ٻه ڀائر هئا, جن کي روز گهران اسڪول وڃڻ وقت هڪ هڪ رپيو خرچي ملندي هئي.ننڍي ڀاءُ کي گهٽ خرچ ڪرڻ يعني بچت جي عادت هئي، پر وڏو ته جيئن ئي رسيس جو ٽائيم ٿيندو هو سڌ وڃي مٺائي واري دڪان تي پهچندو هو.پر مهانگي مٺائي آڏو هڪ رپئي ڪهڙي حيثيت هئي..پوءِ به هن 15،10 ڏينهن گذارو ڪيو پر نيٺ کُٽي پيو ۽ دڪاندار کان اوڌر ڪرائڻ لڳو.هڪ ڏينهن دڪاندار اوڌر وارا پئسا گهريس ته هو منجهي پيو ته ڪٿان ڏيان اهي پئسا.هن کي خبر هئي ته بابا ۽ امان کان جيڪڏهن وڌيڪ پئسا گهريم ته اهي ماريندا.دڪاندار هن جو ٿيلهو کسي ورتو چيائينس، جيستائين پئسا نه ڏيندين ٿيلهو موٽائي نه ڏيندس.هو ٻئي ڏينهن اسڪول ئي نه وڃي سگهيو.ڇاڪاڻ ٿه سندس ٿيلهو دڪاندار وٽ پيل هو.اها خبر هن جڏهن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ٻڌائي ته هن سڀ کان پهريان وڏي ڀاءُ کي سمجهايو.پوءِ دڪاندار کي منٿ ڪيائين تنهنجا پئسا آهستي آهستي ڪري آئون پورا ڪندس.پوءِ ننڍو ڀاءُ پنهنجو ۽ وڏي ڀاءُ جو هڪ هڪ رپيو ملائي ٻه رپيا روز دڪاندار کي ڏيڻ لڳو ۽ اهڙي ريت ڪجهه ڏينهن ۾ پوري اوڌر چُڪِتوُ ٿي وئي.ائين وڏي ڀاءُ کي به بچت ڪرڻ جي عادت پئجي وئي..پيارا ٻارو!تڏهن ته چوندا آهن قرض وڏو مرض آهي.