غلام مصطفيٰ سولنگي(عوامي آواز) آمري سنڌ جي تاريخ جو وکريل ورق ضرور آهي، پر وسريل ورق هرگز ناهي. هيءَ مٽيءَ جو دڙو، سنڌ جو اهو پراڻو پڊ آهي، جنهن سنڌ جي سڀيتا، تاريخ ۽ ثقافت جا ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن. هي اهو دڙو آهي، جنهن سان سنڌ جي شاندار ماضيءَ جو ڳانڍاپو ڏاڍو سگهارو، جذباتي ۽ اصلي آهي. هيءُ اها مٽي آهي، جنهن سان انسان جو ناتو نهايت مضبوط مانائتو، ازلي ۽ ابدي آهي. مٽي سندس جياپو آهي ۽ مٽيءَ جي حوالي سان ئي اهو زندهه رهڻو آهي. ڌرتيءَ کي هو جڏهن ماتا چوي ٿو ته اهو ڪيڏو نه کرو سچ هوندو آهي. ۽ اهو به وڏو سچ آهي ته آمريءَ جو هي دڙو سنڌي ماڻهن جي تاريخي ۽ تهذيبي ارتقا جو مکيه اهڃاڻ آهي ۽ تاريخي سفر جو هڪ سنگ ميل پڻ. آمريءَ جو ماڳ سڀ کان پهرين برطانيا سرڪار جي هڪ عملدار برنس 1834ع ۾ ڏٺو هيو. ان جو پيرائتو احوال Narrative of a voyage on the Indus ۾ موجود آهي. پاڻ لکي ٿو ته: ” سيوهڻ کان 18 ميل ڏکڻ ۽ سنڌو درياءَ جي ساڄي پاسي آمريءَ جي نالي سان هڪ وڏو دڙو آهي. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪڏهن اهو هڪ وڏو شهر هيو ۽ اڳين راجائن جي رهڻ جو هڪ دل پسند ماڳ هيو. هن شهر جي تباهيءَ لاءِ اهو ٻڌايو ويندو آهي ته سنڌو درياءَ ان کي ڊاهي ناس ڪري ڇڏيو. زباني روايتون اهو ٻڌائين ٿيون ته ڪنهن آڳاٽي سمي ڪنهن وڏي راجا اتي اچي ڊاٻو ڪيو هو.“ ”آمري“ نالي سان، سنڌ ۾ ٻيا به کنڊر موجود آهن. هڪ کنڊر ٽنڊي جان محمد لڳ آهي. ٻيو کنڊر ڪراچيءَ ۾ ڊملوٽيءَ وارن کوهن کان 5-6 ميل اتر طرف آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو آمري چون ٿا. مشهور محقق ۽ ٻولين جي ڄاڻوءَ سراج الحق ميمڻ، ٽنڊي الهيار لڳ هڪ ديهه آمريءَ طرف به اشارو ڪيو آهي، جتي اها روايت مشهور آهي ته ان ديهه جي اوسي پاسي ۾ آمري ذات جي ڪافرن جو هڪ وڏو بت هيو، جنهن کي نصرپور جي هڪ بزرگ ڀڃي ڇڏيو. سنڌ ۾ ”آمري“ ڪنهن ذات جو نالو به هيو. سراج الحق ميمڻ جو اهو خيال آهي ته آمري تهذيب جو تعلق ان قديم قوم سان به ٿي سگهي ٿو. آمريءَ جي دڙي جي پهرين کوٽائي ڊسمبر 1929ع ۾ اين جي مجمعدار ڪئي. هن ڪي ابتدائي نتيجا ڪڍيا، پر مليريا جي حملي سبب ڪم مڪمل نه ڪري سگهيو. هي اهو زمانو هيو جڏهن ڪا به سهولت موجود ڪا نه هئي. اٺن جون سواريون هيون. رستا اڻانگا ۽ کوجنا لاءِ سائنسي سهائتا به نه هئڻ جي برابر هئي. هو مهان ۽ اڏول مڙس هيو. سندس ڪيل کوٽاين ۽ کوجنائن سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي ورق ورائي ڇڏيا آهن. اين جي مجمعدار کان پوءِ آمريءَ جي دڙي جي کوٽائي سرجان مارشل ڪرائي. ابتدائي کوٽاين مان پتو پيو ته هتان اهڙو ٺڪراٽو به لڀجي ٿو، جنهن جو تعلق موهن جي دڙي واري تهذيب سان ناهي، پر ان کان به گهڻو اڳ جو آهي. آرڪيالاجيءَ جي دنيا ۾ اها هڪ وڏي دريافت هئي، جنهن سان سنڌو تهذيب جون پاڙون سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي. هن قسم جون ٺڪريون سنڌ مان پهريون ڀيرو لڌيون ويون هيون. 1959ع ۾ هڪ فرانسيسي ٽيم، هتي کوٽايون ڪرايون. فرينچ ماهر موسيوزان ماغي ڪاسل، پنهنجي رپورٽ 1964ع ۾ پيش ڪئي. ان رپورٽ سان گڏ آمريءَ جي دڙي جا نقشا، خاڪا ۽ تصويرون به شامل هيون. سندس رپورٽ موجب، هن دڙي ۾ کوٽائيءَ جي قابل پنج دور هئا، جن مان پهريان چار دور تاريخ کان اڳ واري تهذيب سان تعلق رکندڙ هئا. جڏهن ته آخري مٿيون دور اسلامي دور جو هيو. هن اهي دور ٺڪر جي ٿانون ۾ تفاوت جي بنياد تي مقرر ڪيا هئا. اهو تفاوت ٺڪريءَ جي فن جي ارتقا پيو ظاهر ڪري. سڀ کان آڳاٽا ٿانو ڪَنِيُنِ کان سواءِ هئا. چَڪَ ۽ آويءَ جو استعمال به هيو، پر 82 سيڪڙو ٿانوَ هٿ سان ٺپي ٺاهيل هئا. انهن تي ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جو ميلاپ آهي. ڊزائن جي اعتبار کان جاميٽريءَ وارا چِٽَ ملن ٿا، خاص ڪري اهي چِٽَ جيڪي سنڌي رلين تي موجود هوندا آهن. ٿانون جي نمونن ۾ به فرق نظر اچي ٿو. ڪَنيءَ جي هيٺان ڳچيءَ تي ٻه پٽا نڪتل آهن، جن جي هيٺان ٽڪنڊيون ڊزائنون آهن. ٽڪنڊن ۾ ڳاڙهسرو رنگ ڀريل آهي. ٺڪر جي ٿانون تي نرالا چِٽَ ڪڍيا ويا آهن، جهڙوڪ: مڇيءَ جا ڇلر، گول ڪڙن اندر گل، ٻوٽن جا پن، ٻٽي نوڪن وارا پن، پکي ۽ گل وغيره. انهن کان سواءِ ٻيون به ڪافي شيون لڌيون ويون آهن. مثال طور: ٽُڪ وارو چرخو، ٻارن جي راند گاڏين جا پَڪل سانچا، مٽيءَ جون پَڪل ڏاند جون مورتون، ٺڪر جون اڌ پَڪل ٽڪيون، پٿرن جي اوزارن مان پاساڙا، کوکي چٽسالي ٿيل مٽيءَ جون ٿالهيون وغيره. دڙي مان ڪٿان ڪٿان ٽامي جا ٽُڪرا، ٺڪر ۽ سِپِنِ جون چوٿيون به مليون آهن. ان مان ٺڪر ۽ سپن جي نفيس صنعت جو پتو پوي ٿو. سپن مان گول مڻيا به ٺاهيا ٿي ويا، جن جي نفاست ڏسڻ وٽان آهي. موسيو ڪاسل پنهنجي رپورٽ ۾ پهرين دور کي اڃا به چئن عرصن ۾ ورهايو آهي. ٺڪر جا اڪثر ٿانون پهرين عرصي مان مليا آهن. ٻئي عرصي ۾ مٽيءَ جون سرون ملن ٿيون. انهن سرن سان ٺهيل هڪ اهڙي ڪوٺي به لڌي وئي آهي، جنهن جي بنيادن ۾ ڦڪي واري ڪتب آندي وئي آهي. سرن جي بيهڪ ۽ ماپ مختلف آهي. ٽيون عرصو ڪافي پکڙيل آهي. ان ۾ گهرن جون اڏاوتون مستطيل آهن ۽ انهن جي ماپ به جدا جدا آهي. ڀتين ۾ ڪاٺ جي استعمال جون شاهديون به ملن ٿيون. گهرو اڏاوت جو هڪ ٻيو قسم ڊگهي قطار ۾ ننڍين ننڍين ڪوٺين جي صورت ۾ ملي ٿو، جيڪي پڻ مستطيل آهن. اهي ڪوٺيون چئني پاسن کان بند آهن ۽ انهن ۾ رهائش جو ثبوت نه ٿو ملي. ماپ ۾ تمام ننڍيون هئڻ ڪري فرينچ ٽيم جو اهو خيال آهي ته اهي گهرن جا تهه خانا يا گودام ٿي سگهن ٿا. چوٿين دور ۾گهرن جو نمونو بهتر آهي. هن عرصي جو هڪ اهڙو گهر به ملي ٿو، جنهن ۾ ڇهه ڪمرا آهن. اهي ڪمرا تهه خانن جهڙا آهن، پر انهن ۾ دروازن جو ثبوت ملي ٿو ان عرصي ۾ موهن جي دڙي سان لاڳاپيل ڪجهه آثار ملن ٿا، پر اهو عرصو بلوچستان جي ڪجهه آثارن سان به هڪجهڙائي رکي ٿو. سراج الحق ميمڻ، جنهن موهن جي دڙي واري ٻولي پڙهڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، خيال ڏيکاري ٿو ته آمريءَ مان لڌن ڪيترن ٿانون ٿي اهڙا نشان نظر اچن ٿا جيڪي ابتدائي ٻوليءَ جا ٿي سگهن ٿا. اهي نشان سادا، تقريبا مخروطي نموني جا ۽ چيني ٻوليءَ جي تصويري خاڪن جي صورت ۾ آهن. آمري ڪلچر کي نل ثقافت به سڏيو وڃي ٿو، جتان پڻ ساڳئي قسم جو ٺڪراٽو ملي ٿو. نَل، بلوچستان ۾ خضدار شهر کان ساڍا چار ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهي. آمري ۽ خضدار جي وچ ۾ مفاصلو اٽڪل اڍائي سئو ميل آهي. ٻنهي دڙن مان لڌل ٺڪراٽي ۾ هڪ جهڙائيءَ سبب ماهرن هڪ اصطلاح شروع ڪيو آهي. ”آمري نل ثقافت“ مسٽر مارٽيمروهيلر پنهنجي ڪتاب 5 Thousand Years o Pakistan آمري ۽ نل مان لڌل ٺڪراٽي ۾ فرق ڄاڻايو آهي. تنهن هوندي به ٻنهي ثقافتن جو پاڻ ۾ رشتو نظر اچي ٿو. اختلاف ڏيکاريندي، مارٽيمر وهيلر، نل ثقافت کي جابلو ثقافت سان ڳنڍيل قرار ڏئي ٿو. جڏهن ته قديم آثارن جا ٻيا ماهر آمريءَ کي سنڌو تهذيب سان ملائين ٿا. اصل ۾ موسيوڪاسل جي تحقيق جو بنيادي سوال ئي اهو هيو ته ڇا آمري ثقافت کي سنڌو تهذيب سان ڳنڍي سگهجي ٿو يا نه؟ سندس تحقيق موجب ائين ئي آهي يعني آمري ثقافت جو نه رڳو سنڌو تهذيب سان ماءُ وارو رشتو آهي، پر ڪوٽ ڏيجي ثقافت سان به سندس مائٽي آهي. پکيڙجي لحاظ کان آمري تهذيب جو دائرو ڪافي وڏو آهي. اها ثقافت وچ بلوچستان ۽ سنڌوءَ جي الهندي ڪَپَ کان بلوچستان جي سامونڊي ڪناري تائين پکڙيل آهي، يعنيٰ بولان لڪ، نئه ڪولاچي، منڇر، ڪوهستان، ٺٽو ضلعو ۽ لس ٻيلو ضلعو به ان دائري ۾ شامل آهن. آمريءَ جو سڀ کان قديم تَههُ 3540 قبل مسيح کان 320 قبل مسيح جو آهي. جڏهن ته آخري زمانو سورهين صديءَ جو آهي يعني اهو اسلامي دور هيو. اندازو آهي ته چوٿين ۽ پنجين دور جي وچ ۾ اٽڪل تيرهن سئو سالن جي عرصي ۾ هتي ڪا به آبادي ڪا نه هئي. چوٿين دور جي پڄاڻي 300 عيسويءَ ۾ ٿي هوندي. جيئن ته سڀ کان پراڻي زماني ۾ گهرن جو ثبوت نه ٿو ملي، تنهن ڪري سمجهيو وڃي ٿو ته تڏهوڪا ماڻهو آمريءَ ۾ جهوپڙيون ٺاهي رهندا هئا. آمريءَ جو ٻيو زمانو سنڌو تهذيب کي وڌيڪ ويجهو آهي. ٽيون زمانو چئن عرصن ۾ ورهايل آهي. پهريان ٽي عرصا سنڌو ماٿريءَ سان ميل کائين ٿا، جڏهن ته چوٿون عرصو جُهڪر واري ثقافت سان تعلق رکي ٿو. آمريءَ جو چوٿون زمانو جهانگار ثقافت جهڙو آهي، جنهن جهڙو ٺڪراٽو وري چانهوءَ جي دڙي مان پڻ ملي ٿو. آمريءَ جا دڙا انڊس هاءَ وي جي ٻنهي پاسن کان موجود آهن. انهن جي ڪل پکيڙ ويهارو کن ايڪڙ آهي. الهدن کنڊرن جي کوٽائي اڃا نه ٿي آهي، البته روڊ جي اوڀر وارن کنڊرن جي کوٽائي ۽ تحقيق جي ڪهاڻي موجود آهي. انڊس هاءِ وي جي اولهائين پاسي کان هڪ ننڍڙو ميوزم پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آمريءَ جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران مليل شيون رکنيون ويون آهن، خاص ڪري اسلامي دور جا ٺڪر جا ٿانو به وڏي انگ ۾ رکيا ويا آهن.