مادري ٻولين سان انصاف رعايت نه پر حق آهي ڊاڪٽر علي گل ميتلو ملڪ ٺهئي 66 ورهيه گذري ويا، پر اسان ٻولين جي مامري کي اڃا تائين انصاف ڀرئي نموني سان حل ڪري نه سگهيا آهيون. گذريل سال مادري ٻولي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي پنهنجي اجلاس ۾ ٻه اهم ٺهراءَ پاس ڪيا هيا. سرڪاري ڌر ( پ پ پ ) پاران پيش ڪيل هڪ ٺهراءَ ۾ سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين کي قومي ٻوليون بڻائڻ ۽ مخالف ڌر پاران ٻئي ٺهراءَ ۾ سنڌي ٻولي لاءِ ساڳي ڳالهه ڪئي وئي هئي. نواز ليگ گذريل چونڊن لاءِ جاري ڪيل منشور ۾ ملڪ جي مڪاني ٻولين کي قومي ٻوليون بڻائڻ جي ڳالهه لکي هئي. انڊيا ۾ ملڪ ٺهڻ جي پهرين ورهين ۾ ئي ان معاملي کي حل ڪيو ويو هيو. آئين جي 8 نمبر شيڊيول ۾ 22 ٻولين کي هڪجهڙو رتبو ڏنو ويو جڏهن ته ڪابه رياست ڪنهن به سرڪاري ٻولي ۾ قانونسازي ڪرڻ لاءِ آزاد هئي. مزي جي ڳالهه ته ”هندي“ ٻوليءَ سميت ڪنهن به ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو رتبو نه ڏنو ويو، جڏهن ته اردو جيڪا پاڪستان جي ڪنهن به خطي جي ٻولي نه هئي تنهن کي وري ”قومي ٻولي“ جو درجو ڏنو ويو. اهو ڪم ٻئي ڪنهن نه پر ملڪ جي باني قائداعظم ڍاڪا ۾ هڪ اعلان وسيلي ڪيو ۽ اردو کي قومي ٻولي بڻائڻ جو اعلان ڪري معاملي جي سنگيني کي تيز ڪري ڇڏيو هيو. ان سان بنگالين ۾ جذباتي ڪيفيت ۾ واڌ ٿي هئي ۽ ملڪ ۾ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن کي پنهنجي ٻولين ۽ ثقافتن جي باري ۾ اونو ٿيو هيو. ٿيڻ ته ايئن کپي ها ته ان ڪيل غلطي جي ازالي طور قائداعظم کانپوءِ جلدئي ڪجهه بهتر ڪيو وڃي ها پر اهو ڪنهن به نه ڪيو. تعصبي ۽ تنگ نظر حڪمرانن ان معاملي جي ”حِس“ سمجهڻ کان انڪار ڪيو هيو. انهن حڪمرانن ”اردو“ کي ”هندي“ جي مقابلي جي ٻولي ڀانئيندي وقت گذرڻ سان گڏ رڳو غلطيون ڪيون. قومي ٻولي ۽ سر آغا خان جو موقف: 9 فيبروروي 1951ع تي ڪراچي ۾ ”موتمر العالم اسلاميا“ جي اجلاس کي خطاب ڪندي سر سلطان آغا خان چيو هيو ته ” اوهان پاران اردو کي پاڪستان ۾ رائج ڪرڻ سان پاڙي وارن سان لاڳاپا بهتر به نه ٿيندا ۽ مسلم اقليتن لاءِ اها ڳالهه پڻ سندن سمجهه کان ٻاهر آهي“ هن وڌيڪ چيو ته ”اوهان عربي ۽ فارسي جا لفظ ڀلي اردو ۾ ملايو پر ٻولي جو گرامر (syntax)، بيهڪ ۽ ڍانچو هنديءَ مان نڪتل آهي، عربي مان نڪتل ناهي“ سر سلطان آغا خان وڌيڪ دليل ڏيندي چيو ته ” ڇا اها (اردو) پاڪستان جي رهندڙن جي فطري ۽ قومي ٻولي آهي؟ ڇا اها بنگالي مسلمانن جي گهڻائي جي ٻولي آهي؟ ڇا اوهان اها ئي ٻولي ڍاڪا ۽ چٽاگانگ جي ڳلين ۾ ٻڌنڌا آهيو؟ ڇا اها سرحد صوبي جي ٻولي آهي؟ ڇا اها سنڌ جي ٻولي آهي؟ ڇا اها پنجاب جي ٻولي آهي؟ اها حقيقت آهي ته اها مغل شهنشاهيت جي خاتمي کانپوءِ ڪجهه علائقن ۾ مسلمانن ۽ هندن وچ ۾ ڳانڍاپي جو ذريعو ته هئي پر هاڻي ٻيا ۽ موجود ذريعا ڳولي انهن کي گڏيل سمجهه جو ذريعو بڻائڻو پوندو“ تاريخ تي ڳالهائيندي سر آغا خان چيو ته ” اردو ڪنهن تخليق ڪئي؟ اردو جي اصليت ڪهڙي آهي؟ اها ڪٿان آئي؟ لشڪرن، شاهي درٻار ۾ موجود هندي ڳالهائيندڙ درٻارين جي وڏي انگ ان کي استعمال ڪري ان جي جملن ۾ عربي ۽ فارسي جا لفظ وجهي ۽ انگريزن جي آخري ڏينهن ۾ وري انگريزي ٻوليءَ جا ”گلاس“ ۽ ”ڪپ“ جهڙا لفظ کوڙي ان کي ”هندستاني“ جو نالو ڏنو ويو. ڇا اوهان ڪنهن فوجي ڪئمپ ، ڪنهن درٻار جي ٻوليءَ کي نئين ملڪ جي قومي ٻولي نه پيا بڻايو؟“ (حوالو: سر آغا خان جون تقريرون (www.amaana.org/ sultweb /arabicpak.htm سر آغا خان جي اها صلاح ٻوڙن ڪنن ۽ تنگ نظر حڪمرانن کي ڪانه آئڙي. پر بنگال ۾ ٻولي مامرو تيز ٿيندو ويو. معاملي کي سلجهائڻ بدران اُلٽو بنگالين تي تشدد روا رکيو ويو. 21 فيبروري 1952ع تي سرڪار ڍاڪا يونيورسٽي ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي گوليون هلائي ڪجهه شاگرد قتل ڪيا. اهو ڏينهن رڳو بنگالي شاگردن جي قرباني جي ياد لاءِ نه پر دنيا جي پوئتي پيل ۽ غير مراعات يافته ۽ ڏتڙيل ٻولين لاءِ هڪ وڏو نشان بڻجي ويو. گڏيل قومن پاران 1999ع ۾ 21 فيبروري کي مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ٺهرايو ويو. ان اعلان کان وٺي اڄ تائين دنيا ۾ 21 فيبروري 1952ع جي واقعي مان سکندي ٻولين جي ترقي جي باري ۾ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. پر، پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن ان مسئلي کان ڪن لاٽار وڌي رهي آهي ۽ نقصانن مٿان نقصان ڪيا پيا وڃن. 16 ڊسمبر 1971ع انهن نقصانن جو وڏي ۾ وڏو نشان آهي. سنڌي ٻولي کي ٿيندڙ نقصان: سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جيڪا ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ بهتر حالت ۾ ۽ سڀ کان آسودي هئي، تنهن جو وڏي ۾ وڏو نقصان ڪيو ويو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان گهڻو اڳ سنڌي نه رڳو سکڻ جو ذريعو هوندي هئي پر اها سرڪاري ٻولي هئي. تاريخي طور اها شاهوڪار ٻولي هئي. پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ انهن ئي سببن جي ڪري سنڌي ٻولي کي بي رحميءَ سان نشانو بڻايو ويو. ثقافتي ۽ معاشي طور آباد سنڌ جا شهر جيڪي سرڪاري سرپرستي ۾ ٿيل تشدد ۽ وڳوڙي ڪاررواين جي ڪري خالي ڪرايا ويا انهن ۾ ڪارا قانون لاڳو ڪيا ويا. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو. سنڌ جي گادي حيدرآباد ڏانهن منتقل ڪئي وئي. سوين سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا. سنڌي کي دفترن ۽ عدالتن ۾ استعمال ڪرڻ تي بندش وڌي وئي، ريڊيو پاڪستان تان سنڌي موسيقي جا ۽ ٻيا پروگرام بند ڪيا ويا. 1955ع آيو ته ”ون يونٽ“ وسيلي سنڌي ٻاليشاهي ٻولي ٻڻائي وئي. سنڌي ٻولي ۾ ڇپجندڙ سمورا رسالا ، ڪتاب ويندي ٻارن جو رسالو ”گل ڦل“ به رياست جي مخالف سمجهي ان کي بند ڪيو ويو. ايستائين جو ٽپال جي جنهن لفافي تي ”سنڌ“ لکيل هيو انهن خطن کي ائڊريس تي ئي نه موڪليو ويو. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌين پنهنجي پوري ڪاوڙ ۽ غصي سان ان ظلم خلاف احتجاج ڪيو. ان احتجاج وسيلي گذريل ويهن ورهين کان مٿن جيڪي به سماجي، ثقافتي، ٻولي، سياسي ۽ معاشي ميدانن ۾ جبر ڪيا ويا هئا تن خلاف هڪ سنڌ سطح جو عظيم احتجاج پيدا ٿيو، جنهن مان ”جديد سنڌي وطن دوستي“ پيدا ٿي. پاڪستان ۾ ٻولين جو اشو انساني حقن، ثقافتي ۽ معاشي حقن سان سلهاڙيل هئڻ سبب انتهائي پيچيدو آهي. ٻوليون ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي سماجي ، معاشي ۽ سياسي هڪ ڪَرائي آڻين ٿيون. پر، ملڪ ۾ موجود اقليت ان ڳنڍيندڙ جذبي کي بيدرديءَ سان پنهنجي مستقل مفاد جي واسطي ڪتب آندو آهي. ٻوليءَ جي حقن کانسواءِ معاشي، سياسي ۽ انساني حق سمجهه جوڳا نه ٿا رهي سگهن. اردو کي قومي ٻولي بڻائڻ جي آڙ ۾ هڪ وڏي دوکي سان ملازمتون، معاشي ۽ ثقافتي حق غصب ڪيا ويا. جنهن خلاف مسلسل جدوجهد هلندي رهي. ون يونٽ ختم ڪيو ويو. بنگالين تمام وڏي انساني سانحي کانپوءِ آزادي ماڻي ورتي. باقي بچيل پاڪستان ۾ پهرين چونڊيل جمهوري سرڪار قائم ٿي ويئي. نئين ۽ بدليل حالت ۽ ملڪ جي باقي حصي ۾ جمهوري سرڪار ۽ سنڌي ٻولي کي نشانو بڻايو ويو. بنگلاديش جي گادي ڍاڪا ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جهڙي بيعزتي کانپوءِ مستقل مفاد پنهنجي پناهه جمهوري سرڪار ۾ ڳولي ورتي. ٿوري وقت اندر ئي ساڳئي مستقل مفاد ۽ ساڳي ذهنيت سنڌ تي ٻولي جا هنگاما مڙهيا ته جيئن ملڪ جي وسيلن تي بدستور پنهنجي ڌاڪ ۽ قبضو ڄمائي رکجي ۽ اهي سندن اثر هيٺ رکجي سگهن. انهن هنگامن جي ڪري اهي نالي ماتر شهري-ٻهراڙي ڪوٽا جي نالي ۾ آفيسرشاهي ۾ پنهنجو حد کان وڌيڪ حصو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ڪوٽا سسٽم ملڪ جي ٽن صوبن ۾ الڳ ۽ سنڌ ۾ الڳ نموني قائم ڪيو ويو. رڳو ايستائين نه پر انهن تجربيڪار وڳوڙين ۽ سازشين مستقبل ۾ پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ پنهنجي حڪمت عملي جوڙي ورتي هئي. انهن صديون پراڻن سازشين ۽ وڳوڙين ۽ بليڪ ميلنگ جي تجربن اڳيان نئين جمهوري سرڪار ڪمزور ثابت ٿي. اهڙي ئي صورتحال هڪ صدي اڳ 1860ع ۾ پڻ سامهون آئي هئي، جڏهن هندي-اردو وڳوڙن کانپوءِ ساڳي ذهنيت رکندڙن وڳوڙين سرڪاري ملازمتن ۾ ڪوٽا جو مطالبو ڪيو هيو. انهن وڳوڙن پٺيان سبب ۽ نيت ئي اهو مطالبو رکڻ ۽ مڃائڻ هيو. 1972ع جي سنڌ ۾ٻولي هنگامن ۾ کين ملندڙ رعايتن جو سلسلو رڳو ختم نه ٿيو پر اهو گذريل 25 ورهين ۾ وڌي وڻ ٿيو ۽ ان جو هڪ نتيجو آڪٽوبر 2012ع ۾ ”سنڌ پيپلزلوڪل گورنمينٽ ائڪٽ“ جي حالت ۾ ظاهر ٿيو. بدقسمتيءَ سان اهو سڀ ڪجهه ملڪ ۾ آمريت نواز ادارن ۽ گروپن جي مدد جو اهم اعلان هيو. اهو رڳو مڪاني سطح تي نه ٿيو پر ملڪي ۽ عالمي سطح تي پڻ اهڙن عنصرن کي پنهنجي مقصدن جي پورائي لاءِ پالي تاتي وڏو ڪيو ويو. جنهن ڪري ٻوليءَ جو اشو ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرڻ جي جدوجهد سان سلهاڙجي ويو. پاڪستان ۾ ٻولي مامري جا بنياد: پر معاملي جو تت ڇا آهي؟ ٻولي جي اشوءَ تي الاهي بحث مباحثا ٿيندا رهيا آهن. پر اچو ته ان جي بنيادن کي جانچيون: اها حقيقت آهي ته اردو ڪا الڳ زبان ناهي جنهن جا الڳ حق هجن، اها اصل ۾ هندي ٻوليءَ جو ٻيو نالو آهي، جنهن جي لِپي (رسم الخط) الڳ آهي. مختلف زمانن، پرڳڻن، حالتن ۽ وقت جي تبديليءَ سان هندي ٻوليءَ جا مختلف نانءَ رهيا آهن. انهن نالن ۾ رڳو ”هندستاني“ ناهي پر ان ٻوليءَ کي هندي، کري ٻولي، هندي-اردو، اردو، ريختا، دهلوي، زبانِ اردو معلا (عدالتي ٻولي)، زبانِ اردو (لشڪري ٻولي) وغيره. جا نالا رکيا ويا آهن. جيستائين الڳ الڳ لِپين جو معاملو آهي ته ڪيتريون ئي ٻوليون آهن جن جا هڪ کان وڌيڪ اسڪرپٽ يا لپيون آهن. سنڌيءَ کي به اٺ اسڪرپٽ آهن پر اها هڪ سنڌي ٻولي سڏجي ٿي. پر رڳو لِپي يا اسڪرپٽ ٻولي نه ٺاهيندا آهن، ٻوليون پيوندڪاريءَ سان به نه ٺهنديون آهن. رڳو ٻين ٻولين مان لفظ اڌارا وٺي به ٻوليون نه ٺهنديون آهن، پر جيئرين ٻولين ۾ ٻين ٻولين جي لفظ اختيار ڪرڻ جي صلاحيت ۽ خوبي هوندي آهي. اصل ۾ اردو جو نالو انهن تجربيڪار ۽ قابل ٽولن هٿان نروار ٿيو جيڪي زمانن کان ٻاهران آيلن جي خذمتگاري ۽ سامراجي بيٺڪيت جي حمايت ۾ ڀڙ هيا. انهن مختلف هنڌن تي مختلف نالن ۽ لِپي کي استعمال ڪيو ته جيئن پنهنجي مفادن جي بچاءَ لاءِ ڪوششون ڪري سگهجن. ايئن ڪندي ڪندي انهن ڪيتريون ئي ويريون ۽ ورهاستون پيدا ڪيون. انهن ۾ هڪ ويري هندي ٻولي سان وڌي وئي جڏهن ته ٻي وڇوٽي عقيدي جي نالي ۾ عوام ۾ وڌي ويئي، پوءِ ننڍي کنڊ کي ورهايو ويو ۽ آخر ۾ پاڪستان جو ورهاڱو ڪيو ويو. رهيل پاڪستان پڻ ڪيترين ئي ويرين ۽ سنڌن جي ور چڙهيل آهي. اردو ڪڏهن به الڳ ٻولي نه رهي آهي ۽ نه ئي هن تاريخي طور پاڻ کي ڌار ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. ان ئي ڪسوٽي هيٺ ۽ تاريخي حوالن سان پاڪستان ۾ ٻولين جي معاملن کي جانچڻ گهرجي. تاريخي طور ثابت ٿي چڪو آهي ته اردو کي ”قومي ٻولي“ بڻائڻ وارو فيصلو غلط هيو. اسان ان اعلان سان 66 ورهين کان ورهائجي ويا آهيون ۽ وڌيڪ ورهائجي رهيا آهيون. ان سان سماجي ويريون ۽ ويڇا وڌيا آهن. هاڻي اهو ضروري ٿي پيو آهي ته ملڪ ٺهڻ وقت ڪيل غلطيءَ کي درست ڪجي. پر جي ان غلطيءَ کي مسلسل لاڳو ۽ چالو رکيو ويو ته وڌيڪ ورهاستون ۽ ويڇا وڌنڌا ويندا. اچوته ان معاملي کي ٻيهر غور هيٺ آڻي کليل دماغ سان ويچار ڪريون ته اصل ۾ هندي ٻولي پاڪستان جي قومي ٻولي بڻائي وئي آهي. هاڻي وڌيڪ نقصانن ڪرڻ بدران اهي نقصان بند ٿيڻ گهرجن. پاڪستان جي اصلوڪين ۽ مڪاني ٻولين جي مسلسل نقصانن ۽ ڪيل غلطين کي ختم ڪري گڏيل قومن جي عالمي اصولن هيٺ تدارڪ ڪرڻ گهرجي. ان سان ٻولي جي بنيادن تي ٿيندڙ ويريون ۽ ويڇا به ختم ٿيندا. ان سان سماج ۾ سهپ به پيدا ٿيندي، نفرتون به ختم ٿينديون، امن ۽ هم آهنگي ۽ گڏپ پيدا ٿيندي. اهو 21 فيبروري جو پيغام آهي. جنهن کي ساري دنيا هڪ مقصد هيٺ هرسال ملهائيندي آهي. ( ليکڪ سنڌي وطن دوست ۽ جمهوريت پسند آهي، لنڊن ۾ رهي ٿو)
ڊاڪٽر علي گل ميتلو صاحب جو عوامي آواز ۾ لکيل تمام سٺو ليک ..... اوهان کي عرض آهي ته شيئرنگ ڪرڻ وقت ليکڪ جو نالو ضرور ڏيو جيئن اهو پتو پوي ته اها ڪنهن جي محنت آهي.