سيّد صالح شاهُه، جيلاني جونجهارُ، لاکو چئي لوڪ ۾، جانب جلويدار، دائم سو دلدار، راڻيءَ پور جو روح ٿيو.... سنڌي ادب ۽ صوفين جي تاريخ ۾، ارڙهين صدي عيسويءَ کي خاص اهميت حاصل آهي. هن دور ۾ اسان جي سنڌ سڳوري انمول هيرن، جواهرن ۽ موتين جهڙن ماڻهن، جن ۾ اولياءَ، عامل، ڪامل، فاضل، اديب شاعر ۽ مفڪر شامل آهن. ان زماني ۾ جيڪي ڀلارا بزرگ پيدا ٿيا، انهن ۾ پير سيد ابو محمد صالح شاهه جيلاني راڻيپور شريف به هڪ آهي. سندن تعلق جيلاني خاندان سان آهي. سندن بزرگ مان ٻه درويش سيد احمد ۽ سيد محمد نالي سان تبليغ خاطر سنڌ ۾ آيا. هي بزرگ کهڙا جي مخدوم احمدي وٽ مهمان جي حيثيت سان هڪ سال تائين رهيا، جنهن کان پوءِ سيد احمد سنه 1195هه مطابق 1781ع ڌاري راڻيپور ۾ پنهنجي خانقاهه قائم ڪئي ۽ سيد محمد گمبٽ ۾ ان سلسلي جو بنياد رکيو. سخي صالح شاهه جي ولادت با سعادت 1869ع ۾ راڻي پور جي شهر ۾ ٿي، سندن والد سائين جو اسم گرامي ”پير سيد غلام محي الدين شاهه جيلاني القادري“ هو. سخي صالح شاهه کي ننڍپڻ ۾ ان وقت جي رواج موجب ديني تعليم ڏيارڻ خاطر درگاهه غوثيه جي مدرسي ۾ ويهارڻ ويو ۽ ان ئي مدرسي مان ئي پير صاحب جن ابتدائي تعليم مڪمل ڪئي، سندن شاعريءَ جي شروعات هڪ عجيب انداز سان ٿي. جڏهن سندن فرزند ڦوهه جوانيءَ ۾ هن دنيا کي ڇڏي کين جدائي جو داغ ڏيئي ويو، کين فرزند سان بيحد محبت هئي، جنهن ڪري اڪثر مايوس ۽ پريشان رهڻ لڳا. ويٺي ويٺي پنهنجي اندر مان اڌمان شعر رستي نرواڻ ڪرڻ شروع ڪيائون، پاڻ پنهنجي شعر ۾ ”صالح“ تخلص ڪم آندو اٿن. سندن ڪلام ۾ اڪثر صاحبزادي جي جدائيءَ جو ذڪر موجود آهي. ”عمر ادا مارن جي ماري ٿي جدائي سليان سور ڪنهن سان، ڪونهي حال ڀائي.“ پنهنجي هم عصر، شاعرن مان جن سان ڪچهريون ٿينديون هيون، انهن مان علامه عبدالغفور همايوني ”مفتون“ مير عبدالحسين خان ”سانگي“ مخدوم امين محمد ”امين“ مير علي نواز خان ”ناز“ مرزا قليچ بيگ جن جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن مان مير عبدالحسين ”سانگي“ جي سخي سائينءَ سان خاص عقيدتمندي هوندي هئي. جنهن جو اظهار مير صاحب هڪ ڪافيءَ ۾ ڪيو آهي. جلوي جمال جامع رنگ آهي لايو، ڪثرت ۾ پير پائي وحدت کان پاڻ آيو. سيد ابو محمد صالح خدا جو خاصو، تنهن شاهه مون کي پنهنجو آهي گدا بنايو، ناموت کي ڇڏي پوءِ ملڪوت ۾ ٿي منزل، جبروت ۾ هو ”سانگي“ لاهوت تو رسايو. سخي صالح ساهه جن سنڌيءَ کان سواءِ هندي، سرائڪي ۽ اردو زبان ۾ به شعر چيو آهي ۽ شعر جي جن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، انهن ۾ مولود، ڪافي، غزل، دوهيڙو ۽ ٺمري شامل آهن. سائين صالح شاهه جن شعر و شاعري سان گڏ ساز آواز کي به پسند ڪندا هئا ۽ ان کان علاوه سندن سخاوت به تمام مشهور هئي. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن سواليءَ کي خالي نه موٽائيندا هئا. انهيءَ ڪري ماڻهو کين ”سخي صالح شاهه“ ڪوٺيندا هئا. سائين صالح شاهه جن 66 ورهين جي ڄمار ۾ 27 رمضان المبارڪ ۾ آخري جمع تي سنه 1935ع ۾ هن دنيا کي ڇڏي راهه رباني ورتي، سندن در اڄ به مريدن ۽ عقيدتمندن جي زيارت جو مرڪز بنيل آهي. هر سال 27 رمضان المبارڪ تي انجمن اسلاميه و محبان غوث الاعظم رضه راڻيپور طرفان عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي. سندن زندگي تي گهڻو وقت اڳ پروفيسر الطاف ”اثيم“ جن ”ساعت ساعت راهه نهاريان“ جي نالي رسالو لکيو. هن وقت سندن شاعري تي نواب شاهه جو مشهور شاعر مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج جي هاسٽل جو پيش امام الحاج رحيم بخش ”قمر“ جن تحقيقات ڪري ۽ سهيڙي ۽ سندن ڪلام جي شرح به پيا لکن. هن ڪتاب کي انجمن اسلاميه و محبان غوث الاعظم رضه جي طرفان ڇپايو ويندو فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل