استاد بخاري جا بيت

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
هي ڪوڪ سنهي وار خنجر کان تِکي آ
هي ڦوڪ ٿڌي هير کان اوٿر کان تِکي آ
وهمن جي مقامن ۾ ستي پئي آ مگر جي
هي قوم اٿي پئي ته پو محشر کان تِکي آ
 
نوان مشال، نيون روشنيون، نوان شعلا
نوان خيال، نيون ڪوششون، نوان جذبا.
چيو لطيف نخاري کي، آزمايو هي،
نوان جوان نوان قافلا، نوان رستا..
 
باهين جا طوفان، ماڻهو ماڻهو کي بڇي
جلايون جانون ڇڏين، ساڙايون سامان
الاڙي انسان، ايڏو انڌو ڏو ٿيو..
 
محفل جي لفظ، لاٽ ۾ جرڪيو، اجهيو وڃان
سچ ٿي پُڇين ته ڪو نه ڪو الڪو نه ٿو ڇڏي
ڪاٿي عزيز زندگي، توکي وٺي هلان
ڪنهن جا تي به موت جو کُٽڪو نٿو ڇڏي

 
Back
Top