• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ

منصور سرور

سينيئر رڪن
”جان وارن جو خدا، بي جان جو ڀي تون خدا،

ٿا ڏسون هر چيز جنهن تي آسرا تنهنجي عطا.


تو ڪيو آ سڀ کي پيدا تون سدا قائم قديم،

تو سوا هر چيز فاني ذات تنهنجيءَ کي بقا.“


” سنڌ واسين کي لڏايو ٿو وڃي اڄ سنڌ مان،

بورچي ٿيو گهر ڌڻي مالڪ بڻيو مهمان آ.“


ظالمن جو آ ارادو سنڌ کي ٽڪرا ڪيون،

خيال بدتن جو ڏسي هر ڪو ٿيو حيران آ.“


” جيڪو به رهي سنڌ ۾ اهو سنڌي سڏائي،

واجب آ انهي کي ته ڪري سنڌ سان چڱائي.“


پڇڻ جيڪي به آيا ٿي چيائون هي ڏسي حال،

ڏسو دل جي بيماري اها ناهي ته ٻيو ڇا هي
 
Back
Top