مجزوب حافظ علي مراد زرداري ڪتاب فقير علي مراد ولد جمال فقير زرداري اٽڪل 1320 هه ۾ ڳوٺ ٻڊو لڳ دولتپور ۾ ڄائو. اڃا ڇهه ست سالن جو مس هو ته والد ۽ والده وفات ڪري ويس. والد صاحب سکيو ستابو هو، کيس 70، 80 کن ڏاچيون هيو...ن. سندس پيءَ جي وفات کانپوءِ هي اڪيلو وارث هو. کيس پڙهائي جو ڏاڍو شوق هو، پر ڏاچين جي مجبوري ڪري ڪونه پڙهي سگهيو. هڪ ڏينهن ڳوٺ جي ماڻهن سان گڏجي جهنگ ۾ ڏاچيون سنڀالڻ لاءِ ويو، ڪنهن ماڻهو علي مراد کي سڏ ڪيو ان وقت بپهري منجهند هئي. سڏ ڪرڻ وارو شخص فقيري ويس ۾ هو. هٿ ۾ لٺ ۽ تسبيح هئي، ڪنهن به ماڻهوءَ هن کان خوف ڪونه پڇيو ته تون ڪير آهين. فقير سان بهر حال علي مراد گڏجي ويو. فقير کيس وڻن جي اوٽ ۾ وٺي وڃي چيو ته علي مراد! مونکي سڃاڻين؟ علي مراد کيس چيو ته مان توهان کي نه سڃاڻان! فقير کيس چيو ته ”مان توهان کي چوڻ چاهيان ٿو ته تو قلندر شهباز ٻڌو آهي تگه قلندر شهباز مان آهيان. مان حضور جي مجلس ۾ هوس. اتي حضور جي چوڏهين صدي جو ولي توهان کي بنائي منهنجي حوالي ڪيو آهي. مان اها امانت توهان کي ڏيڻ آيو آهيان. ڀاڪر ۾ علي مراد کي وٺي چيائين ته تون پڙهه ” لا الله الا لله محمد الرسول الله“ ۽ هاڻي پڙهه. اسم ذات ”الاهو“ اٽڪل ڏهه ٻارهن ڀيرا اهو ورد چورايائين. اهو سڀ آواز سندس مائٽن ۽ ڌنارن به ٻڌو. پوءِ آواز بند ٿي ويو. ٻن ڪلاڪن بعد ڌنارن علي مراد نالو وٺي سڏ ڪيا. جڏهن جواب نه مليو ته علي مراد کي وڃي ڏٺائون ته فقير ته ڪونه هو. مگر علي مراد بيهوش ٿيو ڪريو پيو هو. ساٿين کيس اٿاريو. مگر ڪوبه جواب ڪونه مليو. سندس ساٿي آڙي پاڙي ڏي ڀڳا. اهي پاڙيوارن مان وڃي، بسترو ۽ کٽ کڻي آيا. پوءِ علي مراد کي کڻائي ڳوٺ وٺي آيا. ڪيترا فقير جاڳر ۽ تعويذ وار گهرايائون. علاج شروع ڪيو ويو مگر علي مراد اڃان به بيهوش پيو رهيو. فقيرن چيو ته هن کي جن آهي ته ڪي چون ته ديو يا پريءَ جو پاڇو اٿس.اٽڪل ڇهه ڏينهن ۽ راتيون برابر بيهوش رهيو. ان دوران ڪنهن به قسم جي چرپر ڪانه ڪيائين. حڪيمن کان دوا درمل به ڪرايائون. مهر ڪوبه فرق نه پيو. آخر ڇهين ڏينهن واري رات جو ٻي بجي پاڻ سجاڳ ٿيو. جيئن سجاڳ ٿيو، ته پاڻ ڪلمو پڙهيائين ”لا الله الا الله محمد رسول الله“ وري الله هو جو ذڪر پڙهڻ شروع ڪيائين. پوءِ الف کان وٺي يي تائين سڀ لفظ پڙهائين. پاڻ ٻڌايائين ته مونکي جن آهي نه وري ديو يا پري آهي. پاڻ ٻڌيائين ته جڏهن مونکي سڏ ٿيو ته مان اتي ويس ۽ فقير سان ڪيل ملاقات جواحوال ٻڌائي ۽ چيائين ته جڏهن فقير مون کي ڀاڪر پاتو ته مون کي سينو برف وانگر ٿڌو لڳو. پوءِ مان بيهوش ٿي ويس. بيهوشي ۾ مونکي پڙهڻ جو عشق شروع ٿيو. جيئن ته حافظ فقير جو خاندان اصل کان وٺي فقير گهر هو. مگر ناعلم هو. حافظ صاحب پوءِ چاچن کي عرض ڪيو ته مون کي ڇڏيو ته آئون مدرسي ۾ پڙهان، پر هنن نه ڇڏيو ۽ چيائون ته تون مال چار! علي مراد کي پڙهڻ جو عشق تمام گهڻو هو ، رڳو پاڻ پيا پڙهندا هئا، الف بي جا 32 لفظ پاڻهي پڙهي ويندو هو. پوءِ حافظ مير محمد ڏاهري کي خبر پئي ته ڇوڪري کي پڙهڻ جو عشق آهي. حافظ مير محمد ڏاهري جو پنهنجو مدرسو پڻ هو. علي مراد مدرسي ۾ ويو. مولوي صاحب کي چيائين ته مان پڙهندس، مولوي صاحب کيس چيو ته توهان کي پنهنجي مدرسي ۾ ڇڏيندس ته تنهنجا عزيز توکي پڙهڻ نه ڇڏيندا. تنهنجي وڏڙن جو اسان ۽ اسان جي وڏڙن تي احسان آهي. تون اچ ته شاهپور جي اولهه ۾ دودي ڀاڻ پوٽو هي ڳوٺ واري مدرسي ۾ توکي پڙهڻ جي لاءِ ڇڏي اچان! پوءِ ننڍڙي علي مراد کي پاڻ سان وٺي وڃي مدرسي ۾ داخل ڪرايو. ٽن مهينن کانپوءِ جڏهن سندس چاچن کي خبر پئي ته کيس مدرسي ۾ ڪڍائي ٻيهر مال چارڻ جو ڪم سونپيائون. علي مراد کي علم جو شوق تمام گهڻو هو. پاڻ مائٽن کان لڪي دادو کان درياءَ جو پتڻ ٽپي ڪجهه وقت ٽلٽي شهر ۾، هاليپوٽن جي مدرسي ۾ وڃي ٽڪيو ۽ اتي ڪجهه وقت قرآن شريف پڙهيو. پوءِ اتان سيوهڻ شريف ويو اتي سوهڻ شريف جي هڪ مدرسي ۾ قرآن شريف جو سبق ڪيو. رات ڏينهن مدرسي ۾ پڙهندو هو. اتي پنجن مهينن ۾ قرآن شريف مڪمل پڙهي پورو ڪيائين. پڙهڻ وقت ڏينهن جو قرآن شريف پڙهندو هو ۽ رات جو قلندر جي روضي تي اسم شريف پڙهندو هو. ريبع الاول جي جمع جي پريت رات کيس قلندر شهباز وٽان اشارو مليو ته علي مراد اها جاءِ ڇڏي وڃ ۽ وڃي علم پڙهه. سيوهڻ مان نڪري ڪجهه وقت جوهي ۾ مدرسي ۾ پڙهيو ۽ ڪجهه وقت دادو ۾ پڙهيو پوءِ علم حاصل ڪرڻ لاءِ شهداد ڪوٽ ۾ رهيو. اتان ئي ٿوري وقت لاءِ شڪارپور جي مدرسي ۾ رهيو ۽ پويان چاچا کيس ڳولهيندا رهيا. مگر انهن کي علم جو پياسي هٿ نه آيو. پوءِ لاڙڪاڻي مان حافظ امام بخش سومري وٽان چئن سالن ۾ قرآن حفظ ڪيائين ۽ پارسي به اتي پڙهيو. سير و سفر ڪندي بغداد ڏانهن روانو ٿيوجتي ٽي مهينا دستگير بادشاه جي روضي مبارڪ وٽ رهيو ۽ اتان وري هڪ سال چار مهينن لاءِ ڪربلا معلى ويو ۽ درٻار ۾ چلا ڪڍيائين. سير سفر دوران ست ٻوليون ڳالهائڻ سکيو جن ۾ سرائيڪي، سنڌي، بلوچي، بروهڪي، اردو، فارسي، عربي وغيره اچي وڃي ٿي. حافظ علي مراد جو وصال 14 شوال 1384هه ڳوٺ سائو ڍورو تعلقو مورو شهر کان پنج ميل ڏکڻ طرف سندس مقبرو چوطرف ٽن ميلن کان ڏسڻ ۾ ايندو آهي فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل