روحل الله عرف ” روحل“ فقير زنگيجو قبيلي جو هو. 1733ع ۾، ٿر ۾ ڄائو. عربي ۽ فارسي تعليم سان گڏ هندي تعليم به ورتائين. جوانيءَ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ داخل ٿيو. بعد ۾ سڀ لاڳاپا لاهي، ميرانپور هليو ويو، جتي صوفي شاهه عزت الله جو مريد ٿيو... ۽ ٽيهه سال مٽيون ڀريندي گذاريائون. نيٺ مرشد کيس اجازت ڏني ۽ چيائنس ته اسان تنهنجي رهڻ جي جاءِ اها مقرر ڪريون ٿا. جتي توکي پاڻ مرادو روڪ ٿئي. روحل اتان هليو نيٺ ڪنڊي ۾ پلاند اٽڪڻ سان اتي رهي پيو. ۽ انهيءَ جاءِ جو نالو ڪنڊڙي پئجي ويو. روحل سنڌ جو عظيم شاعر آهي، سندس ڪلام سرائيڪي ۽ سنڌي کانسواءِ هندي ۾ به آهي. سندس بيتن، واين، ڪافين ۽ سه حرفين تي مشتمل آهي. هندي ۾ سندس من پرٻوڌ، گدينت گرنٿ، سرٻ گيان ۽ آگم وارتا مشهور تصنيفون آهن. روحل جو ڪلام سادو ۽ سليس آهي. ڪٿي عربي ۽ فارسي اصطلاحن سان گڏ هندي لفظ به استعمال ڪيا اٿس. سندس ڪلام ۾ توصف جي باريڪ نگاهي آهي ۽ منجهس هم اوست، وحدت ۽ ڪثرت جا مسئلا نظر اچن ٿا. سندس ڪلام جو مجموعو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. ٽٻي ڏيئي پاڻ ۾، پسان جان پيئي، نڪو ملڪ، نڪا خلق، نڪي اسيئي، اسين ڳوليون جن کي، سي پاڻ اسيئي، ٻي وائي ويئي، روحل هونگ پرين جي هڪڙي فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل