قاضي علي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ڏيپلي جو علم پرور ۽ ادب دوست

    ڊاڪٽر آفتاب ابڙو

    علم جي حوالي سان، سنڌ جو سونهري دور سمن جو ليکيو وڃي ٿو. جنهن ۾ اهڙا ته عالم پيدا ٿيا، جن ننڍي کنڊ کان سواءِ ايران، افغانستان ۽ سينٽرل ايشيا ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. ان دور ۾ ’بوبڪ‘ شهر کي وڏو شرف حاصل هو، جو مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جهڙا عالم اتي پيدا ٿيا. بقول ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”ڏکڻ ايشيا ۾ تعليم جي تدريس بابت پهريون ڪتاب مخدوم جعفر ’نهج التعلم‘ 1558ع ۾ لکيو. ان وقت يورپ ۾ تعليم جو ڪوبه سرشتو قائم نه هو“. اصل ۾ اهو ڪتاب عربيءَ ۾ لکيل هو، جنهن جو نسخو هاڻي ناپيد آهي. ان کان پوءِ ڪنهن ان جو ترجمو ’حاصل النهج‘ جي نالي سان فارسي ۾ ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران 1993 ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ان تعليمي شعور جو اثر اهو ٿيو جو 1950 تائين بوبڪ ۽ ڀر پاسي (ٽلٽيءَ ۽ پاٽ) ۾ تعليم جو تناسب 98 سيڪڙو هو. وقت جو وڏو فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ناليوارو محقق ۽ تعليمي ماهر شمس العلماء علامه عمر بن محمد دائود پوٽو ان سرزمين جي پيداوار آهن. ان کان علاوه ارغونن جي ڏاڍاين سبب جيڪي عالم ۽ فاضل سنڌ ڇڏي ڪڇ، ڀڄ ۽ برهان پور ويا، تن اُتي سنڌ جو نالو روشن ڪيو. تفصيل لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو ڪتاب “برهان پور ڪي اولياء” پڙهڻ گهرجي.

    جديد تعليم جي حوالي سان اهو شرف ’ڏيپلي‘ کي نصيب ٿيو، جتان هزارن جي تعداد ۾ عالم، آفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ اعليٰ عملدار پيدا ٿيا، جن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو. ڏيپلي ۾ تعليم ۽ سماجي سجاڳيءَ جي جوت جلائڻ وارن ۾ مکيه ماڻهو ٽي آهن: سائين ابو طالب، قاضي علي محمد ۽ محمد عثمان ڏيپلائي. سائين ابو طالب شهر ۾ پرائمري تعليم جو بنياد مضبوط ڪيو، جنهن ۾ قاضي علي محمد ساڻس گڏ هو. جڏهن ته محمد عثمان ڏيپلائي، قاضي صاحب جو هم ڪلاسي ۽ همعمر هو. ٻئي 1908 ۾ پيدا ٿيا. علمي ڪمن ۾ گڏ هوندا هئا. پوءِ سائين عثمان اچي 1942 ڌاري حيدرآباد وسائي ۽ صحافت ۾ نالو ڪڍيو .

    قاضي علي محمد ڏيپلي ۾ پيدا ٿيو. قاضي صاحب رواجي تعليم ڏيپلي مان حاصل ڪئي. ڪل ڇهه درجا پڙهيو. ڏيپلي ۾ ان وقت وڌيڪ پڙهڻ جو ڪو بندوبست ڪونه هو. ان لاءِ شاگردن کي ويهه ڪوهه پري ’مٺي شهر‘ پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. ان سبب ڪري ڪيترائي شاگرد وڌيڪ تعليم نه پرائي سگهندا هئا. قاضي صاحب جو هم ڪلاسي ۽ همعصر محمد عثمان ڏيپلائي به ڪل ڇهه درجا پڙهيو.

    تعليم طرف سندن خاص توجهه هو، هن ڄاتو ٿي ته بدليل حالتن ۾، جديد تعليم نهايت ضروري آهي، جنهن کان سواءِ سماجي ترقي ناممڪن آهي. اڃا سندن عمر23 سال مس هئي ته ڏيپلي جي پرائمري اسڪول ۾ 9 فيبروري 1931 تي هڪ جلسو ٿيو. مسٽر فتح محمد قريشي جو ان وقت ٿرپارڪر ضلعي جي تعليم کاتي جو سپروائيزر هو. هن، ان جلسي جي صدارت ڪئي. جلسي جو انتظام پنچائت پاران ڪيو ويو هو. حيرت جي ڳالهه آهي ته ان وقت شهر ۾ پنج مُکي (Chiefs) موجود هئا، ٻيا چڱا مٺا ۽ سيٺيا پڻ موجود هئا. پر تقرير لاءِ قاضي صاحب کي گذارش ڪئي ويئي. جنهن شهر ۾ انگريزي تعليم جي ضرورت تي روشني وڌي.

