قومي تحريڪ جا ڌڙا متحد ٿين

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    قومي تحريڪ جا ڌڙا متحد ٿين

    فقيررمضان ڪلوڙ

    گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جسقم سربراهه عبدالواحد آريسر جا بيان اخبارن ۾ اچي رهيا آهن ته سڌي قوم متحد ٿئي ته حق ملي سگهن ٿا ۽ اهو به چيو اٿس ته آجپو هٿيارنه پر ماڻهو وٺي سگهن ٿا.

    مڃون ٿان ته پنج ڪروڙ سنڌي هڪ آواز ٿين ته سنڌ کي حق ملي سگهن ٿا ۽ سنڌ ۾ گهربل تبديلي اچي سگهي ٿي. بشرطيڪه ماڻهو پنهنجي حقن ۽ سنڌ امڙ خاطراٿي کڙا ٿين ان کان به پهريان ضرورت آهي ته سيد، سنڌ، بشيرخان جا قومي ڪارڪن به پاڻ متحد ٿين اهي ڌڙا ۽ گروپ ختم ڪن ۽ هڪ قومي پارٽي جوڙين سنڌي قوم هرحال ۾ سنڌي قومپرست تحريڪ سان هميشه گڏ بيٺل رهي آهي ۽ هينئر به گڏ آهي.

    ڪراچي ۾ جسقم جي فريڊم مارچ ۾ لکين ماڻهن جو گڏ ٿيڻ نشاني آهي هاڻي قومي قيادت تي ڇڏيل آهي ته سائين جي ايم سيد جي نظريه کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ ان جي ساڀيا لاءِ سڀ اختلاف، ويڇا وساري هڪ ٿين ته ايندڙ وقت سندن طرف دار آهي. جهڙي نموني بشيرخان سنڌي قوم وٽ جهر جهنگ، واهڻ وستي وڃي اتساهه پيدا ڪيو اهڙي ئي جدوجهد جي ضرورت آهي. حق جي آواز کي ڪير به جهڪو ڪري نه ٿو سگهي.

    سيد جا ڏنگا ٻار جيڪي روحاني طرح ڀائر آهن، انهن کي الڳ محاذن، گروپن، ڌڙن ۾ ورهائڻ سان جتي سنڌ جي سگهه ۽ يونٽي کي نقصان پهتو آهي تنهن ڪري گڏ ٿيڻ جي ضرروت آهي قومي تحريڪ جا اڳواڻ عبدالواحد آريسر کان وٺي صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ميرعالم مري، رياض چانڊيو، عبدالخالق جوڻيجو، ڊاڪٽرصفدرسرڪي ۽ ٻيا ناچارگي جا دليل پيش ڪندا آهن، الڳ گروپن ۽ محاذن کي جاري رکڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ذاتي انا جو مسئلو آهي پر ٿيڻ تي ايئن گهرجي جو بنا ڪنهن شرط جي جي سيد، بشير قريشي ۽ ٻين قومي شهيدن جي ڏنل قربانين کي ڏسي انهن جي رت رائگان نه وڃي ته سنڌ ديس جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ کپي، سيد جي عدم تشدد جي واٽ تحت سنڌ هميشه ٻاهرين تسلط کان آزادي پئي حاصل ڪئي آهي تاريخ ثابت ڪري ٿي ته آخر حق، فتح حق وارن کي نصيب ٿي آهي سنڌي حق تي آهن پنجاب سامراج کان به آزادي حاصل ڪري ويندا. سنڌي ۽ بلوچ اڄ مظلوم قومن جي قطار ۾ آهن ۽ مسلسل سامراج جي چنبي ۾ پيڙهجي رهيا آهن.

    قومي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اپيل آهي ته شهيدن جي پارٽي کي يڪجا ڪن ۽ پنهنجو عملن ڪردار ادا ڪن ته جيئن سنڌي قوم کي سامهون ايندڙ چئلينجز ۽ خطرن جيڪي مذهبي انتهاپسندي جي آڙ ۾ مندرن جي سڙڻ، لاشن جي بي حرمتي سنڌ جي هندن کي لڏائڻ سنڌ جي تشخص جي بچاءُ جهڙن مسئلن جو فوري حل ٿي سگهي ۽ سنڌ کي محبت جي مذهبي رواداري، اتحاد بني آدم جي امنگن تحت آجپو ڏيارجي جيئن سنڌ ۽ سڄو عالم امن ۽ عزت سان جي سگهي. اهو ئي سنڌ جو پيغام آهي جنهن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي.


    ليکڪ: فقيررمضان ڪلوڙ ميرپورماٿيلو

    03063362034
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو