منصور سرور
سينيئر رڪن
پنڌ ڪندي جي ڌڪو کاڌم،
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم،
پيار منجهان ٿي ڀاڪر پاتم.
منهنجي امڙ!
ننڊ ڦٽي مون جڏهن ٿي پيئي،
ڪنهن ٿي سمهاريو لولي ڏيئي،
ڇڏي نه مون کي ڪيڏانهن ويئي.
منهنجي امڙ!
وڌي جڏهن آءُ وڏو ٿيندس،
سک سوين آءُ تو کي ڏيندس،
تو تي پنهنجو ساهه ڇڏيندس.
منهنجي امڙ!
تو ڪئي مون سان آهي ڀلائي،
تنهن لئه ڪريان شڪر سدائي،
مور نه وسري تنهنجي چڱائي.
منهنجي امڙ!..........
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم،
پيار منجهان ٿي ڀاڪر پاتم.
منهنجي امڙ!
ننڊ ڦٽي مون جڏهن ٿي پيئي،
ڪنهن ٿي سمهاريو لولي ڏيئي،
ڇڏي نه مون کي ڪيڏانهن ويئي.
منهنجي امڙ!
وڌي جڏهن آءُ وڏو ٿيندس،
سک سوين آءُ تو کي ڏيندس،
تو تي پنهنجو ساهه ڇڏيندس.
منهنجي امڙ!
تو ڪئي مون سان آهي ڀلائي،
تنهن لئه ڪريان شڪر سدائي،
مور نه وسري تنهنجي چڱائي.
منهنجي امڙ!..........