    قاضي صاحب ان موقعي تي جديد تعليم جي اهميت تي جيڪا روشني وڌي، اها پڻ اچرج ۾ وجهڻ جهڙي آهي؛ ڇاڪاڻ ته قاضي صاحب جي عمر ۽ علمي حيثيت جو ڇيد ڪبو ته معلوم ٿيندو ته سندن ڪل تعليم ڇهه درجا سنڌي، ڪجهه عربي فارسي ۽ اخباري اردو هئي. غريبي حالتن سبب سنڌ کان ٻاهر پير به ڪونه پاتو هئائون. ته پوءِ آخر اها ڪهڙي صلاحيت هئي، جنهن جي آڌار تي پاڻ 23 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ نه صرف تعليم جي اهميت کان آگاهه هئا، بلڪه تعليم جي فلسفي ۽ مقصديت کان به چڱي طرح واقف هئا. جڏهن ته اڄ به اسان جا تعليمي ماهر صرف تعليم پرائڻ تي زور ڏين ٿا پر ان جي اصل مقصد جي نه ته کين خبر آهي نه وري ڪو پرچار ڪري ٿو.

    پاڻ ان موقعي تي جديد تعليم بابت تقرير ۾ چيائون ته:

    “منهنجا ڀائرو ۽ بزرگو! هن موقعي تي فقط تعليم کي مفيد ۽ نتيجه خيز بنائڻ لاءِ چند گذارشون اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. جنهن جي وسيلي، اها تعليم حتي الامڪان قوم لاءِ ڪار آمد ۽ ڪارگر ٿي سگھي ٿي. انهيءَ مقصد حاصل ٿيڻ لاءِ ڪجھه هدايت استاد صاحبن کي ڪرڻ به ضروري آهي.

    هي ڳالهه ته هر هڪ اعلى خواه ادنى انسان محسوس ڪري سگھي ٿو ته استاد لاءِ شاگرد اولاد مثال آهي. جھڙي طرح ننڍي اولاد جي اوائلي عمر جو حصو مائٽن جي ماتحت آهي. اهي هن کي جھڙي تربيت ڏيندا يا جھڙا اخلاق سيکاريندا؛ وڏي هوندي هو اهي ئي پيش ڪري سگھندا. اهڙيءَ طرح شاگرد جيڪي استاد جي ماتحت پنهنجي اوائلي عمر جو گھڻو حصو گذارين ٿا. اهو عرصو ئي هنن جي مستقبل جو هڪ رستو يا پهريون منظر آهي. انهيءَ ئي عرصي ۾ هو جيتري تعليم حاصل ڪندا يا جيتري قدر اخلاق ۽ سٺالڇڻ پرائيندا، وڏي هوندي به هو اهي ئي پيش ڪري سگھندا. اهي شاگرد جي اڄ ٻچا آهن ۽ قوم جي رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ جا محتاج آهن، اهي نيٺ ڪنهن وقت ڦري قوم جا رهبر ۽ رهنما ٿيندا ۽ قوم کي هنن نونهالن جي وجود ۾ اميدون ۽ آسرا ٿيندا. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن هنن ۾ ننڍي ئي ڄمار ۾ اخلاق، همدردي، قرباني ۽ زنده دليءَ جا جذبات ڪافي تعداد ۾ پيدا نه ڪيا ويا ته پوءِ ڪهڙيءَ طرح هو پنهنجي وجود کي قوم لاءِ مفيد ۽ قابل فخر بنائي سگھندا! گويا شاگرد هڪ سلو آهي، جنهن جو ڪاشتگار يا رکپال استاد آهي. استاد جي اعلى ڪوشش سان اهو سَلو پنهنجي ڪچيءَ حالت ۾ پچي تيار ٿئي ٿو ۽ بدلڇڻن جي جھولي کان محفوظ رهي، تهذيب ۽ تمدن جي آب سان سيراب ٿي، سرسبز رهيو ته اهو سلو جنهن وقت وڌي وڻ ٿيو ته خلق خدا کي پيو مٺو ميوو ڏيندو ۽ ان سان گڏ خوشنما ڏسڻ ۾ ايندو ۽ هن جي سايي هيٺ سوين ماڻهو سک وٺي سگھندا ۽ لکها آدمي انهيءَ ميوي مان مزو وٺندا. انهيءَ وقت ڇا انهي سلي جي ڪاشتگار يا رکپال کي عام ماڻهو عزت ۽ تعظيم جي نگاه سان نه ڏسندا؟

    تعليم لاءِ عملي ڪوششون:

    1931 جي آخر ڌاري ٿرپارڪر جي ايڊمنسٽريٽو آفيسر جي ڏيپلي ۾ منزل ٿي. سندس مانَ ۾ هڪ جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جي معززن ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهر جي پنچائت پاران اي-وي ڪلاسن کولڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي به پنچائت پاران قاضي صاحب کي گذارش ڪئي ويئي ته هو موقعي جي مناسبت سان حاضرين مجلس آڏو هڪ پُرزور تقرير ڪري ۽ علم جي اهميت تي روشني وجهي. قاضي صاحب وڏن دليلن سان جديد تعليم جي اهميت ۽ ضرورت تي روشني وڌي. جنهن سان جلسي ۾ واه واه ٿي ويئي، نه صرف ايترو بلڪه قاضي صاحب پنهنجو لکيل هڪ ڊرامو “ڪرشمه تعليم” پڻ پيش ڪيو، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته “جيڪي ماڻهو تعليم پرائين ٿا، اهي تعظيم لائق ٿين ٿا ۽ پاڻ کي ڪيترين ئي سماجي براين کان بچائڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا. پڻ پنهنجي لاءِ سٺا ۽ مفيد فيصلا ڪن ٿا. ان ڊرامي جي پيشڪش تي صدر صاحب سان گڏ حاضرين مجلس به متاثر ٿيا. قاضي صاحب وقت به وقت موقعي جي مناسبت سان اهڙا ڪيترائي اصلاحي ڊراما لکيا ۽ اسٽيج تي پيش ڪيا، جن نوجوان نسل تي تمام سٺا اثر ڇڏيا ۽ ڏيپلي ۾ تعليم بابت رجحان وڌڻ لڳو.

    ايڊ منسٽريٽوِ آفيسر صاحب ان جلسي ۾ قاضي صاحب جي مدلل تقرير کان متاثر ٿي اي-وي ڪلاسن کولڻ جو اعلان ڪيو. جنهن تي مجلس پاران پنچائت جي معزز ميمبرن سان گڏ قاضي صاحب کي مبارڪون ڏنيون ويون. اي-وي ڪلاسن جي منظوري کان پوءِ، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ، پنچائت کان 2 هزار رپيا طلب ڪيا. پنچائت سرگرمي ڏيکاري. آخر ڪل چندو 1500 رپيا ٿيو. لوڪل بورڊ طرفان پنچائت کي تار آئي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ رقم جمع ڪرايو. ٻي صورت ۾ اي. وي ڪلاس ختم ڪيا ويندا. وري مشڪل سان 175 رپيا گڏ ٿيا. خزاني ۾ رقم جمع ڪرائڻ ۾ باقي وڃي ڪلاڪ بچيو. بقول قاضي صاحب جي: “آخر شهر جا معزز ماڻهو ۽ ٻيا علم دوست گڏ ٿيا. 2 هزار رقم پوري ڪرڻ لاءِ هٿوراڙيون هيائون، مگر ڪنهن به صاحب کوٽ واري رقم پنهنجي گهران پيارڻ لاءِ رضامندي نه ڏيکاري. اهو وقت نازڪ هو، جو هيڏي ڪوشش وارو ڪم صرف 325 روپيا نه هجڻ جي حالت ۾ شايد خراب ٿي پوي ها. آهستي آهستي گڏ ٿيل ماڻهو هڪ هڪ ٿي مجلس مان اٿڻ لڳا. اوچتو مونکي جوش اچي ويو ۽ مون اعلان ڪيو ته اهي 325 روپيا آءُ پنهنجي گهران ڏيان ٿو. جيڪڏهن اوهان ڀائرن آهستگيءَ سان اها رقم مُونکي واپس ڏني ته واه نه ته مون معاف ڪيا.” (سفر زندگيءَ جو ص-183)

    اهڙي طرح ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم جي ابتدا ته ٿي، پر عام ماڻهن ۾ انگريزي تعليم طرف چاهه گهٽ هو. عام ماڻهو ديني تعليم کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا هئا. ويتر ان دور ۾ لاڙ پٽيءَ ۾ ‘اهل حديث’ جا عالم انتهائي سرگرم هئا، جن جو قاضي صاحب تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. قاضي صاحب جديد تعليم بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ٻه ڊراما “خود قرباني” ۽ “غلط رستو” لکيا. اهي ٻئي ڊراما نهايت مقبول ٿيا ۽ انهن ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو، جو انگريزي تعليم جو چاهه عام ماڻهن ۾ به وڌي ويو، ڏيپلي شهر جي نه رڳو ميمڻ برادري بلڪه ٻين ذاتين وارن به پنهنجن ٻارن کي انگريزي تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي. ٻهراڙين کان به شاگرد جام اچڻ لڳا، جن لاءِ پنچائت پاران هاسٽل جو بندوبست ڪيو ويو. جنهن جي نگراني به خود قاضي صاحب پنهنجو فرض سمجهي ڪندا هئا. ٻئي طرف ڊرامن جي حوالي سان قاضي صاحب جي ناماچاري ٿيڻ لڳي.



