هڪ ڪلارڪ جي بادشاهي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سڀاڻي اسانجو ميٽرڪ جو نتيجو اچڻ وارو هو ،سڄو پاڙو هن فڪر ۾ ورتل هو ته ڪير پاس ٿيندو ۽ ڪير فيل ؟آئون ته کڻي پريشان هيس پر مونکان وڌيڪ منهنجي گهر وارن کي ڳڻتي هئي سندن راتين جي ننڊ حرام ٿي وئي هئي .آئون ته روز نماز ۾ صرف هڪ ئي دعا گهرڻ لڳو هئس ته موليٰ سائين پت رکجان.ٻين جو ته خير هو پر سڀني کان وڏي مصيبت منهنجو جو مامو هو جيڪو خاص ڪري نتيجو ڏسڻ لاءِ ڪراچي کان لاهور اچي پهتوهو.جنهن کي هي به سمجهه نه هئي ته اهو ساڳيو ئي نتيجو ڪراچي ۾ ئي ملي ويندو.پوءِ هرو ڀرو لاهور لاءِ ڀاڙو وڃائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.وڏي ڳالهه ته امتحان جي ڳڻتي کيس ايڏي ‎هئي ڄڻ امتحان ‎ ڏنو ئي هن هو .‎ هر هر ٿي پڇيائين ته ڇورا پيپر ته صحيح ڪيا اٿئي نه ؟انگريزي جو پيپر ڪيئن رهيو؟آخر ۾ وري لالچ به ڏنائين ٿي ته جيڪڏهن پاس ٿي وئين ته هو هڪ سهڻي گهڙي انعام ڏيندوسانءِ.

    منهنجي حالت خراب هئي ڄڻ سولي تي لڙڪي رهيو هوس.سڄي رات جاڳي گذاريم. رات جو 12 وڳي اخبار جو ضميمو اچڻو هو پر بد قسمتي سان ڪوبه اخبار وارو نه آيو.نيٺ صبح جو سوير اٿي سوچيو ته پاڻ ئي ڪٿان اخبار هٿ ڪجي ڇا ڏسان ته مامو باٿ روم ۾ تڙ ڪري رهيو هو .اهو ڏسي ڄڻ منهنجي ته ڄڻ پيرن هيٺان زمين نڪري وئي…ياالله هي ته اٺين کان اڳ ۾ اٿندو ئي ناهي اڄ هن جي 4 وڳي اک ڪيئن کلي وئي؟خير آئون پنهنجن حواسن تي ضابطو آڻيندي قرباني جو ٻڪر بڻجڻ لاءِ تيار ٿي ويس.مامي ڀاٿ روم مان نڪري چيو آئون اخبار وٺڻ ويندس تونن پنهنجو رول نمبر ٻڌاءِ.مون کيس پنهنجي هڪ هم ڪلاسي جو نمبر ڏئي ڇڏيو.جنهن جي باري ۾ رپئي جا 16 آنا پڪ هئي ته هو ڪڏهن به فيل نه ٿو ٿي سگهي.اڌ ڪلاڪ کن مس گذريو ته ٺڪاءَ سان در کليومامو خوشي ۾ کُٿو نه ٿي ماپيو.وڏي واڪي اعلان ڪندو آيو ته منهنجو ٻچو فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ٿيو آهي امان ڀينر مطلب سڀئي گهر ڀاتي مون کي مبارڪون ڏيڻ لڳاجڏهن ڪجهه ٺاپُر ٿي ته آئون اخبار کڻي پنهنجو نمبر ڳولڻ لڳس.جنهن ۾ رول نمبر هو ئي ڪونه…پر مون پنهنجو منهن هرگز ڀيلو ٿيڻ نه ڏنو ۽ ايئن ئي گهر وارن سان گڏ کلندو رهيس.مامي بازار مان مٺائي گهرائي چيائين کاءُ … شام تنهنجي دوستن کي منهنجي طرفان دعوت آهي.سڄي پاڙي ۾ هي ڳالهه هُلي وئي ته هاشم جو پٽ پهريون نمبر آيو آهي.ائون سوچڻ لڳس ته جيڪڏهن دوستن مان ڪنهن راز وائکو ڪيو ته آئون ته ٻڏڻ جهڙو ٿيندس.

    ايتري ۾ بابي سان گڏ سندس هڪ دوست حڪيم صاحب اخبار هٿ ۾ کڻي گهر آيو چيائين ادا مبارڪ هجيوَ منهنجو ڀاڻج فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ٿيو آهي هي ٻڌندي ئي مامو ڇرڪي پيو ”اي ڇا پيو چوين پهريون نمبر ته اسان جو ڇوڪر آيو آهي.“مامي پڇيس.نيٺ حڪيم صاحب مونکان پڇيو تنهنجو نمبر ڇاهي مون کيس پنهنجو اصل نمبر ٻڌايو ڇو ته هاڻي ان کان سواءِ ٻيو ڪو به چاڙهو نه هو .حڪيم صاحب چيو هي نمبر ته ڪٿي به ناهي جنهن تي منهنجا سڀ گهر وارا پريشان ٿي ويا…پوءِ ڇاٿيو ؟ اهو نه پڇو ته بهتر..ڇو ته جڏهن هوش آيس ته ڪمري ۾ نه تحفا هئا نه ئي اها گهڙي3 جيڪا مامو مون لاءِ وٺي آيو هو .
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو