• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

علام آءِ آءِ قاضي

منصور سرور

سينيئر رڪن
علم جو سج علامه آءِ آءِ قاضي

گلزار ڪلهوڙو پاٽائي


مڪمل نالو: امداد علي ولد امام علي قاضي
مشهور نالو: علام آءِ آءِ قاضي
ذات: انصاري
پيدائش جي تاريخ: 9 اپريل 1886ع

Alama-II-Qazi.jpg

جنم جو هنڌ: پاٽ شريف تعلقو ۽ ضلعو دادو
ننڍپڻ ۾ انتهائي سٻاجهڙو ۽ سلڇڻو هو

تعليم: ابتدائي تعليم حيدرآباد جي هڪ ماهر استاد آخوند عبدالعزيز جي مڪتب ۾ حاصل ڪيائين 8 سالن جي ڄمار ۾ قرآن پاڪ پڙهي مڪمل ڪيائين.

1904ع ۾ سنڌي فائنل ۽ 1905ع ۾ خانگي طور تي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ داخل ڪيو ويو.

1906ع ۾ کيس علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ داخل ڪيو ويو.

1907ع ۾ کيس لنڊن روانو ڪيو ويو، جتي هڪ سال تائين اقتصاديات جو اڀياس ڪيائين ۽ ٻئي سال کيس لنڊن جي اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ داخلا ملي وئي ۽ اتان جي ماهر استادن ڊاڪٽر آرنلڊ، پروفيسر هابهائوس ۽ شيخ گوما، سندس گهڻي رهنمائي ڪئي.

1909ع ۾ خانگي طور تي ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو جتي ڊاڪٽر برائون کان به فزڪس، نفسيات، بائلاجي ۽ ٻين مضمونن جي تعليم حاصل ڪيائين.

1910ع ۾ علامه صاحب هڪ جرمن ڇوڪري ”مس ايلسا“ سان شادي ڪئي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پائي جي ليکڪا ۽ شاعره هئي. لنڊن ۾ رهڻ دوران علامه صاحب جي لکيل ڪتاب ”ڀُورِي ڇوڪري خدا جي تلاش ۾“ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي.

1911ع ۾ علامه صاحب لنڪس ان مان بارائٽ لا جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ واپس سنڌ موٽيو، ۽ هتي سنڌ جي رهڻ دوران به مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين ۽ ڪجهه عرصي بعد وري پرڏيهه هليو ويو. ۽ 1919ع ۾ وري سنڌ موٽي آيو ته کيس دادو ۾ ميونسپل ڪمشنر ۽ نوشهري فيروز ۾ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ 1921ع ۾ کيس ڪجهه وقت لاءِ ٽنڊي محمد خان جو مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو ۽ بعد ۾ حيدرآباد ۽ خيرپور ميرس ۾ سيشن جج جون ذميواريون سنڀاليائين.

1922ع ۾ رياست جو ”ايگزيڪيوٽو ڪائونسل“ جو هوم ميمبر ٿيو. رياستي اختيارين جي عدالتي معاملن ۾ مداخلت سبب استعيفيٰ ڏنائين ۽ وري لنڊن واپس ويو. 1924ع ۾ انگلينڊ جي شاعريءَ واري سوسائٽيءَ جو نائب صدر چونڊيو ويو. ”مشرقي شاعري ۽ غزل جو مقام“ جي عنوان تي لکيل سندس مضمون کي تمام گهڻو ساراهيو ويو.

1925ع ۾ وري سنڌ ڏانهن واپس وريو ۽ جناح ڪورٽس ڪراچيءَ جي مسجد ۾ پيش امام ٿي هر جمعي تي خطبو پڙهندو رهيو. سندس اثرائتي خطبي ٻڌڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿيندا هئا.

1929ع ۾ پاڻ حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ پاڻ ڪجهه عرصي لاءِ پبلڪ پراسيڪيوٽر به رهيو.

1931ع ۾ علامه صاحب هتان جي حالتن کان بدظن ٿي ٻيهر انگلستان هليو ويو. 1935ع ۾ ڏيهه وريو ۽ مولانا ظفر علي خان جي سهڪار سان ڪراچيءَ ۾ انجمن تبليغ اسلام جي نالي سان تنظيم قائم ڪيائين. علامه صاحب ڀٽائي سائين جو به وڏو پارکو ۽ شارح هو هن شاهه سائين جي شاعري تي تحقيق ڪري نئين انداز ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو.

1951ع ۾ علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو. هن کان پهرين هيءَ يونيورسٽي ڪراچي ۾ هڪ الحاقي ۽ امتحاني اداري وانگر ڪم ڪندي هئي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي ڪوشش سان سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچيءَ کان ڄامشوري منتقل ڪيو ويو. سائين جي ايم سيد، علامه دائود پوٽي ۽ ڊاڪٽر گر بخشاڻي جي خوابن جي تعبير کي علامه صاحب ممڪن بڻايو.

1959ع ۾ علام آءِ آءِ قاضي، ايوب جي دور حڪومت ۾ تعليمي ادارن ۾ فوجي مداخلت سبب پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني، علامه صاحب علم، ادب، فڪر، فلسفي، علم نجوم، موسيقي، آرٽ، شاعري ۽ تصوف سميت ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي ليڪچر ڏيندو هو. سندس تقريرون، خطبا، ليڪچر ۽ خط بهتر سماج جوڙائڻ لاءِ مشعل راهه آهن. پاڻ سادگي پسند انسان هو. سندس وفات 13 اپريل 1968ع ۾ ٿي، سندس آخري آرام گاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ آهي ۽ سندس ڀرم ۾ سندس گهرواري مسز ايلسا قاضي جي مزار آهي. اڄ به سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد، استاد ۽ ساڃاهه وند ماڻهو سندس آخري آرام گاهه تي حاضري ڀريندا آهن ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪندا آهن. 46هين ورسي جي مناسبت سان
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top