ايماندار شخص

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ڪجهه ڦورن هڪ امير جي دولت ڦرڻ جو ارادو ڪيو، جنهن جي باري ۾ ان امير کي خبر پئجي وئي ۽ هن پنهنجا 6 لک رپيا هڪ واپاري وٽ رکي ڇڏيا ۽ پاڻ ڪنهن ٻئي شهر هليو ويو. واپاري به پهريان کانئس پيسا وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر آخر ان شرط تي پيسا ورتائين ته جيڪڏهن بچي ويا ته واپس ڏيندس ۽ جيڪڏهن ڦرجي ويا ته پوءِ واپس نه ڪندس.

    امير جي وڃڻ کان پوءِ واپاري اهي سمورا پيسا هڪ ميدان ۾ دفنائي ڇڏيا، ڌاڙيل جڏهن امير وٽ ڦر ارادي سان آيا ته کين اتي ڪجهه به نه مليو، جنهن بعد هو واپاري جي گهر پهچي ويا، جنهن ڌاڙيلن کي 50 هزار جي لڳ ڀڳ پنهنجو مال ڏيکاري چيو ته مون وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

    ڌاڙيل به اها رقم ڦر ڪري ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هليا ويا، جنهن جي ڪجهه ڏينهن بعد واپاري لڪي لڪي امير جا پيسا ڪڍي واپار تي لڳائي ڇڏيا. جڏهن چار سال گذري ويا ۽ امير واپس آيو ته شهر جي ماڻهن کان معلوم ٿيو ته سندس وڃڻ بعد ڌاڙيلن ان واپاري کان ڦر ڪئي. اها خبر ٻڌي امير واپاري کان پيسا واپس وٺڻ جو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيو.

    جڏهن 2 مهينا گذري ۽ امير شخص واپاري کان پئسن بابت نه بڇيو ته هڪ ڏينهن واپاري پاڻ اچي امير کي چيو، “توهان اڃا تائين پنهنجا پيسا ڇو نه گهريا آهن؟” امير چيو ته اسان ۾ هڪ معاهدي طئي ٿيو هو ۽ ان تحت تنهنجي ڦرجڻ جي خبر ٻڌي مان پنهنجا پيسا وٺڻ نه آيس. واپاري جواب ڏنو، ڦر جي خبر ته درست آهي، پر جيترا پيسا ڦر ٿيا اهي منهنجا پنهنجا هئا. توهان جا پيسا هڪ الڳ جڳهه تي دفنائڻ سبب بچي ويا، جن کي ڪجهه ڏينهن بعد مون واپار تي لڳائي ڇڏيا ۽ هاڻي توهان اهي پيسا پنج سيڪڙو وياج سميت واپس وٺي سگهو ٿا. اهو ٻڌي امير شخص ڏاڍو خوش ٿيو ۽ نه صرف پنهنجا اصل پيسا وٺي وياج جي رقم معاف ڪري ڇڏيائين پر بادشاهن وٽ به واپاري جي ايمانداري جي تعريف ڪيائين، جنهن تي هن واپاري جي ايمانداري پري پري تائين پکڙجي وئي.

    ڏٺو ٻارو! ايماندار شخص جي ڪيتري نه عزت ۽ تعريف ٿئي ٿي، باقي جيڪو شخص امانت ۾ ٺڳي ڪندو آهي ته ان جي ڪو به شخص نه عزت ڪندو آهي ۽ نه ئي ان سان ڳالهائڻ پسند ڪندو آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو