• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تاريخي مسجد اروڙ هڪ رپورٽ

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
تاريخي مسجد اروڙ هڪ رپورٽ​

ادا سائين ( ممتاز ) ان مقام کي ستين جو آستان ڇو ٿو چئجي يا ستن سهيلين جو مقام به چئجي ٿو، هن وڊيو ۾ ان مطلق ڪا خاص معلومات ناهي ۔۔۔ جڏهن ته تاريخ جي حوالي سان ان مقام ۾ مير عبد القاسم نمڪين سن 103 هجري ۾ بکر جي حڪمران ۽ انجي خاندان جون قبرون آهن ۔۔۔

بهرحال هي ته وري به قبرستان آهي پر اوهان پاڻ ئي جيڪا خدا آباد واري مسجد جي حالت ڏيکاري جنهن ۾ هن وقت به نماز پڙهائي ٿي وڃي سا هن کان به وڌ ڏکوئيندڙ هئي ۔۔۔ آءُ ته چوانٿو ته اسان سڀني دوستن، وس وارن کي گڏجي سڏجي هڪ خدا آباد مسجد بچايو ڪاميٽي ٺاهي، هڙان وڙان ۽ وس وارن حڪمرانن کي شرمائي سهڪار حاصل ڪري ۽ ڪئي حيلا هلائي ان مسجد جي تعمير ڪرائي وڃي ۽ انکي اصل حالت ۾ آندو وڃي ۔۔۔ بلڪ آءُ ته اپيل ڪندس انهن تنظيمن کي جي سنڌ پرست سڏائن ٿيون ۽ مذهبي تنظيمن کي ته اڳتي اچن ۽ پنهنجي ورثي کي بچائن ۔۔۔۔۔۔نثار ابڙو ۔۔۔۔۔۔۔]


ادا ابڙا صاحب توهان سچ چيو آهي ته قبرستان ته وري به قبرستان آهي، مگر الله جي گهر مسجد کي آباد ڪرڻ گهرجي، ادا خدآباد واري مسجد ته وري به ڪجهه نه ڪجهه ڏسڻ جهڙي ته نظر اچي ٿي، مگر اروڙ واري مسجد ( جنهن شهر لاء علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو چوڻ آهي ته اروڙ ۽ سيوهڻ ته سنڌ جا اهي شهر آهن جيڪي اسلام کان به اڳ جا آباد هئا۔) جنهن جي وڊيو هيٺ ڏيان ٿو اها ته بلڪل شهيد ٿي چڪي آهي، ۽ نمازي ويچارا کليل آسمان هيٺان نماز ادا ڪري رهيا آهن۔ جنهن طرف حڪومت جو ڪو به ڌيان ڪونهي جڏهن ته ٻين ڪيترين غير ضروري شين تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃڻ

http://www.youtube.com/watch?v=AFD82DcVBiA&feature=related
 
جواب: تاريخي مسجد اروڙ هڪ رپورٽ

الله اڪبر،
هنَ تاريخي مسجد جا ته بس آثار ئي آهن، باقي ته سڀ ڪجه ختم ٿي چڪو آهي ۔۔۔ افسوس آهي وس وارن جي بي حسيءَ تي ۔۔۔ هن مسجد کي ته ٺاهڻ لئه نئين سري سان سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو ۽ وس وارن جي رات جي جامن جا خرچ ختم ٿين ته کين آخرت نظر اچي ۽ ڪي ڀلي جا ڪم ٿين ۔۔۔

انڌن ٻوڙن ۽ گونگن جي ڌرتيءَ تي سچ ڪير چئي ۽ ڪير ٻڌي؟

انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔
 
Back
Top