هڪ ڀيري هڪ فقير جهنگل مان لنگهي رهيو هو ته رستي ۾ سندس نظر ڪانوَ جي ٻچڙي تي پئي جيڪو بک ۾ بيحال نظر اچي رهيو هو.ايتري ۾ هڪ باز آيو جنهن جي چنبن ۾ گوشت جو ٽڪرو هو.اهو باز اهوگوشت ڪانوَ جي ٻچڙي کي کارائن لڳو.فقير هي لقاءُ ڏسي ڏاڍو حيران ٿيوته باز پکين جو دشمن هوندو آهي پرهتي هي ڪانوَ جي ٻچڙي کي گوشت کارائي رهيو آهي. واقعي الله ڪيڏو نه ٻاجهارو آهي هو چاهي ته دشمن هٿان به روزي ڏياري سگهي ٿو.فقير سوچيو ته جيڪڏهن الله بنا هٿ پير هڻڻ جي رزق ڏئي ٿو ته ڇونه آئون به ايئن ڪريان.اهو سوچي فقير هڪ وڻ هيٺان ويهي رهيو.پر ڪوبه سندس مدد جي لاءِ نه آيو ۽ سج لهي ويو رات ٿي وئي وري صبح ٿي ته به فقير انهي اميد تي اتي ئي ويٺل رهيو ته الله ضرور ڏيندو،اهڙي ريت ٻه ڏينهن ٻيا به ائين ئي گذري ويا.فقير بک ۾ پاهه ٿي رهيو هو سچيائين الله منهنجي مدد ڇونه ٿو ڪري؟سوچيندي سوچيندي هي سمهي پيوخواب ۾ هن هڪ بزرگ کي ڏٺو جيڪو کيس چئي رهيو هو ته تو باز کي به ڏٺو جيڪو محنت ڪري کائي ٿو ۽ ڪانوَ جي ٻچي کي به ڏٺو جيڪو باز جو محتاج آهي،پوءِ تو کي باز جو خيال ڇونه آيو؟تو ته ڪانوَ جي ٻچي جهڙو ٿيڻ پسند ڪيو .تون انسان آهين توکي باز جو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي،مهنت ڪري پاڻ به کاءُ ۽ پاڻ کان ڪمزور ماڻهن کي به کاراءِ.اوچتو فقير جي اک کلي وئي هاني هن فيصلو ڪري ورتو ته اڳتي هو محنت ڪري کائيندو ۽ ڪنهنجي به آڏو هٿ به ٽنگيندو.ٻارو اوهان به ٻين تي ڀاڙڻ بدران هر ڪم پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪندا ڪريو.