جيجل امڙ ۽ اسان جو رويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اڄ ماءُ جو دنيا ۾ ڏينهن ملهايو پيو وڃي ...ڏاڍي ڀلي ڳاله آ ان هستي کي جيترو مان ڏجي گهٽ آ
    اسان هن معاشري ۾ ڏينهن ڏينهن انهي مقدس مان واري رشتي کي وڃو ٿا تنگ ڪندا هر روز انهن لاءِ مشڪلاتون پيا وڌايون ايتري تائين جو اسان وٽ هي ايڌي خانن جو تصور به نه هو پر اڄ افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ان ايڌي جي مسافر خاني ۾ ههڙي هستي بي يارو مدد ..پنهنجا آخري ڏينه پئي ڳڻي..... شرم جهڙي ڳاله آ جو اولاد هوندي ...زالن جي چوڻ تي يا ڪنهن ٻي لالچ ۾ اچي ان سان ايڏو ناحق پيا ڪريون ۽ پاڻ کي وڏو معتبر به پيا سڏايون ....وڃي ڏسو ته هي ايڌي جا مسافر خانه ڪمزور نبل ۽ آخري ڏينهن گهاريندڙ امڙ ،ماءَ، جيجل سان ڀريا پيا آهن ڇا انهن جي اولاد نه هوندي يا انهن جو ڪو رشتيدار نه هوندو جو انهن جي ڪفالت ڪري ۽ انهن جو ڀرجهلو ٿي ...هي سڀ يورپ وارن جو ۽ انگريزن جو ڪلچر طريقو آ جو اڄ ماءَ جهڙي هستي بت بڻجي ايڌي جي قيد خانن ۾ بند آ ............ هي جاڳرتا جي ڏينهن جي نسبت سان مان اهو چوندس ته مذهب اسلام هنن شخصيت کي تمان گهڻو مانائتو ٻڌائي اسان کي هن هستي جي خدمت ڪرڻ جو گر ڏسيو آهي ايتري تائين جو هن جي پيرن هيٺا جنت آهي اهو چئي هن هستي کي اف به نه چوڻ جي تلقين ڪئي آهي مان دعوي! سان چوان ٿو ته جيترو قدر اسلام هن هستي کي ڏياريو آهي ڪو به ٻيو مذهب يا طور طريقو نه ٿو ڏيئي سگهي پر اسان غير مسلم جي پويان لڳي هنن جو مان مرتبو فنا ڪري ڇڏيو ....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اَي وڏي مان مرتبي ۽ عظيم حِڪمتَ وارا ربّ ڪريم،
    د نيا جي سڀني جيجل مـائِـرن کي هــمـيشه سـلامــت رک ته جيئن هميشه جنت اسان جي ويجهو رهي بلڪل اولاد جي دِ لـــيُـــن ۾، ڌرتيءَ جي هر حصي مان ماءُ جي ممتا جي خوشبوءِ جو هُڳاءُ اچي.
    جيئن گهر ۾ امڙ جي هر سَڏ ۽ سندس مُـرڪَـ تي محسوس ٿيندو اٿم ته ڄڻ ڪائنات خوشبوءِ ۾ واسجي ويئي آهي ۽ رب عظيم، انسان مان مايوس ناهي ٿــيو.​

    شال هميشه امڙيون سلامت رهن، آمـــــــين.


    اَي جـــــــيجـــــــل امـــــــان توکي منهنجو پــيــار ڀــريــو ســــــــلام، شال تنهنجو شفقت ڀريو سايو هميشه اسان مٿان قائِم رهي،
    آمــــيـــن.
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو