شاهه جي رسالي تي نئين سر تحقيق جي گهرج ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ شاهه صاحب رحه جي شاعريءَ تي تحقيق جي حوالي سان مختلف دوست پنهنجا پنهنجا رايا ڏيئي رهيا آهن. اها حقيقت آهي ته، گربخشاڻي صاحب ۽ شاهه رحه جي ٻين شارحن بهتر ڪم ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر گربخشاڻي کان وٺي ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ تائين سڀني محققن رسالي جي قدامت، قديم ترين پڙهڻين، ۽ بيتن جي ڀيٽ ڪرڻ يا ڪلام خارج ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، ۽ قلمي، ڇاپي توڙي گنج جي پڙهڻين کي آڏو رکي بيتن کي ٺاهيو ويو آهي، نه ڪي سڌاريو ويو آهي، ڇو جو بيتن جي لفظن، تلفظ، درست اُچارن ۽ صحيح صورتخطي تي توجهه نه ڏني وئي آهي، ۽ قديم عربي صورتخطي مان موجوده رسم الخط ۽ موجوده سنڌي اُچارن ۾ آڻڻ ۾ به غلطيون ڪيون ويون آهن. جنهن ڪري شاهه جو ڪلام فڪري مونجهارن جي ور چڙهي ويو آهي. عالم، محقق ۽ شاهه رحه جا عاشق، سندس فڪر تي روز بروز نون رُخن کان تحقيق ڪندا ۽ فڪر کي جاچيندا پيا اچن ته جيئن شاهه رحه جو ڪلام پنهنجي اصل روح ۾ ماڻهن تائين پهچي. شاهه صاحب رحه عربي، هندي ۽ سنڌي جو عالم هو، هن ٻوليءَ جا پنهنجا لفظ گهڙيا ۽ ڪم آندا آهن. جڏهن اُهي ڪاتبن اُچار ٻڌي لکيا ته يا ته صورتخطي غلط لکجي وئي، يا اُهي هندي، عربي لفظ سنڌي قالب ۾ اچي پنهنجي صورت مٽائي ويا، جنهن سان مفهوم ۽ فڪر به مٽجي ويو. ان سلسلي ۾ ميرپور ماٿيلي جو محقق، نقاد ۽ شاعر پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو، جنهن قاضي قاضن جي سوانح ۽ شاعري تي تحقيق ڪئي آهي، ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو لکيو آهي، تنهن شاهه جي گنج جي نئين سر تحقيق ڪئي آهي ۽ بيتن جون صحيح پڙهڻيون ڏنيون آهن، جنهن سان شاهه رحه جي شاعري جو فڪر اڃا وڌيڪ عام فهم ۽ واضح ٿي ويو آهي. ڪريم بخش چنا/ميرپور ماٿيلو بشڪريه روزانه ڪاوش اخبار مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا آء ڪئين سيج ســــمهان مـــنهنجا ماروئڙا پڌري پٽ ســمهــــن آء ڪيئن لوڻ چکان منهنجا ماروئڙا روزا روز رکن (استاد بخاري) ٿرــــ هي اهو ٿر آهي جنهن جوذڪر سنڌ جي صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ تمام گهڻو ڪيو آهي، ۽ شاه صاحب مارئي جي زباني ٿرين لاء ٿو چورائي چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري! جن ٿي پَي پِياريو، مَــنجھان سِــڪَ سَــري؛ وَنهِيَنِ ويــــڙِيچَـــن جـــي، سِــٽائُــنِ سَـــري؛ ٿَـــرَنِ ٿـــوڪَ ڌَري، اُٺــي وِيَـڙا اُڪِــــري. اهڙي ريت سنڌ جي هڪ ٻئي وڏي شاعر جناب شيخ اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ( ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر )۾ لکيو آهي ته اسان هڪ ڏينهن ٿر گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ هميشه گهمائڻ جو بار جمال ابڙو تي هوندو هو ۽ هي به بار ان جي مٿان هو، اسان جڏهن ٿر گهمڻ لاء نڪتاسين ۽ ٿر ۾ هڪ چڱي مڙس وٽ پهتاسين، جمال صاحب اسان سان گڏ هو سو سرڪاري پروٽوڪول پڻ ساڻ هو، ٿر ۾ اسان کي ڪيترين شين جي باري ۾ ٻڌايو ويو ۽ ڪيترن ماڻهن سان پڻ ملايو ويو، پر انهن ماڻهن مان هڪ ماڻهون مون کي هميشه ياد رهيو، ۽ اهو ڪو نه زميدار هو، ۽ نه وري ڪو عالم اديب ۽ ليکڪ هو، پر هڪ اٻوجهه،سادو ۽ سچو هڪ ٻڪرار هو، جنهن جو نالو هو جمعو نانگائي. جيڪو ٻڪريون چارائڻ سان گڏ نانگن جي وڏي ڄاڻ رکندو هو، ۽ هر هڪ نانگ بابت هن کي خبر هئي ته هي ڪهڙي قسم جو نانگ آهي، ۽ هن جي عمومن ڪيتري عمر ٿئي ٿي، سال ۾ ڪيترا ڀيرا پنهنجي کل مٽائيندو آهي، هن جي ڏنگ ۾ ڪيترو اثر آهي، وغيره وغيره. پر افسوس جو اهڙي ڄاڻ وارو شخص ٻڪريو چاري رهيو هو، ۽ هن کي ٻن ويلن جي ماني به صحيح سان نصيب ڪون هئي، پر اهيو ساڳيو ماڻهون اگر امريڪا ۾ هجي هان ته ڪنهن نانگن سان تعلق رکندڙ اداري جو گهٽ ۾ گهٽ ڊاريڪٽر هجي هان. پر هٿ هن جي سڃاڻپ صرف اهيا هئي جمعو نانگائي.سو ادا اسان جي ماڻهن جا ۽اسان جي سنڌ جا اسان جي ٿر جا اهي حال آهن، هنن ويچارن کي نه ئي ڪمپيوٽر ٿو گهرجي نه ئي ٻئي ڪا وڏي ٽيڪنالاجي، پر هنن کي ته صرف زندگي گذارڻ جون بنيادي ضرورتون گهرجن، پر افسوس جو اهي به هنن کي ميسر نه آهن، جڏهن ته ٿر ۽ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ ٻه صاحبِ اختيار ۽ اربابِ اختيار جناب ارباب غلام رحيم ۽ مظفر حسين شاه صاحب پڻ سنڌ جا وڏا وزير رهيا آهن مگر اهي به پنهنجن ٿرين لاء ڪجهه ڪري نه سگهيا، ۽ ڪا ٿرين لاء چڻگ نه ٻاريائوئون جڏهن ته هن ئي ٿر ۾ ايترو ته ڪوئلو آهي جو هن ڪوئلي جي صحيح استعمال سان نه صرف ٿري پر پوري سنڌ خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿي، مگر افسوس ۽ افسوس. ٿر بابت لکيل ڪتاب ۽ معلومات ٿر جو نالو ـــ سنڌ جي ماياناز تاريخدان جناب ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جن پنهنجي ڪتاب ( سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ لکن ٿا ته ٿر اصل ۾ سنسڪرت زبان جو لفظ سٿل مان نڪتل آهي جنهن جي مطلب آهي ، هڪ هنڌ بيٺل، يا نه وهندڙ، يعني خشڪ ( جتي درياء نه هجي ) ۽ پوء سٿل مان لفظ ڦري ٿيو ٿل ۽ پوء ٿل مان ڦري ٿيو ٿر. ـــــ ٿر کي ريگستان پڻ چيو ويندو آهي،۽ ريگستان جي معني آهي واريء واري جڳهه ـــ ريگ معني واري + آستان معني جڳهه ٿربابت تحقيق ۽ ڪتاب ـــــ ٿر بابت تاريخي حقيقتون تمام ٿوريون ملن ٿيون، ۽ تاريخ ريگستان تي تمام گهٽ ڪم ڪيو ويو آهي، اگر ڪجهه حقيقتون ملن به ٿيون ته اهي تمام ٿوري معلومات ڏين ٿيون. ٿر جي اڀياس ۽ معلومات لاء سڀ کان پهرين 1847ع ۾ ڪوشش جناب ڪئپٽن اسٽئنلي نيپئر ريڪس جن ڪئي، ۽ هي شخص ان وقت ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيل هو.هن شخص سرڪاري رڪارڊ کي گڏ ڪري1856ع ۾ هڪ انگريزي ۾ ڪتاب پڻ لکيو. جيڪو 1859ع ۾ بمبئي سرڪار طرفان ڇپيو. تنهن کانپوء ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جن به 1924ع ۾ ٿر بابت هڪ ڪتاب (سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راج )لکي ڇپرايو. ڀيرو مل کانپوء وري 1934ع ۾ مسٽر تيج سنگ سولنڪي هڪ ڪتاب امر ڪوٽ اتهاس نالي لکي ۽ ٿر جي تاريخ ۽ رسم رواج تي روشني وڌي. تنهن کانپوء سنڌ جي مشهور تاريخدان رائچند هريچن ( تاريخ ريگستان ) نالي ٻن جلدن ۾ هڪ مڪمل ڪتاب لکيو. باقي ٿر جي زندگي ڪئين ٿيندي آهي ۽ ٿر جا ماڻهون ڪيئن پيا گذارين، انهن جا ڏک درد تڪليفون ڪهڙيون آهن انهن جا ڪهڙا مسئلا آهن اهي هيٺ ڏنل وڊيوز ۾ ٿا ڏسون. سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهون http://www.youtube.com/watch?v=eLbvYsBo67U&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=jNoVbz4Iqto&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=xpLKuM9ihJo&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=-fBgs_4pUOU&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=nUTsowULqHs&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=bijxhzcmO3o&feature=related ٿرپارڪر لائيف اسٽائل http://www.youtube.com/watch?v=kXiPH5D4EEs&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=U7r1RCh21k4 ننگرپارڪر (ٿر) هڪ رپورٽ http://www.youtube.com/watch?v=an35ObaxL0Y&feature=related ٿر جو لوڪل فنڪار ۽ لوڪ ڌن http://www.youtube.com/watch?v=SH60LidZfj4 ٿر جا چوڙا هڪ رپورٽ http://www.youtube.com/watch?v=niNQZxpaR8A&feature=related منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين (حليم باغي) http://www.youtube.com/watch?v=veIXsJGQytw&feature=related