جي پنهنجو پنهنجو نور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا، سي لُڙڪ مٽيءَ ۾ لـــــوئــــي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا! سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا ، سي پَن پَن ۾ پرلاءُ ٿيا، جي بَن بَن بِينَ وڄائي ويا ، جي تن من واري ڳائي ويا. مون ڌرتي تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا ، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا، جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني ، سي وارا وير وڄائي ويا. اڄ ڪو به ڳچيءَ ۾ ڳٽ نه آ ، ڪو مُڙس انهن جو مٽ نه آ، جي سارا ڪوٽ اَڏائي ويا ، سي گھوٽ اسان کي گھائي ويا. مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا ، مون سوريءَ تي سو مان ڏٺا، اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها ، جي پنهنجا ڪنڌ ڪَپائي ويا! مون ويندي تن جا پير ڏٺا ، مون ڇا ڇا مُڙس مٿير ڏٺا ! جي ڪيئي سِج اڀاري ويا ، جي ڪيئي سِج سمائي ويا. مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا ، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا، مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا ، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا! سي جيءَ جيارا ماڻهو ها ، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها، جن ساهه ڏئي ، ويساهه ڏنو ، جي دل ۾ درد دُکائي ويا. هو بادل بادل آيا ها ، جن جَل ٿَل ڀال ڀَلايا ها ! اي کيت کِڙو ، او شال ٽِڙو ! هُو پنهنجا مينهن وسائي ويا. ويا پريت ڏئي هُو پاڻيارا ، اڄ ڪينجھر تن جا ڪاڻيارا، ڇا راڱا تن سان رُڃ ڪيا ، جي تنهنجي اڃ اجھائي ويا! هُو پيار پتنگا کامي ويا ، ۽ ڪيڏو دُور اڏامي ويا ! پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ ، هُو پنهنجي جوت سمائي ويا. ڪلهه رات مسافر آيا ها ، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها، ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻَ ڪري ، هُو ڪيڏا مَچ مچائي ويا! ڇا ڇا نه وسيِهَر ـــــــــــــــ وَنگَ هُيا ! پر نانگا يار نسنگ هُيا، ڪي تُنهنجو رُوپ نِکاري ويا ، جي تنهنجي سينڌ سَجائي ويا. ڇا نعرا ها ڇا نينهن هُيا ! هئه مڙس هُيا يا شينهن هُيا! جي ڏونگر ــ ڏيل ڏڪائي ويا ، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا. آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا، جي سارو جڳُ جرڪائي ويا ، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا . جِن پاسو ورتو ڪُوڙ ڪنان ، هي مُڙس نه ويندا مُور مَنان، جن واڪي واڪي وَس ڪيا ، جي سارو سچ ٻُڌائي ويا. اڄ ڇوهَه انهن جا ڇوليءَ ۾ ، اڄ ٻولَ انهن جا ٻوليءَ ۾ اي ڌرتي! تُنهنجيءَ جھوليءَ ۾ ، جي سُورهيه سِيس ڇُپائي ويا. هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل ، هي جھوليءَ جھوليءَ ۾ گُل ڦُل، ويا سانول ڇا ڇا سَڳ ڇڏي! ڇا جَندڙيءَ کي جَرڪائي ويا ! ڇا سمجهي تن کي جيءَ جَڏي ، آ تِن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي، ها ڇا ڇا ارڏا ڪَنڌ اَڏي ! جي تو کي مَيندي لائي ويا. هي بِرهه به ڪوئي بَڙُ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جَڙَ آهي! مون اُن ۾ ڪيڏا ڏار ڏٺا ، جي ڇانو ڪري ، مَن ڀائي ويا. اي آري! تنهنجي آڍَ هُئي ، پر ڏونگر ڏاڍا ڏاڍ ڪيا! هِي تُنهنجا پيارا پيرا ها ، جي پنهنجو پنڌ پُڄائي ويا. ڪِئن تو کي ڪاري ٻاٽَ مڃان ، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا، آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃا ، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا . هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ ، پر مرندي مات نه مڃڻي آ، مون اهڙا سو ساونت ڏٺا ، جي پنهنجو هَٺ هلائي ويا. ڏسُ! باک ڀليري آئي آ ، ڏِسُ! سَنڌُ مٿان سَرهائي آ! ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين ، جي مارُو ماڳُ مَٽائي ويا!