نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ پرائمري ڪلاس جي استاد پنهنجي شاگردن کي هڪ راند کيڏڻ لاءِ همٿايو …
کين چيائين ته سڀاڻي اوهان مان هر هڪ پنهنجي گهران هڪ ٿيلهي ۽ ان ۾ ڪجهه ٻٽالون کڻي اچي، هر هڪ ٻٽالوءِ تي هڪ نالو لکيو ويندو جنهن سان اوهين سڀ کان گهڻي نفرت ڪريو ٿا.
جيترا جنهنجي ٿيلهيءَ ۾ ٻٽالا هوندا سمجهبو ته هو اوترن ماڻهن کان نفرت ڪري ٿو.
ٻيو ڏينهن ٿيو ته هر هڪ شاگرد پاڻ سان ٿيلهيءَ ۾ ڪجه ٻٽالا کڻي آيو، ۽ هرهڪ تي هو انهن ماڻهن جا نالا لکي آيو جنهن سان هو نفرت ڪندو هو.، ڪجهه جي ٿيلهيءَ ۾ هڪ ته ڪنهنجي ٿيلهي ۾ ٻه ته ڪنهن وٽ ٽي ۽ ائين ڪيترن جي ٿيلهين ۾ پنج پڻ هئا ...
استاد شاگردن کي چيو ته هو اهي ٻٽالا پاڻ سان هڪ هفتي تائين گڏ کڻي گهمن، ايتري حد تائين جو هو جڏهن پائخاني ۾ وڃن ته به ساڻ کڻي وڃن.
ڏينهن گذرڻ شروع ٿيا ۽ پٽاٽن جي ڌپ سبب ۽ جن وٽ گهڻا هئا سي ڌپ سان گڏوگڏ بار سبب دانهون ڪرڻ لڳا پر جيئن ته هفتي جي راند هئي انڪري هفتي تائين انهن کي ائين ڪرڻو هو...
هفتو گذريو ته محترم استاد، پنهنجن شاگردن کي ٿيلهيون اڇلائڻ لاءِ چيو ۽ سوال ڪيو ته ” اوهانکي اهي ٻٽالا هفتو پاڻ سان کڻي گهمڻ دوران ڪيئن لڳو؟“ شاگردن پنهنجي اندر جي باه ڪڍندي پنهنجي پريشانيءَ کي ٻڌايو جا هو پورو هفتو هر هنڌ سڙيل بوءِ وارا ٻٽالا کڻي ٿي هليا.
استاد پنهنجي چهري تي مشڪ آڻيندي هن راند جي پويان لڪل مقصد ٻڌائيندي چيو؛ ” بلڪل هي اها ئي حالت آهي جيئن اوهان پنهنجي دلين ۾ ڪنهن جي لاءِ ڪا نفرت کڻي گهمندا آهيو، اها نفرت اوهانجي دلين کي به سڙيل ۽ بدبودار ٺاهي ڇڏيندي آهي ۽ اوهين اها سڙيل ۽ بوءِ واري دل هر هنڌ کڻي گهمندا آهيو، ۽ جڏهن اوهان اهي سڙيل ۽ بوءِ وارا ٻٽالا هڪ هفتو پاڻ سان کڻي هلڻ ۾ پريشان ٿيا آهيو ته تصور ڪريو جڏهن اوهين اها نفرت عمر ڀر پاڻ سان کڻي هلندا ته اوهانجي اندر جو حال ڇا ٿيندو؟

حاصل مقصد؛
پنهنجي دلين کي صاف رکو ۽ ان مان نفرت جهڙو بدبودار ۽ سڙيل ٻوٽو پٽي ڦٽو ڪريو ته جيئن اوهين ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ۽ ڪامياب ٿي سگهو ...
”ٻين کي معاف ڪرڻ سڀ کان وڏو ثواب آهي“ سٺن سان چڱائي ۽ پيار ته هرڪو ڪندو آهي برن سان چڱائي ۽ پيار ئي اصل چڱائي ۽ پيار آهي ...“