ڪنهن گهاٽي جهنگ ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ هو. جنهن ۾ نبو نالي هڪ ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ رهندو هو. هن جو پيءُ ٻنيءَ تي پوکي ڪندو هو.ٽنڪو گهڻي قدر ضد ڪري ٻني تي ويندو هو ۽ اتي ٻڪرين ۽ ڪڪڙين سان کيڏندو هو. پر اهي جانور نبو کي پسند نه ڪندا هئا. ان جو سبب اهو هو ته هو کين تنگ ڪندو هو ۽ انهن جو پُڇ ڇڪيندو هو جنهن ڪري کين تڪليف ٿيندي هئي. نبو جي ماءُ سندس حرڪتن کان ڏاڍو پريشان هئي ۽ هن کي سمجهائيندي هئي ته جانورن کي تنگ ڪرڻ تمام خراب ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن نبو جهنگ ۾ لڳل وڻن مان ميوو پٽڻ جو پروگرام ٺاهيو. نبو ٽپندو ڪڏندو ۽ سيٽيون وڄائيندو جهنگ طرف ويو. اڃا جهنگ کان ٿورو پرتي هو ته هن جي نظر عجيب ڪپڙن واري هڪ همراهه تي پئي، ڊگهي ڏاڙهي ۽ ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙن ۾ اهو شخص تمام عجيب لڳي رهيو هو. اوچتو ئي هو هڪ طرف وڌڻ لڳو، نبو به ان جو پويان لڳو، گهڻو پرتي هلڻ بعد هو هڪ گهٽي ۾ وريو جنهن ۾ ڪيترائي گهر ٺهيل هئا. اها نبو لاءِ بلڪل نئين جڳهه هئي، هو شخص ننڍي گهر جو دروازو کولي اندر داخل ٿيو ۽ نبو پنهنجي جڳهه تي بيهي رهيو. ايتري ۾ هن جي نظر ويجهو ئي ڀت تي ويٺل هڪ ڪاري ٻلي تي پئي ۽ ٻلي جو پڇ هيٺ لڙڪي رهيو هو، ٽنڪو حرڪت سوچي ۽ ٻلي جو پڇ پڪڙي ڇڪيو، پوءِ هڪ عجيب ڳالهه ٿي وئي، ٻلي جو پڇ نبو جي هٿ ۾ اچي ويو. ٻلي زور سان رڙ ڪئي ۽ هوءَ ڊوڙندي ان عجيب شخص جي گهر ۾ هلي وئي. نبو تمام گهڻو پريشان ٿي ويو، ٿوري دير بعد اهو شخص نڪتو ۽ نبو کي ڏسي سمجهي ويو ته اها حرڪت ان جي آهي، ان تي نبو کي گهڻا دڙڪا ڏنائين ۽ ان تي منتر پڙهي ڦوڪي ڇڏيائين. ڦوڪ هڻندي ئي نبو جو پنهنجو پڇ نڪري آيو. نبو روئندو پنهنجي گهر آيو، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ کي پوري ڳالهه ٻڌايائين. هن جي ماءُ چيو ته مون تو کي چيو هو ته جانورن کي تنگ نه ڪندو ڪر نه ته پڇتائيندي. پوءِ روز ڳوٺ جا ڇوڪرا ٽنڪو کي چيڙائيندا هئا ۽ سندس پڇ ڇڪيندا هئا. اوچتو نبو جي ڪن ۾ آذان جو آواز آيو ۽ هو ان خوفناڪ خواب مان اٿي پيو. ان بعد هن الله جو شڪر ادا ڪيو ته هو خواب ڏسي رهيو هو. پوءِ ان ٻيهر ڪڏهن به حرڪت نه ڪرڻ جو قسم کائي ڇڏيو.