    جيئن ته ڏيپلي کان علاوه ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جا شاگرد به تعليم لاءِ ڏيپلي جو رخ ڪرڻ لڳا، انڪري مڊل کان پوءِ هاءِ اسڪول جي سخت ضرورت محسوس ٿي. وري لوڪل بورڊ جا در کڙڪايا ويا. اعليٰ انتظاميا سان شهر جي معززن جو وفد مليو، جنهن ۾ قاضي صاحب به شامل هو. ان موقعي تي به قاضي صاحب پنهنجي مدلل تقرير سان بورڊ انتظاميا آڏو هاءِ اسڪول جي اهميت ۽ افاديت بيان ڪئي، جنهن کي فوراً تسليم ڪيو ويو. بورڊ مطالبو مڃيندي، پنچائت کان پنج هزار روپين جي گُهر ڪئي. بقول قاضي صاحب جي: ”جنهن لاءِ وري به هڪ واري چندي جي مد ۾ وصولي جو ڪم شروع ٿيو. آخري وقت تائين ڪل 4 هزار رپيا گڏ ٿيا. هڪ هزار جي کوٽ پيدا ٿي، جنهن جو ان مهل ملڻ ممڪن نه هو. وري به ساڳي صورتحال پيدا ٿي،جيڪا مڊل اسڪول جي موقعي تي پيش آئي هئي. دوستن عزيزن کي عرض ڪيو ويو، ته هي قومي ڪم آهي. ڪجهه اوڌر سوڌر جي مدد ڪريو. مگر ڪنهن به هنڌان همت افزائي نه ٿي. مجبوراً ان وقت به مون باوجود مالي ضعيفيءَ جي اهو ذمو پنهنجي سر تي کنيو. جامع مسجد ڏيپلي جا پئسا مون وٽ امانت پيل هئا، سي خرچ ڪيم. بعد ۾ ترت اُهي مسجد جي فنڊ ۾ جمع ڪرايم. بعد ۾ ٿورا ڪي پئسا اسڪول جي مد ۾ گڏ ٿيا هئا، اهي مليا. باقي رقم مون قومي ڪم ۾ سَجائي ڪئي.

    قاضي صاحب کي جيئن ته تعليم سان بيحد پيار هو ۽ سندن ئي ڪوششن سان ڏيپلي ۾ مڊل بوائز ۽ گرلس اسڪول قائم ٿيا هئا، جيڪي اڳتي هلي سندن ئي ڪوششن سان هاءِ اسڪول ٿيا. ان دور ۾ نياڻين کي انگريزي پڙهائڻ سٺو نه سمجهيو ويندو هو. قاضي صاحب جيئن ته روشن خيال ۽ جديد فڪر وارو ماڻهو هو، کين پهريون اولاد به نياڻين جو هو، ان ڪري هن ابتدا پنهنجي ٻارن سان ڪئي. ماشاءالله سڀني نياڻين کي سندن خواهش مطابق سٺي تعليم ڏياري. ان کان علاوه ٻن پٽن: شاهد پرويز ۽ مشهود کي به اعلى تعليم ڏياري، سندن وڏي ڌيءُ ‘رحمت قاضي’ 1961 ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، ڏيپلي جي گرلس اسڪول ۾ ٽيچر مقرر ٿي، ۽ 1969 ۾ حيدرآباد مان بي ايڊ جو ريگيولر امتحان پاس ڪري، ڏيپلي ۾ ان ئي سال مڊل اسڪول قائم ٿيڻ تي، ان ۾ هيڊ مسٽريس مقرر ٿي.

    قاضي صاحب جون علم ۽ سماجي ڀلائي بابت بيشمار خدمتون آهن، جيڪي هن مختصر مضمون ۾ اچي نٿيون سگهن. البت ڏيپلي شهر توڙي ڀرپاسي وارن ڳوٺن جا هزارين مرد خواه عورتون ڏينهن رات قاضي صاحب جا ڳڻ ڳائي، دعائون ڏين ٿيون، جن جو اولاد اڄ صاحب حيثيت آهي ۽ عنايت خوشحال زندگي گذاري رهيو آهي.

    قاضي صاحب 80 ورهين جي ڄمار ۾ پهرين مارچ 1988 تي وفات ڪئي. سندن تربت، سندن تعليمي دوست سائين ابوطالب جي ڀر ۾ بابن شاهه قبرستان حيدرآباد ۾ آهي.
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 مئي 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    ادا منصور احمد صاحب، اوھان جي محنت کي سلام ، سائين اوھان کي جس آھي جو اھڙي بھترين ڄاڻ سنگت تائين پھچائي رھيا آھيو. مھرباني ادا لک لائق...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مھرباني ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو