ڪتاب فيض العشق صوفي فيض محمد فقير عرف فيضل فقير ولد خان محمد لاشاري شهر گاجان تحصيل گنداواهه بلوچستان ۾ڏينهن خميس تاريخ 3 ربيع الثاني 1301 هه ۾ تولد ٿيو. 13 سالن جي عمر ۾ علم پڙهڻ شروع ڪيائين پر ننڍپڻ کان وٺي سندس لاڙو فقير...ي ڏي هو. 9 سالن ۾ علم پارسي پڙهيو تنهن کانپوءِ علم عربيفقه ۽ حديث شريف کان ٿيو تڏهن جنهن مولوي صاحب وٽ پڙهندو هو، اهو فوت ٿي ويو. پوءِ موٽي اچي پنهنجي اصل جاءِ تي گوشو ڪري ويٺو، جيئن جو نه ڳالهائڻ، نه کائڻ، نه سمهڻ ۽ نه گهمڻ ڇڙو مولى جي ذڪر فڪر ۾ مشغول ٿي ويو. جڏهن سڪ ۽ سوز اچي زور ڀريو ته هڪ غيبي اشاري سان بيعت ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو، جيئن سندس پارسي ابيات ۾ فرمايو اٿس: دران ورطئه محو بودوم مزيد. که ناگه ندائي مخاطر رسيد همي گفت که ارحقته قُم قُم زخواب - الِيه الوَسيله روان شو شتاب. مطلب، انهي پنڌ ۾ بغير رهبر جي منزل مقصود پهچڻ مشڪل ۽ گران آهي. ڇو ته بنا کير جي مکڻ ٿيڻو نه آهي ۽ بنا رسي جي کوهه دنيا جي کان نڪرڻ محال. جڏهن غيبي اشارو مرشد وٺڻ لاءِ ٻڌئين ته پنهنجا خويش ۽ قريب. جاءِ ۽ جائدادسڀ ڇڏي مرشد وٺڻ لاءِ روانو ٿيو. آخر اچي فتحپور ۾ سلطان العارفين سيد رکيل شاهه صوفي القادري کان خميس ڏينهن صبح جو 3 ربيع الثاني 1322هه ۾ دست بيعت ٿيو. بيعت ٿيڻ کانپوءِ ڇهه سال ڪامل ڇڙو محنت شاقه ۽ رنج فاقه تنها بر ۽ قبرستان مولى جي محبت ۽ ذڪر سان گذاريائين. فتحپور کان الهندي پاسي اٽڪل هڪ ميل جي مفاصلي تي مشهور آهي، فيضل فقير اُتي وڃي چلي لاءِ ويٺو ۽ مسجد شريف کان ٻاهر لڳ برسات جي پاڻي جو چشمون ۽ ڪجهه لاڻي جا ٻوٽا بيٺا هئا، جو پاڻ ٽن ڏينهن تائين اتهين ٻه ٽي پن لاڻي جا کائي ۽ پاڻي چڪو نوش ڪري روزو ڇوڙيائين. آخر ٽئين رات کي جڏهن روزو ڇوڙي ساڳي جاءِ تي ويٺو ته پويان ستٽيهه ڏينهن ان هڪ جاءِ تي گذري ويس، جڏهن چلو پورو ٿيو، ته انهي شام سندس مرشد گهوڙي تي اچي انهي مسجد شريف جي در تي گهوڙو جهلي سڏ ڪري چيائينس ته اٿي فيض محمد هاڻي ڏهاڪن ۽ چلن جي حد ختم ٿي، پاڻ اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين پر اٿي ڪونه سگهيو ڇو جو هن تمام گهڻا ڏينهن نه کاڌو پيتو ۽ نه ئي وري ان جاءِ تان چُريو پُريو. آخر مرشد دوباره هڪل ڪري فرمايو جو فيض محمد ڇا ٿو ڪرين ته اُتي پاڻ کي اهڙو جزبو آيس جو هٿ مبارڪ ڇڪي زمين مان ڪڍيائين جيڪو زمين ۾ گهري ويو هيس ۽ اٿي اچي مرشد سائين جي قدم بوسي ڪيائين، مرشد سندس نازڪ حالت ڏسي کيس پاڻ سان درگاهه شريف ۾ آڻي هڪ خلاصي جاءِ ۾ رهائي ڪجهه وقت ڪش ۽ پتري ڀت جي خوراڪ ڪرايائينس، تان جو طبيعت ٺيڪ ٿي. اهڙي طرح پورا ڇهه سال زهد ۽ عبادت محنت ۽ مشقت ۽ فاقه ڪَشي ۾ گذاريائين. ڪجهه ڏينهن بعد گهمڻ جهڙو ٿيو ته مرشد امر فرمايس جو هاڻي ڪجهه وقت سير سغر ڪر. پوءِ ارشاد موجب ٽي ٻيا فقير پاڻ سان همراهه ڪري پيرين پنڌ نڪري هليو. آخر سير ڪندي جيڪب آباد پهتو. جتي هڪ فقير دنيا گڏ ڪرڻ خاطر ڀڄي ويو باقي پاڻ ۽ ٻيا ٻه فقير ڇهه مهينا سڄي سنڌ گهميا. صفر پورو ڪري درگاه فتحپور شريف موٽيو ته کيس سندس مرشد، مريد ڪرڻ جي اجازت عنايت فرمائي جو ڪيترن آدمن دست بيعت ڪئي. سرحد سنڌ جي تي اچي لڳ شاخ سيرواهه ڳڙهي خيري جمالي کان اٽڪل 7 ميل اولهه جي پاسي ضلعي جعفري آباد بلوچستان الحصيل اوسته محمد تيه گندخه جهنگ ۾ ڪوٽ ڪڍائي اُتي سڪونت پذير ٿي ويٺو ۽ درگاهه جو نالو فيض پور شريف رکيائين. صوفي فيضل سائين تاريخ 14ربيع الثاني 1377هه بمطابق 8-11-1957ع خميس ڏينهن صبح جو 8 بجه هن فاني جهان مان وصال فرمايو. کيس ڳوٺ جي اترين پاسي ڏانهن آرامگاهه ڏني وئي. فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل