ممتاز قريشي
سينيئر رڪن
اَفلا تَعقِلُونَ ڇا توهان عقل نٿا رکو (القرآن)
هن تحرير جو مقصد عام ماڻهن تائين آيوڊين مليل لوڻ جا نقصان ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ بيمارين بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن معاشري جو هر هڪ فرد هڪ سٺي صحتمند زندگي گُذاري سگهي۔
پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن کان بين الاقوامي اداري يونيسيف پاران هڪ زوردار مهم هلي رهي آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا کي استعمال ڪندي هر خاص ۽ عام کي آيوڊين مليل لوڻ جي استعمال جي صلاح ڏني پئي وڃي. هن پبلسٽي جو سڄو خرچ يونيسيف برداشت ڪري رهيو آهي.هن تحرير جو مقصد عام ماڻهن تائين آيوڊين مليل لوڻ جا نقصان ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ بيمارين بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن معاشري جو هر هڪ فرد هڪ سٺي صحتمند زندگي گُذاري سگهي۔
آيوڊين مليل لوڻ جي استعمال ڪرائڻ جو اهم سبب گلي جي هڪ بيماري گوائيٽر ( Goitre) ٻڌائي ويندي آهي. جنهن کان بچڻ لا هن قسم جي لوڻ جو استعمال نهايت ضروري قرار ڏنو وڃي ٿو. حد ته اها آهي ته نئين ڄاول ٻار کان وٺي تقريبن هر عمر جي فرد کي هن لوڻ جي لاڳيتي استعمال لا تلقين ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ڳالهه جو ڪو به خيال نٿو ڪيو وڃي ته آيوڊين مليل لوڻ جي ان فرد کي ضرورت آهي به يا نه...!؟؟
اسان سڀني کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته انساني جسم کي آيوڊين جي ضرورت ايتري نه هوندي آهي جيتري استعمال ڪرائڻ لا زور ڀريو وڃي ٿو...!! هڪ عام انسان کي آيوڊين جي تمام ٿورڙي مقدار کپندي آهي جيڪا 100 مائيڪرو گرام روزانه کان وڌيڪ نه آهي. 100 مائيڪروگرام آيوڊين روازنو جو مطلب اهو آهي ته هڪ گرام جو ڏهون هزارون حصو...!! ٻين لفظن ۾ چانهه جي جي هڪ چمچي جي برابر آيوڊين سڄي زندگي جي ضرورت لا ڪافي هوندو آهي....!!
اڪثر ماڻهن کي آيوڊين جي اها مقدار خوراڪ جي مختلف شين مان ملي ويندي آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آيوڊين جي تمام ٿوري مقدار لوڻ، کير سان ٺهندڙ شين ، ڊبل روٽي ، بسڪيٽ ۽ وٽامن مليل شين ۾ شامل ڪئي ويندي آهي جنهن جيڪري جسم ۾ آيوڊين جي گهٽتائي نه ٿيندي آهي پر جن ماڻهن جي خوراڪ ۾ آيوڊين ڀاڄين ۽ مڇين وغيره جي صورت ۾ پهرين کان ئي شامل هجي ، اُهي آيوڊين جي زيادتي/ گهڻائي جو شڪار ٿي مختلف مهلڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.
مثال طور:
- بلوغت ۽ حمل دوران به ٿارائيڊ گلينڊ وڌي سگهي ٿو.
- گريوز ڊزيز (Grave's Disease)
- هاشيموتوز ٿارائيڊائيٽس (Hashimotos's Thyroiditis)
- اينٽي ٿارائيڊ دوائون مثال طور: ڪاربي ميزول ، ميٿاميزول ، پروپائيل ٿايو يوريڪل وغيره.
- اهي دوائون جن ۾ آيوڊين مليل هجي. مثال طور: کنگهه جا شربت وغيره.
- سويابين ۽ CASSAVA.
- ريڊلز ٿارائيڊائيٽس (Reidel's Thyroiditis)
- سيپٽڪ ٿارائيڊائيٽس (Septic Thyroiditis)
- مختلف قسم جون رسوليون يعني ايڊينوما، ڪينسر جا مختلف قسم ۽ لمفوما (Lymphoma)
- مختلف بيماريون مثال طور: سارڪوڊوسز (Sacoidosis)، ٽي بي وغيره.
هلندڙ......
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: