(ڪلام ريجهه علي شاهه) پروفيسر منظور حسين کهڙو: سيد ريجهه علي شاهه لڪياري عرف ريجهل شاهه 14 جمادي الاول سن 1319 هجري مطابق سن 1901ع ڌاري سيد ڇتن شاهه جي گهر، کهڙا شهر ۾ پيدا ٿا. ريجهل شاهه جي حسب ...نسب جو سلسلو ستين امام حضرت موسى ڪاظم عليه السلام سان ملي ٿو. جنهن ڪري ڪاظمي سيد پڻ سڏجن ٿا. هن گهراڻي جو وڏو سيد علي مڪي هتي آيو. (جنهن لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو مڪي شريف کان 512هه مطابق 1118ع ڌاري لڏي سنڌ ۾ آيو. سندس اولاد لڪيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ سبب لڪياريءَ سڏجڻ لڳو.) لڪي جيڪو هاڻ لڪي شاهه صدر سڏجي ٿو. (پراڻو ضلعو دادو، هاڻوڪو ضلعو ڄامشورو). لڪيءَ جي مشهور ۽ معروف ولي الله شاهه صدرالدين عليه الرحمت جو نست سيد علي مڪيءَ سان هن طرح سان ملي ٿو: “سيد صدرالدين بن شاهه محمود بن شاهه حسين بن شاهه ڇڪتن بن سيد علي مڪي.” “شاهه صدرالدين کي ٻه پٽ هئا، هڪ راشد شاهه ۽ ٻيو شاهه حسين. ريجهل شاهه جي خاندان جو سلسلو شاهه حسين مان آهي.” هن درگاهه جو باني سيد ريجهه علي شاهه (اول) لڪياري آهي. “جيڪو ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ سيوهڻ مان لڏي اچي گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ ٻيلهاڙي ۾ ويٺو. ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيلهاڙي مان لڏي کهڙن جي شهر ۾ آيو ۽ دين جي تبلغ شروع ڪيائين.” ريجهه علي شاهه پهرين جي وفات کان پوءِ ان جو فرزند سي ٻڍل شاهه گادي تي ويٺو. هي به هڪ وڏو ڪامل شخص ٿي گذريو آهي. هن جي آخري آرام گاهه مشهور قبرستان پير ڪٽپر ۾ آهي. جيئن ته ريجهل شاهه جي ولادت هڪ خوشحال گهراڻي ۾ ٿي، تنهن ڪري ننڍي هوندي ئي سندن پانا ۽ پرورش وڏي لاڏ ڪوڏ سان ٿي. تڏهوڪي مروج اصول موجب ريجهه علي شاهه جڏهن ڇهن سالن جي ڄمار کي پهتو ته کيس مروج تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪو ۾ ويهاريو ويو. “پاڻ درسي تعليم صرف ٽن درجن تائين حاصل ڪيائون.” پوءِ وري ڪڏهن به اسڪول نه ويا پر پنهنجي لکڻ ۽ پڙهڻ جي مشق جاري رکيائون ۽ مطالعو جاري رکيائون. ٿوري ئي وقت ۾ لکڻ پڙهڻ مهارت حاصل ڪري وصا. سندن هٿ اکر به ڏاڍا شاندا هئا. پاڻ اڃا يارهن ورهين جا ٻالڪ هئا ته سندن مٿان قدرت واري پددانا شفقت وارو هٿ هٽائي ورتو. پوءِ سندن پرورش ۽ تربيت وڏي ڀاءُ ٻڍل شاهه ڪئي. اهو ان اعلى ترين تربيت جو ئي نتيجو آهي جو ننڍي ڄمار ۾ ئي پاڻ روحانيت ڏانهن قائل ٿيندا ويا. نوجوانيءَ واري وهي ۾ وڏي ٺاٺ باٺ سان اميريءَ وانگر زندگي گذاريائون، ڀلا گهوڙا رکيائون ۽ پاڻ به سٺا گهوڙي سوار هئا. ڀلن ڪپڙن پائڻ جا ڪوڏيا ۽ خوش پوش رهيا. ڪار هلائڻ ۽ والي بال راند کيڏڻ جا شوق ڪيائون. فوٽوگرافي به سندن مشغلن ۾ شامل هئي. ايتري قدر جو ڪجهه وقت لاءِ آبوياڻي پڻ ڪندا هئا. پر پوءِ ان کي ترت ترڪ ڪيائون. پوءِ جڏهن سندن وڏي ڀاءُ (سيد ٻڍل شاهه) گوشي نشيني اختيار ڪئي ۽ گادي سندن حوالي ڪئي ته پاڻ هر شيءِ ترڪ ڪري فقير اختيار ڪيائون. توڻي جو فقيري اختيار ڪرڻ کان پهريان ئي پنهنجي وڏي ڀاءُ جي صحبت مان رڱجي چڪا هئا ۽ مذهبي ڪتابن جو خوب مطالعو ڪندا رهندا هئا. ان مذهبي علم جي مطالعي سندن زندگيءَ ۾ ڦيرو آندو. پاڻ ويهن ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ ئي اهل بيت جي حب ۾ عراق، ايران ۽ شام جو سفر ڪري مقدس زيارتگاهن جي زيارت ڪري نروار ٿيا. پنج سال بعد ۾ يعني پنجويهن سالن جي ڦوهه جواني ۾ حج بيت الله جي سعادت حاصل ڪيائون. اهڙيءَ ريت سندن زندگيءَ ۾ انقلاب ايندو ويو ۽ ويراڳ وٺي اميري ڇڏي فقيري اختيار ڪيائون. فقيري اختيار ڪرڻ کانپوءِ گهڻو وقت پير ڪٽپر جي جهنگ ۾ رهڻ لڳا ۽ مجذوب ٿي رهيا. نيٺ جڏهن اعتدال ۾ آئي تڏهن مذهبي تبليغ ۾ مشغول ٿي ويا. گهڻو وقت غريبن ۽ مسڪينن سان ڪچهريءَ ۾ گذاريندا هئا. پنهنجن مريدن ۽ ٻين ماڻهن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪندا هئا. پنهنجي زندگيءَ جو خاص مقصد خلق جي خدمت کي سمجهندا هئا. پاڻ ڪڏهن به وڏائي ۽ تڪبر جي ويجهو نه ويا. نمود و نمائش جي خلاف هئا. فقيرن کي چوندا هئا ته جيڪڏهن اوهان کان ڪو پچي ته ريجهل شاهه ڪهڙو آهي؟ ته اوهان مون کي وائکو نه ڪجو، پر ايئم چئو ته اسين سڀ ريجهل شاهه آهيون. سيد ريجهل شاهه لڪياري ويهين صفر 1375هه مطابق 1955ع ۾ ڇنڇر جي ڏينهن 4:35 منٽن ٿي شام جو چهلم واري ڏهاڙي ڳوٺ فيصل مهر (کهڙا ڇڏي سائين هتي اچي رهائش اختيار ڪئي هئي) تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور (ميرس) ۾ وفات ڪئي. کين سندن وصيعت موجب گمبٽ اسٽيشن ۽ گمبٽ شهر جي وچ تي اسٽيشن روڊ وٽ اباڻي زمين ۾ دفن ڪيو ويو. ڪلام ٿل: بعد نبي رهبر ساڏا، حيدرِ ڪرار هي، بت شڪن خيبر ڪُشا، او قاتل ڪفار هي. 1- ڪيتي نبي سرور حديث وچ مقام خمِ غدير، جنهن دا مين سردار هان، اوندا علي سردار هي. 2- جو حيدري مريد هي، قسم خدا يقين ڪر، تحقيق اهو روز حشر، ڪوثر دا حقدار هي. 3- حق غضِب ڪيتا جنهان سيد سردار دا، قسم خدا انهان ڪنون، “حاجي ريجهل شاهه“ بيزار هي. فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل
سيد ريجهه علي شاهه لڪياري ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ سيوهڻ مان لڏي اچي گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ ٻيلهاڙي ۾ ويٺو. ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيلهاڙي مان لڏي کهڙن جي شهر ۾ آيو ۽ دين جي تبليغ شروع ڪيائين۔