! ته ڏاڏي لاءِ ڳئون وارو ڪمبل ته کڻي اچ، ڇوڪرو جهٽ پٽ ۾ ڪمبل کڻي آيو ۽ ڏاڏي کي چيو ته هي وٺو ڏاڏا هن ۾ اڌ اوهان ڦاڙي کڻو ۽ اڌ مون کي ڏيو، ڏاڏي چيو ته پٽ اڌ ڪمبل مان ڪهڙي سردي ختم ٿيندي؟ نوجوان به پنهنجي پٽ کي چيو ته ڏاڏي کي سڄو ڪمبل ڏئي ڇڏي، جنهن تي ننڍي ڇوڪري نادانيءَ مان جواب ڏنو، گهر ۾ اهڙو ڪمبل تي هڪ ئي آهي، جيڪڏهن سڄو ڪمبل ڏاڏي کي ڏئي ڇڏيان ته پوءِ جڏهن اوهان ٻڍڙائپ ۾ بيمار ٿي ورانڊي ۾ کٽ رکرائيندئو ته توهان کي ڇا ڏيندم!. نوجوان پيءُ پنهنجي پٽ جي اها نادانيءَ واري ڳالهه ٻڌي حيران ۽ پريشان ٿي ويو ۽ پنهنجي والد کان معافي وٺي بهتر نموني سان اطاعت ۽ خدمت ڪرڻ لڳو، جنهن سان پيءُ به خوش ٿي ويو ۽ آخرت به سنوارجي وئي.