• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي قوم

منصور سرور

سينيئر رڪن
اي قوم! ٻُڌايا ٿي قِصا ڪـــــــلھ تونـــــــــکي مون تقـــــديرن جا،
اڄ باغيءَ باغيءَ جي سِــــر تـــي، ٿو ڏســــان تـــاج تعـــزيــــزن جـــا.

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رَتَ ۾ خوشبو مينديءَ جي،
ڪو ڪيئن نه موٽي زندان ڏي، ٿا زُلف ڇِڪن زنجيرن جا ! .

هُو ڪُوڙا ڪانئر ڪَـــــــڙڪَــــن ٿا، ۽ لاش هوا ۾ لَڙڪن ٿا،
پر ڳاڙها جھنڊا ڦَڙڪـــــــــــن ٿا ، ڇا رنگ ڏِٺم رهگيرن جــــا ! .

اڄ لال لَهوءَ جي سَرگم تي، ٿــــي مُنهنـــجي ڌرتي رقص ڪَـــري،
مُنـــــهن هيڊ ٿيا غَـــــــدارن جا، بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا.

هِي ماڻــــــهو وِھَه جـــــو ڍُڪّ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪ ٿيا،
اڄ آزاديءَ جي نـــــــعري ســـــان، ســـــڀ درد ويا دلـــــگـــيـــرن جا.

هَر دوکي جي ديوار ڊَٺي ۽ اُن جــــــي سِـــــرَ ســــــِرَ ســـــان نه ملي،
اڄ ڊوڙي هـــــــر ڪــــــــــو ديــــــــوانو ٿــو کـــــولي بند اسيرن جا.

اڄ هر ڪــــــــــــنهن جو هـــــي رايو آ، تو نينهنُ ’ايــاز‘ نڀــــايو آ،
تو ڳــــــــاتا گيت بغاوت جا ، تو لاٿا زنگَ ضميرن جا .
 
Back
Top