Notes from Europe سنڌ ۾ ڪامورن ۽ جاگيردارن جو بي بنياد اولاد عبدالله مورائي سول انجنيئرنگ جي بنيادي اصول مطابق ته ڪا به عمارت ٺاهڻي هوندي آهي ته ان جو بنياد مضبوط هئڻ ضروري آهي، جيڪڏهن بنياد ڪمزور هوندو ته اها عمارت ڪنهن به وقت ڊهي پٽ ٿي ويندي. انسان جي بنيادي پرورش به ساڳئي طرح آهي. تحقيق ڪرڻ وارن جو خيال آهي ته جڏهن انسان پيدا ٿئي ٿو ته ان جي پرورش جو بنياد يارنهن سالن تائين پنهنجي ماءُ پيءُ يا وڏن ڀاءُ ڀينرن يا گهر ۾ رهندڙ وڏڙن طرفان جنهن طريقي سان ڀريو ويندو اها انساني عمارت به اڳتي هلي ان بنياد مطابق مضبوط يا ڪمزور رهندي. جيڪڏهن ان انساني عمارت جو بنياد پرورش جي صحيح اصولن تحت ڀريل آهي ته واهه واهه، نه ته اڄڪلهه پاڻ ڏسون پيا ته سنڌ ۾ ڪهڙيون ويڌنون ٿين پيون. ڪجهه ڏينهن پهريان پنهنجي دوست ڪارولين (Caroline) سان گڏجي يونيورسٽي کان واپس ايندي اچي زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي (Sub way) ۾ اچي ويٺاسين. ڀرسان ئي ڪجهه نوجوان ڇوڪرا سامهون وارين سيٽن تي جوتن سوڌو ٽنگون ڊگهيون ڪريو ويٺا هئا، حالانڪه اهو ڪو ايڏو وڏو ڏوهه ڪو نه آهي پر هتي ائين ڪرڻ کي ڏاڍو غلط سمجهيو وڃي ٿو ۽ ائين ڪرڻ سان ڏنڊ به لڳي سگهي ٿو. ڪارولين (Caroline) ۽ مان ان نتيجي تي پهتاسين ته هنن ڇوڪرن جي مائٽن هنن جي يارنهن سالن جي زندگيءَ دوران ڪٿي نه ڪٿي پرورش ڪرڻ روڪي ڇڏي هوندي ۽ هو انهيءَ ڪري ائين ڪري رهيا آهن. هيءَ ته هو جوتن سوڌو سيٽن تي ويهڻ جو ڪيس، پاڻ وٽ ڇا پيو ٿئي؟ پرورش کان بي بنياد ننڍي عمر کان ئي اڳيان پويان باڊي گارڊ ۽ واٺا انسان جو دماغ خراب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ۽ نتيجو پاڻ ڏسون پيا ته ڪيئن نه ڪامورن، جاگيردارن جي بي بنياد ٻارن ڊفينس ڪراچيءَ واري علائقي کي ڪنهن ڪچي جو علائقو ڪري ڇڏيو آهي. ڏوهه اولاد جو نه آهي بلڪه انهن بنياد ڀرڻ وارن جو آهي، جن صحيح طريقي سان ڪم نه ڪيو. ڀلي پئسا ڏئي، راڄوڻيون ڪرائي ماڻهو خون معاف ڪرائين پر زندگيءَ ۾ لڳل اهو ڪارو ٽڪو ته آئون خوني آهيان ڪڏهن به پچر نه ڇڏيندو. اها سوچ ته اسان جو ڀاءُ يا پٽ خوني آهي. گهر جي ڪنهن ڀاءَ کي نه ڇڏيندڙ بيماريءَ ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي. ان کان پهريان به ڪافي واقعا ٿي چڪا آهن جن ۾ جاگيردارن ۽ ڪامورن جا اڻ سڌريل بي بنياد ڇوڪرا واٽ ويندن سان اٽڪن ۽ انهن کي هميشه جي لاءِ موت جي ننڊ سمهاري ڇڏين. هتي اهو لکڻ به ضروري آهي ته ڪن ڪامورن جو اولاد وري صالح ٿئي ٿو، ڪنهن کي مارڻ ته پري جي ڳالهه پر جيڪڏهن ڪير کانئن اٽڪي تڏهن به ٻانهون ٻڌي پاسو ڪن، سو دراصل انهن جو بنياد صحيح ڀريل آهي، انهن جو عقل ٿورو گهڻو ڪم ضرور ڪري ٿو ته سڀ انسان برابر آهن ۽ ڪنهن سان زيادتي ڪرڻ دراصل پنهنجي پاڻ سان زيادتي ڪرڻ جي برابر آهي، پوءِ اها ڪيل زيادتي ڪنهن نه ڪنهن ۾ واپس اچي ٿي. انهن سڀني پوءِ ڍاون کي عرض ته توهان ڀلي ٻه چار نمبري ڪري مال ميڙيو آهي ۽ ان تي توهان کي ڀلي فخر به هجي، پر مهرباني ڪري پنهنجي اولاد تي نظر رکو ته اهو ڪيئن ٿو اٿي ويهي، شوشاد ۾ ڪٿي هو پنهنجن ساٿين کان اڳتي نڪرڻ جي چڪر ۾ ته ڪو نه آهي؟ هٿيار جيڪي توهان ان کي وٺي ڏنا آهن هو انهن کي ڪٿي غلط ته استعمال ڪو نه پيو ڪري؟ هٿيار ۽ باڊي گارڊ ۽ آسپاس واٺا ڏسي هو ڪيئن ٿو ري ايڪٽ (Re act)ڪري، سندس بهيور (Behavior) ڪيئن آهي. بهرحال اهي سڀ شيون آس پاس ڏسي ڪچن ذهنن کي هضم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. شادين ۾ ماڻهو شوبازي ڪري وٺي فائرنگ ٿا ڪن پر اها خبر هئڻ گهرجي ته جڏهن هوائي فائرنگ ڪجي ٿي ۽ جيڪا گولي مٿي وئي ۽ واپس ڪرندي ته اها به ايتري ئي ساڳي خطرناڪ هجي ٿي جيتري ڪنهن به انسان يا جانور کي سڌي گولي لڳل هجي. ڪجهه مهينا پهريان ڪنهن دوست جي شادي ۾ ويو هئس، مهمانن جو تعداد پنجاهه جي لڳ ڀڳ، ڪنهن به قسم جي شوبازي نه هئي. آرام سان شاديءَ کانپوءِ پڪ ڪرايل ريسٽورنٽ ۾ ماني کاڌي، فوٽو نڪتا، هرڪو رمدو رهيو. آئون جڏهن سنڌ آيو هئس ته نوابشاهه ۾ هڪ دوست جي شاديءَ ۾ به وڃڻ ٿيو، پاڻ برطانيه مان پڙهيو آهي ۽ اتي ئي نوڪري ڪري ٿو. جڏهن سائين گهوٽ پنڊال ۾ گهڙيو ته هوائي فائرنگ جا ڌوڙيا ٿي ويا. خبر نه آهي ته کيس ان ڳالهه جي خبر به هئي الائي نه ته ڪي هن جا مائٽ يا دوست سندس اچڻ مهل ائين ڪندا، بهرحال آئون اتي سوچ ۾ پئجي ويس ته برطانيه جهڙي ماحول ۾ پڙهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ به جيڪڏهن اسان پنهنجو بهيوير (Behavior) تبديل نه ڪيو ته پوءِ باقي اها ڪهڙي شيءِ هوندي جيڪا اسان کي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ سيکاريندي. ناروي (Norway) جو ملڪ ڏاڍو مهانگو آهي، پوءِ هر ويڪ ائنڊ (Week end) تي ماڻهو ناروي مان سئيڊن جي حدن (Border) واري علائقن ۾ اچي خريداري ڪندا آهن، جن ۾ خاص طور تي سگريٽ ۽ بيئر شامل هجي ٿو. موقعي جو فائدو وٺندي سئيڊن وارن گراهڪ آڻڻ لاءِ هر ويڪ ائنڊ تي بسون پڻ هلايون آهن ته خريدارن کي سهولت ٿئي. يورپ ۾ بارڊر ته آهن پر جهڙوڪر نه هئڻ جي برابر آهن. بقول محمد عيسيٰ جلباڻي جي ته بارڊرن تي ڪاروبار وارو سرشتو اڄڪلهه دنيا ۾ اسٽيبلش (Establish) ٿي چڪو آهي. پاڪستان ۾ به ائين ساڳئي طرح سان اترين علائقن ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سوست وٽ اها سهولت واپارين کي ڏني وئي آهي، ساڳئي طرح سان ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تافتان ۽ مير جاوا بارڊر تي اهي سهولتون موجود آهن. وري جيڪڏهن انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪاروبار جو ذڪر اچي ٿو ته واگها ۽ اٽاري وارو علائقو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. ساڳئي طرح سان مظفرآباد ۽ سرينگر، پونچ ۽ راولاڪوٽ وٽ به ڪاروبار هلي ٿو. ٻن ملڪن جي سرحدي علائقن وٽ ظاهري طور تي جڏهن ڪاروباري سهولتون هونديون ته ٻنهي پاسي جا ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪندا ۽ انهن جون زندگيون تبديل ٿينديون. سنڌ حڪومت ڇو نٿي کوکرا پار ۽ مونا بائو واري بارڊر تي انهن سهولتن جي لاءِ قدم کڻي، ڇو نٿي وفاق کي مجبور ڪري ته اتي به ڪاروباري سرگرميون شروع ڪيون وڃن ته جيئن ٿر ۽ ٻئي پاسي راجستان جي ماڻهن جو ڪاروباري سلسلو شروع ٿئي ۽ ٻنهي پاسي ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي اچي. ايران ۽ پاڪستان وانگر هتي به راهداري وارو سلسلو شروع ڪجي. منهنجا اترين علائقن جا دوست چين جي صوبيXinjaing جي شهرن ڪا ڪاشغر ۽ ارومچيءَ تائين بغير ويزا جي ايندا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته چائنا ۽ پاڪستان جي علائقن جي ٻنهي پاسي ماڻهن جا مٽ مائٽ رهن ٿا ۽ انهن کي ڪا اسپيشل قسم جي اجازت آهي ته هو اچن وڃن ۽ ڪاروبار ڪن. ڇو ته ٿر ۽ راجستان جي ماڻهن کي به اهڙي قسم جون اجازتون ڏجن ته هو پنهنجي پاڻ جي تحت ڪجهه ڪن. باقي امداد تي هيرائڻ ائين آهي جيئن بقول حسن نثار جي ته چوزن کي ٽن چئن ڏينهن داڻو نه ڏيو ۽ پوءِ جڏهن بک کان پاهه ٿين پوءِ داڻو پنهنجي پيرن جي ڀرسان اڇلايو ته اهي سڀئي چوزا توهان جي پيرن ۾ اچي بيهندا ۽ جڏهن انهن جو پيٽ ڀريل هوندو ته اهي واپس هيڏانهن هوڏانهن هليا ويندا ۽ پوءِ ڀلي ڪيڏو به داڻو اڇلايو وري ويجهو نه ايندا. ساڳئي طرح سان پاڻ وٽ به لڳي ٿو ته ساڳي طريقي سان عوام کي هلايو وڃي ٿو، ماڻهن کي تپائي تپائي پوءِ داڻو ڏيو ته پوءِ اچي هو پيرن ۾ ڪرندا، جڏهن پيٽ ڀريل هوندو ته شايد ايتري لفٽ نه ملندي. ٿر آئون به ويو هئس ڪجهه دوستن سان، ننگرپارڪر ۾ وڃي عبدالخالق راهمون جا مهمان ٿياسين، پياري ماڻهو خدمت مان وسان ڪو نه گهٽايو. شابس هجيس، انهن ڏينهن ۾ برسات جام پئي، سچ پچ ته ٿر ڄڻ سوات وانگر سرسبز ٿي پيو هو، نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها هئي ته ڪافي ماڻهو ان طرف گهمڻ لاءِ آيا پئي پر رهائش سهولتن جي اڻاٺ هوندي ماڻهو ساڳئي ڏينهن ئي موٽي پئي ويا. ٿرين کي گهرجي ته هاڻي ڪوشش ڪري گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ جو پورو پورو بندوبست ڪن، هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن جي صورت ۾، ٿر گهمائڻ جي ڳائيڊ جي طور تي، ننڍا ننڍا ڪيفيٽر يا کولين ۽ سياحن کي به گهرجي ته رڳو مفت ۾ سهولتون حاصل ڪرڻ کان پاسو ڪن. هونءَ به هاڻي ٿرڪول واري پروجيڪٽ کانپوءِ اتي ماڻهن جي آمد و رفت تمام وڌندي. اتي وڏي ضرورت پوندي هوٽلن جي، ريسٽورنٽس جي، وارو ڪيو، ان کان پهريان جو پٺاڻ اچي اتي پنهنجا ديرا ڄمائين ۽ اسان سڀئي وات پٽي ڏسندا رهجي وڃون. روزانه عبرت ۾ ڇپيل ___
ٿرين کي گهرجي ته هاڻي ڪوشش ڪري گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ جو پورو پورو بندوبست ڪن، هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن جي صورت ۾، ٿر گهمائڻ جي ڳائيڊ جي طور تي، ننڍا ننڍا ڪيفيٽر يا کولين ۽ سياحن کي به گهرجي ته رڳو مفت ۾ سهولتون حاصل ڪرڻ کان پاسو ڪن. هونءَ به هاڻي ٿرڪول واري پروجيڪٽ کانپوءِ اتي ماڻهن جي آمد و رفت تمام وڌندي. اتي وڏي ضرورت پوندي هوٽلن جي، ريسٽورنٽس جي، وارو ڪيو، ان کان پهريان جو پٺاڻ اچي اتي پنهنجا ديرا ڄمائين ۽ اسان سڀئي وات پٽي ڏسندا رهجي وڃون. نهايت اهم ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو اٿو ... اسانکي ٿر، ڪينجهر، گورک سميت ٻين اهڙين جڳهن تي سهوليتون پهچائڻ جو سوچيڻ گهرجي ۽ ان تي فوري عمل ڪرڻ گهرجي. اهو ڪم اتان جا لوڪل ماڻهو ڪن ته بهتر رهندو. ڇو ته هو اتان جي ماحول کان به چڱي طرف واقف هوندا آهن.