ٻاهر مُلڪ وڃي پڙهڻ جو شؤق گهڻي ڀاڱي گهُمڻ ڦرڻ ۽ ڪُجهه نئون ڏِسڻ جي چڪر ۾ گهڻو هُجي ٿو بنسبت ڪُجهه نئون ڪرڻ يا سِکڻ جي. جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن سڄو آمريڪا هاليووڊ ناهي نه وري سڄو ممبئي باليووڊ آهي. بلڪه اهي ته ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ٺاهيل انڊور سيٽ يا وري ايڊٽنگ جي ڪمال سان ايترا خوبصورت ڏيکاريا وڃن ٿا يا ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا ماڳ جيڪي واقعي ڏسڻ لائق هُجن پر آخر ڪيترو؟؟ ايئن ئي ٻاهرين مُلڪن جي يونيورسٽيز جو به حال آهي. ڀلي کڻي اهي ڪيتريون به ڀليون آهن ۽ وٽن جديد علم حاصل ڪرڻ جا اڻ ڳڻيا موقعا موجود آهن پر ڌارئين جو ٻاهر وڃي پڙهڻ جا جيڪي منفي پهلو آهن سي ايترا ننڍا ناهن جو اهي خاطر ۾ آڻڻ بنا ماڻهو بس ڪُڏي پئي ڪاهي. ڪوشش ڪبي ته هتي مختصراً اهي ڳالهيون لکجن جيڪي ڪارائتيون ٿين. باقي سڀ کان ڀلي ڳالهه اها آهي ته اهڙي ڪا تياري ڪرڻ مهل اُن مُلڪ مان پڙهي آيل يا اُتي رهندڙ کان پُڇجي. پاڻ وٽ گهڻو ڪري پهريان ڏهه ڪلاس سنڌي توڙي انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ پڙهايا وڃن ٿا ۽ پوءِ يارهون ۽ ٻارهون ڪلاس مڪمل انگريزي ۾ پڙهايا وڃن ٿا. جنهن کان پوءِ يونيورسٽي ۾ به سائنس جا سڀ ۽ آرٽ جا به اڪثر سبجيڪٽ انگريزي ۾ پڙهايا وڃن ٿا. انهيءَ تناظر ۾ جيڪڏهن ڪو اسان جو شاگرد ٻاهر پڙهڻ لاءِ سنبري ٿو ته کيس سڀ کان پهرين اهو ڏسڻو پوندو ته جنهن يونيورسٽي ۾ هو وڃي پڙهڻ چاهي ٿو انهيءَ جي پڙهائي جو ميڊيم ڪهڙو آهي؟ ڇو ته هو سڄي تعليم سنڌي اردو يا انگريزي ۾ حاصل ڪندو آيو آهي. دنيا جا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مُلڪ آهن جيڪي انگريزي ۾ تعليم ڏين ٿا. نه ته ٻيا سڀ مُلڪ پهرين ڪلاس کان پي ايڇ ڊي تائين تعليم پنهنجي قومي ٻولي ۾ ڏين ٿا. اهڙن مُلڪن ۾ وڃڻ کان پهرين لازمي آهي ته انهن جي ٻولي سکجي. جيئن ته ٻاهر مُلڪ وڃي پڙهڻ لاءِ خرچ پکو يا ته پنهنجي مُلڪ جو ڪو ادارو ڏيندو يا وري جنهن مُلڪ وڃجي ٿو انهي مُلڪ پاران اسڪالرشپ مان ڪم هلائجي. ٻنهي صورتن ۾ سندن مُلڪ جي ٻولي سکڻ لازمي آهي. انهيءَ لاءِ ڪي مُلڪ ته اها سهولت ڏين ٿا ته تعليمي سال شروع ٿيڻ کان سال اڌ اڳ ۾ وڃجي ۽ ڪنهن سٺي اداري ۾ داخلا وٺي ٻولي سِکجي. پر ڪي مُلڪ وري اهڙا آهن جيڪي اسان جي مُلڪ ۾ ئي سندن ٻولي سکڻ جو بندوبست ڪن ٿا جهڙوڪر فرانس وغيره. پر ٻولي سکڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اٺ نؤ مهينا ته لازمي لڳن ٿا. ڇو ته ٻولي جو ايتروسکڻ جو ڪورس سمجهه ۾ اچي ڪافي وقت وٺي ٿو. مطلب ته اوهان کي سڀ کان پهرين هڪ سال جي قُرباني ڏيڻي پوندي. اوهان پنهنجي مُلڪ ۾ جتي سال اڳ اها ڊگري وٺي وٺو ها اها هڪ سال دير سان ملندي. پر ٻاهرين مُلڪ جي تعليم جي اهميت ۽ ڊگري کي ملندڙ مان جي ڪراهو سال به کڻي سهي وڃجي ته اها پَڪ ڪرڻ لازمي آهي ته ڇا اها يونيورسٽي اهڙي آهي جنهن ۾ پڙهي ڪري پنهنجي مُلڪ کان بهتر سکي سگهجي پيو؟ ڇو ته ضروري ناهي ته سُڌريل مُلڪن جون سڀ يونيورسٽيز ٽاپ تي هُجن. بلڪه ڪافي مُلڪن ۾ ته اهڙيون به يونيورسٽيز آهن جيڪي هلن ته پيون پر بس مڙئي گهل گهلان ۾. يا وٽن سهولتون ناهن يا سُٺا اُستاد ناهن. جيئن تُرڪي جي ڄڳ مشهور وزيرِاعظم طيب اردگان پنهنجي اباڻي شهر رِزي ۾ يونيورسٽي ته کڻي شؤق ۾ کولي پر (هي لکڻ وقت تائين) نه وٽن سُٺو انفرااسٽرڪچر ٿي سگهيو نه وري سُٺا استاد. انهيءَ کان پنهنجي سنڌ يونيورسٽي جا نوان کُليل ڪئمپس به ڀلا پيا هلن. تنهنڪري جڏهن به ٻاهر مُلڪ پڙهڻ جي تياري ڪجي ته جتي داخلا ملي ٿي يا ملي آهي انهيءَ يونيورسٽي جون سڀ خبرون لازمي وٺجن. ايئن نه ٿئي جو رڳو ٻاهر مُلڪ وڃي پڙهڻ جي شؤق ۾ وقت جو زيان ٿئي. پر ايئن به ناهي جيڪي مُلڪ انگريزي ۾ تعليم ڏين ٿا (جهڙوڪر آمريڪا، برطانيه، ملائيشيا وغيره) انهن ۾ بس بنا ڪنهن مسئلي اسان جو شاگرد وڃي پڙهي سگهي ٿو. انهن پاران اڃان وڌيڪ شرط آهن. هو چاهين ٿا ٻاهران ايندڙ شاگرد جي انگريزي ايتري هُجي جو هو سندن ڳالهه سمجهي سگهي ۽ سمجهائي سگهي. لکڻ ۽ پڙهڻ جي به مهارت هُجيس. اهو ئي سبب آهي جو انهن مُلڪن ۾ گهڻو ڪري ته ٽافل يا وري جي آر اي جو شرط آهي. ٻولي جي انهيءَ تمهيد جو مقصد اهو هو ته شاگرد کي خبردار ڪجي ته هو انگريزي ميڊيم ۾ تعليم ڏيندڙ مُلڪ وڃي پڙهڻ چاهي ٿو ته سندس انگريزي ايتري ته سُٺي هُجي جو سندس سيڪنڊ لئنگويج لڳڻ لڳي. ٽافل جي امتحان جي تياري انهيءَ جو بهترين حل آهي. خاص ڪري لسننگ پاوور. ڇو ته رواني سان ڳالهائيندڙ انگريز جي انگريزي سمجهڻ ايتري سولي ناهي. جڏهن ته اها ئي پهرين شرط آهي. ڇو ته اوهان جڏهن سندن ڪلاسن ۾ ويهي هُنن جو ليڪچر ٻُڌندا ته هو اهو لحاظ نه ڪندو ته ڪو ڌاريون ويٺو آهي جنهن لاءِ هڪ هڪ لفظ سنڀالي ڳالهايان. بلڪه هو رواني سان ڳالهائيندو. جيڪو سمجهڻ سان گڏ سندس ليڪچر سمجهڻ به لازمي آهي.پر اُهي شاگرد جيڪي تحقيق وغيره لاءِ ڪنهن مُلڪ مختصر عرصي لاءِ اچن ٿا ته ساڻن ايترو مسئلو نه ٿيندو ڇو ته تحقيقي ڪم ۾ گهڻو ڪري ڪلاس وغيره ناهن هوندا. بس هڪ مخصوص ٽاپڪ تي ٽيڪا ٽپڻي هوندي آهي جيڪا گهڻو ڪري اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ انگريزي ۾ هلي ٿي. ٻيو وڏو مسئلو آهي ته اُهي شاگرد جن وٽ مالي وسيلن جو ڄوڳو بندوبست ناهي يا کين ڪا اسڪالرشپ ناهي پر پوءِ به شؤق اٿن ته ٻاهرين مُلڪ وڃي تعليم پِرايون. خاص ڪري اُهي جن وٽ پنهنجو ڀاڙو ڪري وڃڻ، اُتي ٻه ٽي مهينا رهڻ جو خرچو هوندو آهي ۽ سنبري پوندا آهن اهو چئي ته فل حال ٻه ٽي مهينا رهڻ جو بندوبست آهي. اڳتي ڏٺو ويندو يا ڪُجهه ڪري وٺبو. پر ياد رکو ته ڏسڻ لاءِ رڳو سور ۽ ڏکيائي هوندي ۽ ڪرڻ لاءِ ڪُجهه نه بس ڌِڪا کائڻ ۽ واپسي جي ڀاڙي جي دربدري هوندي. هونئن ته اڄڪلهه ڪافي مُلڪن اهڙا قانون ۽ گهُرجون رکيون آهن جو اهڙو ڪو شاگرد ويزا ئي حاصل نه ڪري جنهن وٽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڄوڳو بندوسبت ناهي. پر پوءِ به اسان وٽ ايجنٽس جي لارن ۾ اچي يا پنهنجي هوشياري ڏيکاريندي نوجوان جهُڳاڙ ڪري ويزا وٺيو وڃن ۽ جڏهن ٻي مُلڪ پُهچن ٿا ته سور سندن منتظر هوندا آهن. ڇو ته پاڻ سوچيو جيڪڏهن شڪارپور يا ٿر کان ڪو شاگرد بنا پئسي پنجڙ يا مهيني ٻه جو خرچ کڻي سنڌ يونيورسٽي اچي ۽ سوچي ته ڪُجهه ڪري وٺندس جنهن سان منهنجي رهڻ، کائڻ پيئڻ ۽ يونيورسٽي جو خرچ نڪري ايندو ته اها سندس بيوقوفي هوندي يا نه؟ کيس اول ته اهڙو ڪهڙو ڪم ملندو جيڪو ڪري هو ٽي ويلا ماني کائڻ ۽ رهڻ لاءِ ڪا ڇت حاصل ڪري سگهي. ڀلا جيڪڏهن ٿي به وڃي ته ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ وٽس جيترو وقت ۽ سڪت هوندا اُن ۾ هو جيڪو ڪمائي سگهيو ته کيس رهڻ لاءِ ڪا اهڙي ڄڳهه ۽ ماحول ملندو جتي هو پڙهڻ ته ڇا پر رهڻ ۾ به هلاڪ هوندو. پر جيئن ته اها ڳالهه هتي اسان جي سامهون آهي ۽ سمجهه ۾ به اچي ٿي پرٻاهر مُلڪ جي شؤق جي انڌي نشي ۾ نوجوان اهو ٻُڌي ۽ سمجهي به نه مڃيندا آهن ۽ اڪثر نڪري پوندا آهن. پر ياد رکجي ته ڄامشورو کان ٿر يا شڪارپور پِني به پُهچي سگهجي ٿو پر ڌارئين مُلڪ ۾ نه ڪو اوهان جو درد سمجهي نه ڪا واهر ڪري. اهڙا انيڪ قصا اوهان کي ٻُڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملندا ته پڙهائي بهاني روزگار لاءِ ويل يا بنا اسڪالرشپ ٻاهر وڃي پڙهڻ جا شؤقين ڏُکيا ٿيا. جتي پنهنجي مُلڪ جو قانون ناهي ته بس صبح جو اُٿي پڙهڻ لاءِ نڪتو پر ڳالهه نه ٺهي ته وڃي ڪنهن ريسٽورينٽ تي ڪم ڪري پئسا ڪمائڻ لڳو. يا پنڻ لڳو. ڌارئين مُلڪن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ به اجازت کپي (جيڪا ڏُکي ٿي ملي) تنهنڪري اوهان ٻهار مُلڪ پڙهڻ لاءِ وڃڻ چاهيو ٿا ته، پوءِ مُڪمل تياري سان وڃو.
سائين لغاري صاحب توهان تصوير جو صرف هڪ رخ بحس هيٺ آندو آهي. بهتر هجي ها جيڪڏهن اوهين ڪجهه فائدا به لکو هان.
اوهان جو هي ليک ڌارين ملڪن جي ٻولي جي چئوگرد ڦري رهيو آهي ... ڀلا اوهان ترڪي ويا هئا ته اوهان ته پاڪستان ۾ ترڪن جي ٻولي ڪانه سکي ..... پوء اوهان سان ڪهڙا مسئلا درپيش اچن ٿا؟ ان بابت به ڪجهه ڳالهيون هتي اسان سان تجربي طور لکو ....