khadimghirano
سينيئر رڪن
غزل ڍول گھراڻو
اوپري اڄ ته ڪيڏو ٿي پنهنجو لڳين
نيڻ ويندين جڏهن مرڪي مو ڏي کئين .
نيڍ تنهنجي نگاهن ۾ نينهن جي هئي
ناز نوڙت ادا وار ويري ڪئين .
سوچ ساگر جو سمنڊ آ تڙپي پيو
ٿي عڪش اندر جي مندر ۾ ڇپجي وئين .
شال خوش رهو مٺي دل ڏيئي ٿي دعا
مرڪندي مهڪندي گلن جيئن پئي کلين .
روح زخمي ڪئي ته به شڪوه نه آ
ڪا يادِ سوغات جي سوکڙي ٿي لڳين .
وقت جي مهر تي ڍول حيران آ
پر هير هڳائن ڀري رات رولي وئين .
اوپري اڄ ته ڪيڏو ٿي پنهنجو لڳين
نيڻ ويندين جڏهن مرڪي مو ڏي کئين .
نيڍ تنهنجي نگاهن ۾ نينهن جي هئي
ناز نوڙت ادا وار ويري ڪئين .
سوچ ساگر جو سمنڊ آ تڙپي پيو
ٿي عڪش اندر جي مندر ۾ ڇپجي وئين .
شال خوش رهو مٺي دل ڏيئي ٿي دعا
مرڪندي مهڪندي گلن جيئن پئي کلين .
روح زخمي ڪئي ته به شڪوه نه آ
ڪا يادِ سوغات جي سوکڙي ٿي لڳين .
وقت جي مهر تي ڍول حيران آ
پر هير هڳائن ڀري رات رولي وئين .