1. اگر تـقـديـر خدا جي هٿ ۾ آ، ته پوءِ جيئن به مونسان ٿيو، جيئن به منهنجي زندگي گذري اها ئي منهنجي تـقـديـرآهي.جيڪا الله تعاليٰ طرفان مقرر ٿيل آ. پوءِ زندگيءَ ۾ ناڪامي ئي صحيح پر اها منهنجي تـقـديـر آ. جيڪا خدا تعاليٰ ٺاهي آهي. جنهن لاءِ فرمايو ويو آهي ته ”هر شئي الله سائين جي حڪم سان ٺاهي ويئي آهي ۽ هر شئي ان جي ئي حڪم سان چُري ڦري ٿي“. ڏسو! اگر خدا تعاليٰ ئي تـقـديـر ٺاهي آهي ته پوءِ ڪنهن کي دولت ۽ خوشين جا جهول ڀري ڏنا اٿائين ته وري ڪنهن کي مُفـلِسي مجـبـوري ۽ غـريـبـيءَ جا ڪـشڪـول ڀري ڏنا اٿائين. ڪي وري چون ٿا ته هر انسان جي تـقـديـر الله سائينءَ ڀلي ٺاهي آ. ته پوءِ ڀلا ڪـن انسانن جي تـقـديـر بُري ڇو هئي، آهي ۽ شايد هوندي! جيئن اِبلـيـس به الله پاڪ جي عـبادت ۾ ڪـائنات ۾ شايد اها جڳهه نه ڇڏي هوندي جتي الله پاڪ کي سجدو نه ڪـيو هئائين ۽ پوءِ اهو ئي ابليس فرشتن ۾ اعليٰ مقام رکڻ وارو تڙيو ويو آخر ڇو؟ يا وري آخر کيس بخشش ڇو نه ملي. 2. اگر تـقـديـرخود منهنجي هٿ ۾ آ، ته پوءِ منهنجي مرضي آ. مان ڇا به ڪريان. سٺو ڪيان يا بُرو ڪيان. چاهي مان زندگي ۾ جيئڻ بهتر سمجهان يا وري ناڪامين ۽ مجبورين کان مايوس ٿي پنهنجي موت جي تـقـديـرپاڻ لکان. ڪي چون ٿا ته خودڪشي حرام آ. خودڪـشي معنيٰ پنهنجو پاڻ کي مارڻ. ڇاڪاڻ ته اوهان هن دنيا ۾ الله سائين جي حڪم سان آيا آهيو ۽ الله تعاليٰ جي حڪم سان ئي اوهانکي هن دنيا مان وڃڻو آهي. پر منهنجو عـقـل فهم چوي ٿو ته ڪو به ماڻهو پنهنجو پاڻ کي نه ماريندو آ. بلڪه ان کي به خود تـقـديـرئي مارائيندي آهي. ناڪامين، مجبورين ۽ مايوسين سان جنگ وڙهندي، وڙهندي! آخر اهو انسان زندگي جي جنگ هارائي ويهندو آ ۽ حالاتن کان مجبور ٿي آخر انسان موت جو رستو اختيار ڪندو آ. اگر انسان جيئڻ به چاهيندو آهي ته سندس جيئڻ جا سڀ رستا بند ٿي ويندا آهن ۽ هـُو جـِي نه سگهندو آهي. ڪِــن جو موت پيڇو ڪندو آهي ته ڪـٿ ڪُـونڌر جوان ڪُـسجندا آهن، ته ڪٿي وري پڪا ۽ پوڙها، جڏا ۽ معذور، لاچار ۽ پيرسن پنهنجا سور ۽ صدما کڻي جيئندا آهن ۽ دعائون گهرندا آهن ته اهڙي زندگيءَ کان شل موت اچي ته چڱو آ. ڪٿي وري اهڙا انسان، موت جو راڪاس کنڀي ويندو آ. جن زندگيءَ ۾ اڃان ڪجهه ڏٺو ئي نه هوندو آ. جن جوانن جي مرڻ جي مُـنـد ئي نه هوندي آ. پر ڇاڪجي چون ٿا ته اها به تـقـديـرآ. خبر نه آهي ته هي تـقـديـرجو ڪهڙو بابُ آ، جيڪو سمجهه کان ٻاهر آ. ڪٿي جڏا، معذوري، مجبوري، بُک ۽ بدحالي ۾ جيئن ٿا ته ڪٿي وري گــُل جهڙي جواني وارا جوان، جن جو جوڀن بهار جي مستيءَ ۾ هوندو آ، اُهي اوچتو ئي اوچتو موت جي ور چڙهي ويندا آهن. يا خُدا هي ڪهڙو ويڌن آ ۽ هي ڪهڙي ماجرا آ. ڪـٿ ڪُـنوارين کان سندن ڪـوُنـڌر، موت تـقـديـربڻجي کسي ويندو آ ته ڪٿي گهوٽ ۽ ڪنوار ٿيڻ جا خواب اڌورا رهجي ويندا آهن. ڀٽائي صاحب موت جي ان اوچتي الميي کي پنهنجي شاعري ۾ هيئن بيان ڪيو آهي. شــل موت! تو ۾ پوي مـوتُ، تون جو آئين اوچتو- گــهــڻا ئـــــي ڪُــــونـڌر گـهــايــئي، ارڏا ۽ اڻـــمــــوٽ- لاڙو ڪــــــرين ها لــطيـفُ چئي، ڪانه پوي ها کوٽ- گــهايئي اهڙا گهوٽ، جَـنـِـيـن مُـنـد نه هئي مرڻ جي- مرڻ کان اڳ ۾ سوچيم ته، نفي ۽ اثبات به سِکان پر خبر نه آهي ته ان منزل تي ڪيئن پهچبو. پر وري سوچيم ته خودڪشي ڪندي ئي شايد ماڻهو منهنجو جنازو نه پڙهن، ڇو جو خودڪشي حرام آ. ته پوءِ وري نفي ۽ اثبات ۾ فرق جي ڪري شايد منهنجي جسم کي غُسل ئي نه ملي. ماڻهو سوچين ٿا ته، شايد! مون به زندگي ۾ مايوسين ۽ مجبورين کانخودڪشي ڪئي آ. پر کين ڪهڙي خبر ته، مون ته مجاز جي مُحبّت سان عشق الاهي جي منزل ماڻي ورتي آ. منهنجي زندگيءَ جو مقصد پورو ٿي چڪو آ. منهنجي سفر واري منزل مونکي ملي چڪي آ ۽ هاڻي اڳتي سفر ڪرڻ اجايوآ. چون ٿا ته عشق الاهيءَ کي پائڻ ڪو سولو نه آهي. ان لاءِ مجازي مُحبّت ڪرڻ لازمي آهي. ڇو جو مجاز پڙهي مُحبّت ۽ عشق ٿيندو آ ۽ عشق جڏهن پنهنجي انتها تي پهچندو آ ته پوءِ پُـوڄا ۽ عبادت بڻجي ويندو آ. زندگيءَ کان مايوس ٿي، موت ڏانهن وک وڌائي رهيو هئس... ته هڪ پٿر زور سان منهنجي پيرن اڳيان اچي پٽ تي ڪريو...مان خوف مان ڊڄي ويس....پٿر ڪرڻ سان ٻه اڌ ٿي پيو هو..جنهن مان هڪ ڪيڙي نُمان جيت ظاهر ٿيو....جيڪو ڪجهه کائي رهيو هو....۽ بلڪل چرندڙ ڦرندڙ زنده هو....منهنجي ضَمير مونکي بيداري ۽ مايوسيءَ جي ننڊ مان جنجهوڙي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي...۽ ڄڻ ائين چوندو هجي ته ڏس الله پاڪ ته پٿر جي اندر ڪيڙي کي به رزق ۽ روزي ڏئي ٿو ۽ زنده رکي ٿو...پوءِ اي بندا! تون ته انسان آهين.... آخر ايتري مايوسي ڇو؟ ڇا تنهنجو الله ۾ يقين نه آهي....ائين مان زندگي اجهائڻ جو ارادرو ترَڪ ڪري....الله جو نالو وٺي، خوش زندگي گذاري رهيو آهيان..... ۽ اميد ڪيان ٿو ته منهنجي جيون ڪٿا پڙهي، خودڪشيءَ ڪرڻ وارا هٿ.....رُڪجي ويندا..... ۽ خدا جي ڏنل زندگيءَ جهڙي انمول تحفي جو شڪر ادا ڪندا...... آمين.....