هڪ هاري جو پٽ راند روند ۾ پنهنجو قيمتي وقت اجايو وڃائيندو رهندو هو، پيءُ ڏاڍو سمجهائيندو هوس،پر هن پنهنجي عادت نه بدلائي..نيٺ پيءُ کي هڪ ڏينهن هڪ ترڪيب سُجهي آئي ۽ هڪ ڏينهن هو کيس ٻنيءَ تي ساڻ وٺي ويو.چيائينس پٽ ٻني مان وڏيون وڏيون ڦريون چونڊي پٽي اچ پر شرط هي آهي ته سڌو سڌو وڃڻو آهي پوئتي ناهي ڏسڻو.جلدي وڃ ڦريون پٽي اچ ته گهر هلي اهي سيڪي کائون.پٽ شوق سان ٻني ۾ وڃي ڦريون پٽڻ لڳو.پر ڇا ڏسي هتي ته هر پاسي پڪل ڦريون هيون کاٻي ساڄي اڳيان پٺيان وغيرهه.پر هن سوچيو اڳتي ٿي سگهي ٿو اڃا وڌيڪ پڪل ڦريون ملي وڃن ،ائين سوچي هو اڳتي وڃڻ لڳو.۽ وڃي ٻني جي آخري ڇيڙي وٽ پهتو.پر اتي ڪابه پڪل ڦري نه هئي.سندس دل ۾ خيال آيو ته موٽي وڃي ساڳي هنڌ تان پڪل ڦريون پٽي ،پر پوئتي نه ڏسڻ ۽ مڙڻ جو پيءُ شرط رکيو هوس..اهڙي ريت هو پشيماني سان خالي هٿين اچي پيءُ وٽ پهتو.پيءُ پڇيس ڇو پٽ ! ڦريون نه مليئه ڇا؟پٽ کيس سڄي رُوداد ڪري ٻڌائي ته هن پڪل ڦريون پٽڻ چاهيون پئي، پر لالچ ۾ اچي اڳتي وڌي ويو.جنهن تي پيءُ چيس چريا!ڏٺئه،تو پنهنجو قيمتي وقت ڪيئن نه وڃائي ڇڏيو هاڻي تون واپس وڃي ڦريون به نه ٿو پٽي سگهين.وقت جو به اهو ئي مثال آهي، تون جيڪو وقت هينئر راند روند ۾ وڃائي رهيو آهين سڀاڻي هي وقت موٽي ناهي اچڻو. تنهن ڪري جيڪو ڪجهه ڪرڻو اٿئي هاڻي ڪري وٺ.پٽ پنهنجي ڪِئي تي ڏاڍو لڄي ٿيو ۽ شرم کان پيءُ آڏو ڪنڌجهڪائي ڇڏيائين.پيارا ٻارو! سچ چيو اٿن ته ويل وقت ڪڏهن به واپس ناهي ايندو .اوهان به پنهنجي پڙهائي تي پورو ڌيان ڌيو ڇاڪاڻ ته هي وقت وري نه ايندو،پوءِ پڇٽائڻ کان سواءِ ڪجهه نه رهندو.