مٺل جسڪاڻي ( عوامي آواز) غزل، غزل هجڻ گهرجي. غزل سان ظلم، جبر، زوري، زبردستي، ڏاڍائي، بي واجبي نه ٿيڻ گهرجي، نه ڪرڻ گهرجي. اوهان جيئن به سمجهو، منهنجي نظر ۾ غير مسلسل غزل، در اصل ڄٽ شاعر لاءِ سهارو آهي، عجيب ۽ غريب حربو آهي، جيڪي شهرت جا بکيا شاعر استعمال ڪري رهيا آهن…. جيڪو به، بس، ڪافيو ۽ رديف ملائي، چار پنج بند تيار ڪري سگهي ۽ اهي بي تُڪا، بي ترتيب بند، هڪ ٻئي پٺيان لکي، گڏ رکي، ان کي غير مسلسل غزل چئي، پاڻ کي غزل گو شاعر چوائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ائين نه ٿيڻ گهرجي، نه ڪرڻ گهرجي. آئون پنهنجي موقف لاءِ، مسلسل غزل جي سونهن ۽ سوڀيا محسوس ڪرائڻ خاطر، جنهن جنهن جو به غزل مثال طور لکندس، ته اهو شاعر ۽ ان کي پسند ڪندڙ، ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ هوڪا به ڏيندا، ته غزل تي فلاڻي جي تحرير پڙهو، ڇا ته ڪمال جو لکيو اٿس. آئون جنهن جنهن جو غزل مثال لاءِ پيش ڪندس، ته مون تي چمچاگيري ڪرڻ، خوشنودي حاصل ڪرڻ، دوستي نڀائڻ جهڙن هٿيارن جو بي جا استعمال ڪيو ويندو… غير مسلسل غزل جي بدصورتي واري حوالي سان، ڪيترن ئي شاعرن جي موجود هيڪاندن غزلن مان، جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ غزل به مثال لاءِ هتي پيش ڪندس، ته نه رڳو ان غزل جو شاعر، پر سندس يار دوست، انهن جي مطلبي ٽولي، توڙي غيرمسلسل غزل جو سهارو وٺندڙ سڀ شاعر، مون اڪيلي تي باهوڙجي پوندا، وڦلندا، ته آئون ڪيڏانهن جو به نه رهندس. شاعري ڀلي ٿئي، شاعري ۾ نوان نوان تجربا ڀلي ڪجن، پر ان جي به ڪا تُڪ هجڻ گهرجي. جيئن وائي جا ڪيترا ئي گهاڙيٽا، قسم موجود آهن، وائي ۾ هر گهاڙيٽي، قسم جون پنهنجون گهرجون آهن، تيئن، وائي، گيت يا ڪنهن به صنف جي، پنهنجي گهرج آهي، ان جي گهاڙيٽي کي بنا عقل جي بگاڙڻ، نقل ڪرڻ، يا وري غزل ۾ نواڻ جي نالي ۾، غزل جي صورت ئي بگاڙي ڇڏڻ، ڪنهن به ريت قبول نه آهي. غزل ۾ جدت جي اصول ۽ گهرج موجب، نواڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڀلي ٿيڻ گهرجي، پر اهو درست نه آهي ته مسلسل ۽ غير مسلسل غزل جي ڀيٽ ڪجي، ته… سچ ته مسلسل ۽ غير مسلسل غزل ۾ موجود مواد کي پڙهڻ سان، گهڻا غزل اهڙا به پڙهڻ لاءِ ملندا آهن، جو پڙهندڙ کي روئڻ اچي ويندو آهي… ”ڪيڏانهن منهن مريم جو، ڪيڏانهن ٽنڊو الهه يار“، اهڙي ئي حالت آهي، اڄ ڪلهه جي بيشمار غزل گُو شاعرن جي!!!؟؟؟ هڪ ئي غزل ۾ غم به هجي ۽ خوشي به هجي، ان ئي غزل ۾ قصيده گوئي به هجي ۽ پٽڻو به هجي، جنم جي ڳالهه به هجي ۽ موت جي به، ته ان کي غير مسلسل غزل چئي، قبول ڪجي، ته ڇو ڪجي؟ تُڪبندي ۽ شاعري ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. سگهڙ ۽ شاعر ۾ گهڻو وڏو ۽ واضح فرق آهي. ڀلا، اهو ضروري به ڇو آهي، ته هر ڪو شاعر هجي؟! يا جيڪڏهن شاعر آهي، ته پوءِ اهو ڇو ضروري آهي، ته اهو غزل جو شاعر به هجي؟! سنڌي سميت ٻين ٻولين ۾ به ڏسو، گهڻا اهڙا شاعر آهن، جيڪي صرف ڪنهن هڪ، يا ٻن ٽن صنفن تائين محدود رهيا. جيڪي به، جنهن به صنف ۾ محدود رهيا، انهن پاڻ مڃرايو به آهي. ڇاڪاڻ ته خيال ۽ صنف سان، گهاڙيٽي جي نسبت سان، انهن نڀايو به آهي. غزل پويان ڊوڙ ته تمام گهڻي آهي، پر غزل کي غزل طور پيش ڪرڻ تي ڇو ڌيان نه آهي؟ ائين ئي، جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو، بنا تُڪ جي غزل لکي ڇڏڻ، ٻولي جي ڪهڙي خدمت آهي، ڇا ۾ ٻولي کي شاهوڪار ڪيو پيو وڃي؟! سچ ته مون کي روئڻ ٿو اچي. دل ٿي سڙي…. جيڪي سنڌي ادب جا ماهر آهن، جيڪي ٻولي جا ماهر آهن، جيڪي سٺا شاعر آهن، اهي هن موضوع تي سوچين ۽ نون جي رهنمائي ڪن.