شڪاري ء بلبل

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هڪ شخص پنهنجي دوست وٽ دعوت تي ويو سندس دوست کيس کچڙي کارائي جيڪا ان کي بيحد پسند آئي هن دوست کان پڇيو ته ”هي ڪهڙو طعام آهي“ دوست جواب ڏنو ته کچڙي آهي. هن پنهنجي دل ۾ اهو ارادو ڪيو ته هاڻي مان به پنهنجي گهر وڃي ساڳو ئي کاڌو تيار ڪرائيندس ۽ ان ڊپ کان ته کائنس رستي ۾ وسري نه وڃي تنهن لاءِ هو رستي ۾ به چوندو پيو اچي ”کچڙي کچڙي کچڙي“ ٿوري دير کان پوءِ هو صحيح لفظ ڇڏي غلط لفظ چوڻ شروع ڪري ڏنو. ”کاچڙي کاچڙي کاچڙي….. ٿورو اڳتي ماڻهو هڪ زمين تان پکين کي اڏائي رهيو هو انهن جنهن وقت هن کي اهو چوندي ڏٺو ته سخت ناراض ٿي ويا ۽ چيو ته اسان چڙيا اڏاري رهيا آهيون ۽ تون وري کاچڙي کاچڙي. هاڻي اهو چئو ته اڏري وڃو پکي اڏري وڃو پکي….“ اهو شخص هاڻي اهو چوندو هليو“ ٿورو اڳتي شڪاري ڄار ۾ پکي پڪڙي رهيا هئا، انهن هن سان وڙهڻ شروع ڪري ڏنو ۽ چيو ته اسان پکي پڪڙي رهيا آهيون ۽ تون چئي رهيو آهين ته اڏري وڃو پکي. هاڻي ائين چئو ”ايندا وڃو ڦاسندا وڃو“ جنهن کانپوءِ اهو شخص اڳتي هليو جتي ڪجهه چور هڪ گهر مان چوري ڪري رهيا هئا انهن جو هن کي اهو چوندي ڏٺو ته ايندا وڃو ڦاسندا وڃو تنهن کيس ڏاڍي مارڪٽ ڪئي ۽ چيو ته هاڻي اهو چئو ته هن ڪم ۾ اڃا به اضافو ٿئي. همراهه اهو چوندو اڳتي وڌندو پيو وڃي جتي ڪجهه ماڻهو جنازو کڻي وڃي رهيا هئا جيڪي سندس ڳالهه ٻڌي جذباتي ٿي ويا ۽ پادرن سان خاطرداري ڪئي، جن کيس چيو ته هاڻي اهو چئو ته اهڙو ڏينهن ڪو ئي به نه ڏسي، جنهن تي اهو همراهه اهو چوندو اڳتي وڌيو ته اهڙو ڏينهن ڪو ئي به نه ڏسي، اڳتي هڪ شادي ٿي رهي هئي. جتي ماڻهن کيس اهو جملو چوندي ٻڌو ته ڏاڍي مارڪٽ ڪئي، ڳالهه جهيڙي تائين پهچي وئي. رستي جي انهن جهيڙن فسادن ۾ اهو شخص کاڌي جو نه نالو وساري ويٺو هو ۽ گهر پهچي زال کي چيو ته اهو پچاءَ جيڪو مان کائي آيو آهيان.

    زال حيراني ۽ پريشاني واري نموني کانئس پڇا ڪئي ته اوهان ڇا کائي آيا آهيو، جنهن تي هن چيو ”نه مان ڪجهه به نٿو ڄاڻان بس اهو ئي پچاءِ جيڪو مان کائي آيو آهيان آخر ڪار زال کائنس سڄي معاملي جو حال احوال ورتو“ ٿورڙي دير کانپوءِ سندس زال پادرن جو هڪ جوڙو ڌوئي ٿالهه ۾ رکي سندس خدمت ۾ پيش ڪيو ۽ چيو ”هيءَ اها شيءِ آهي جيڪا اوهان کائي آيا آهيو“….!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو