• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عمرڪوٽ ۾ لڳندڙ عورتن جي ميلي جي مختصر رپورٽ

شاهده سمون

سينيئر رڪن
عمرڪوٽ ۾ لڳندڙ عورتن جي ميلي جي مختصر رپورٽ Report by: Murk Samoon
(نوٽ : ميلي ۾ سنڌ سلامت جي اسٽال جي رپورٽ ترتيب جي مرحلي ۾ آهي جيڪا بعد ۾ )
ڊسٽرڪٽ حڪومت عمرڪوٽ پاران عورتن جي تفريح ۽ ذهني نشو نما لاءِ لڳايل ثقافي ميلو ٻن ڏينهن تائين جاري رهڻ بعد ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو ، هن ميلي ۾ اٽڪل 50 کان مٿي اسٽال لڳايا ويا هئا اسٽالن سنڌ سلامت جو ثقافتي اسٽال پڻ شامل هيو ، ميلي ۾ عورتن لاءِ مينا بازار سان گـڏ مختلف کاڏي پيتي جي شين پڻ اسٽال لڳل هئا جڏهن تہ عورتن جي وچ ۾ سنگنگ ڪامپيٽيشن پڻ ٿي جنهن ۾ گوه کڻدڙ عورتن ۾انعام پڻ ورهايا ويا ميوزڪل شو ۾ نالي وارن فنڪارائن پنهنجا سر وکيرينديون رهيون بهترين اسٽال لڳائيندڙ تنظيمن ۾مڃتا طور شيلڊون پڻ ورهايون ويون سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي انٽر نيٽ تي اجاگر ڪرڻ جي مڃيتا جي شيلڊ سنڌ سلامت حاصل ڪئي ـ
ميلي جون تصويري جھلڪيون

u_1.JPG


u2_online.JPG


u3_online.JPG


u5_online.JPG


u6_online.JPG


u4_online.JPG
 
جواب: عمرڪوٽ ۾ لڳندڙ عورتن جي ميلي جي مختصر رپورٽ

ادي شاهده توهان جي مهرباني جو اوهان ميلي جي رپورٽ پيش ڪئي ۽ وڏي خوشي جي ڳالهه اها آهي جو سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي شيلڊ جو اعزاز سنڌ سلامت کي حاصل ٿيو۔
 
جواب: عمرڪوٽ ۾ لڳندڙ عورتن جي ميلي جي مختصر رپورٽ

ادا توهان جو هي پيش ڪيل آرٽيڪل تمام بهترين ڪوشش آهي ۽ سنڌ سلامت فورم کي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي اڳتي آڻڻ لا۽ مليل شيلڊ ان تي سائين رشيد صاحب سائين نثار ناز صاحب سائين نثار ابڙو صاحب عامر ضياءُ ، سائين عبدالرحيم ، سائين ابو واصف ۽ ابو زين کي مبارڪون هجن

سدائين گڏ
 
جواب: عمرڪوٽ ۾ لڳندڙ عورتن جي ميلي جي مختصر رپورٽ

تمام سهڻو عمل ۽ تمام سهڻي موٽ، ادي شاهده کي مبارڪون هجن جنهن پنهنجي جاکوڙ سان هي معرڪو فتح ڪيو آهي ۔۔۔

نيت صاف مراد حاصل

سڄي سنگت کي مڃتاطور شيلڊ ملڻ تي مبارڪون
 
جواب: عمرڪوٽ ۾ لڳندڙ عورتن جي ميلي جي مختصر رپورٽ

ڀيڻ شاهده توهان جي ميلي بابت رپورٽ تمام سٺي لڳي، توهان جي محنت، توهان جي سنڌ محبت، جس لهڻي، دعا آهي ته توهان پنهنجي نيڪ مقصد ۾ ڪامياب وڃو، آمين۔ مان ته ائين چوندس ته اهڙا ـــــــ ناري ميلا ـــــ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ٿيڻ گهرجن، مثلن ـــــ دادو، لاڙڪاڻو، سکر، نوابشاه، حيدرآباد خيرپور، وغيره وغيره
هن ڳالهه تمام گهڻي خوشي ڏني جنهن سان دل باغ بهار ٿئي وئي.، ( سنڌي ٻولي ۽ ثــــــــقافــــــــــت کي انــــــــٽـــــــــــر نيـــــــــــــــٽ تي اجــــــــــــــــــــاگر ڪرڻ جي مڃيتا جـــــــــــي شـــــــــــــيلــــــــڊ ســــــــــنڌ ســــــــــــــلامت حاصل ڪئي )
 
جواب: عمرڪوٽ ۾ لڳندڙ عورتن جي ميلي جي مختصر رپورٽ

ڀيڻ شاهده سمون السلام عليڪم
توهان عمر ڪوٽ ۾ لڳندڙ مينا بازار جي پيرائتي خبرن سان گڏ ڪجهه خوبصورت تصويرون سنڌ سلامت سان شيئر ڪيون تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي، ڀيڻ ان مينا بازار جي رپورٽنگ منهنجي ذمي هئي پر شديد قسم جي ذاتي مجبورين سبب آئون عمر ڪوٽ پهچي نه سگهيس ان ڳالهه جو ڏک تمام عمر رهندو ان هوندي به توهان اها ذميواري احسن نموني نڀائي جنهن لاءِ توهان کي لکين شاباسون، اها اسان سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته سنڌ سلامت کي سنڌي ٻولي ۽ تهذيب کي انٽر نيٽ تي اُجاگر ڪرڻ لاءِ مڃتا طور شيلڊ ملي ۔ سڀني دوستن کي دل جي گهرائين سان مُبارڪون۔ ڀيڻ شاهده سڀ کان وڌيڪ مُبارڪون توهان کي ۽ ادا عاجز سمون کي هُجن توهان جي ان اهم ترين ڪارنامي کي سنڌ سلامت لاءِ زبردست ڪارنامو ليکيو ويندو۔ شال جُڙئي هُجين منهنجي ڀيڻ
 
جواب: عمرڪوٽ ۾ لڳندڙ عورتن جي ميلي جي مختصر رپورٽ

ادي شاهده توهان جي هن اڻٿڪ ۽ بي لوث محنت جي ڪري سنڌ سلامت کي هي شيلڊ ملي، جيڪڏهن سنڌ سلامت جا ميمبر ايئن ئي ڪم ڪندا رهيا ته انشاءَ الله سنڌ سلامت هر ميدان ۾ سنڌ جي ثقافت جي نمائنده هوندي۔۔۔
 
Back
Top