پاڪستان جون اميرترين شخصيتون.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو.

    گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي. ان ڪري ڪا خاص ترقي ناهي ڪري سگهيو ۽ اڃا تائين هِن جو شمار غريب ملڪن ۾ ڪيو وڃي ٿو. پر پاڪستان سان تعلق رکندڙ ڪجهه اهڙا اميرترين شخص به آهن جن جي اثاثن جي ماليت ڪئين بلين ڊالرز آهن. اڄ اوهان کي پاڪستان سان تعلق رکندڙ سال 2014 جي 10 امير ترين شخصيتن باري ۾ ٻڌائيندس.

    شاهد خان
    توهان جي ذهن ۾ هوندو ته پاڪستان جو پهريون نمبر اميرترين شخص وڏو سياستدان هوندو ! پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ڇو ته پاڪستان جي اميرترين شخصيتن ۾ سڀ کان پهرين پوزيشن آمريڪي بزنس مين شاهد خان کي حاصل آهي. شاهد خان آمريڪي نيشنل فٽبال ليگ جي ٽيم جيڪسن ليگوار جو مالڪ آهي. ان کان علاوه شاهد خان آٽو پارٽ مينوفيڪچرنگ جي ڪاروبار سان به وابسته آهي. شاهد خان جي اثاثن جي ماليت 3.8 بلين ڊالرز آهي. شاهد خان دنيا جي اميرترين ماڻهن جي لسٽ ۾ 490 هين نمبر تي آهي.
    [​IMG]

    ميان محمد منشا
    امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ ٻئين نمبر تي ، مسلم ڪمرشل بينڪ آدم جي گروپ ۽ نشاط گروپ جي چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪٽيو ميان منشا کي حاصل آهي. ميان محمد منشا کي پاڪستان جي با اثر ماڻهن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ۽ ان جي اثاثن جي ماليت 2.5 بلين ڊالرز آهي. جڏهن ته کيس دنيا جي اميرترين ماڻهن جي لسٽ ۾ 937 هون نمبر حاصل آهي.
    [​IMG]

    آصف علي زرداري
    اسلامي جمهوريه پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري هن لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي آهي. آصف علي زرداري جي مقبوليت جو سبب محترمه بينظير ڀٽو سان سال 1987 ۾ ڪيل شادي آهي. ۽ زرداري کي به پاڪستان جي با اثر ماڻهن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو آصف علي زرداري جي اثاثن جي ماليت 1.8 بلين ڊالرز آهي. پاڻ سياست ۽ حڪومت کان علاوه زراعت جي شعبي سان به وابسته آهن.
    [​IMG]

    سر انور پرويز
    انور پرويز بيسٽ وي گروپ جو باني ۽ چيئرمين آهي،جيڪو پاڪستان جو ٻيون وڏو سيمينٽ پيدا ڪندڙ گروپ آهي. ان کان علاوه هي گروپ برطانيه جي 16 وڏي ڪيش اينڊ ڪيري آپريٽر هئڻ جو اعزاز به رکي ٿو. انور پرويز يونائيٽيڊ بينڪ لميٽيڊ جا ڊپٽي چيئرمين ۽ پاڪستان جي اميرترين شخصيتن ۾ چوٿين نمبر تي آهن. انورپرويز کي پاڪستان جي عظيم ڪاروباري شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس اثاثن جي ماليت 1.5 بلين ڊالرز آهي.
    [​IMG]

    نواز شريف
    پاڪستان جو موجوده وزيراعظم ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي مسلم ليگ (ن) جا قائد به آهن. پاڻ نه صرف ڪامياب سياستدان پر ڪامياب صنعتڪار به آهن. پاڻ اتفاق گروپ جا مالڪ آهن ، جيڪو اسٽيل جي سامان جي ڪاروبار جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو .نواز شريف پاڪستان جي امير ماڻهن جي لسٽ ۾ پنجين نمبر تي آهي ۽ سندس اثاثن جي ماليت 1.4 بلين ڊالرز آهي.
    [​IMG]

    صدرالدين هاشواڻي
    صدرالدين هاشواڻي هاشو گروپ جو چيئرمين آهي، جيڪو پنهنجي ميرٽ هوٽل فرنچائيز جي حوالي سان مشهور آهي. ۽ اهوئي گروپ سندس وڏي ڪاميابي آهي.ميرٽ هوٽل سان گڏوگڏ سندس آمدني جو سبب پرل ڪانٽينيٽل هوٽل ۽ اورينٽ پيٽروليم به آهي. هي پاڪستان جو ڇهون اميرترين شخص آهي ۽ سندس اثاثن جي ماليت 1.1 بلين ڊالرز آهي.
    [​IMG]

    ناصر شون
    ناصر شون ، شون گروپ جو موجوده چيف ايگزيڪٽيو آهي ۽ پاڪستان ۾ ڪاروباري ليڊر طور سڃاتو وڃي ٿو. ۽ هن وقت ناصر شون “دبئي ليگون” جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ۽ پاڻ پاڪستان جو ستون نمبر اميرترين شخص آهي . سندس اثاثن جي ماليت 1 بلين ڊالرز آهي.
    [​IMG]

    عبدالرزاق يعقوب (مرحوم)
    پاڪستان جو اٺون نمبر اميرترين شخص هو جيڪو ڪجهه عرصو اڳ وفات ڪري ويو .عبدالرزاق يعقوب جن پنهنجي ڪاروبار جو آغاز دبئي ۾ 60 واري ڏهاڪي ۾ ڪيو ۽ تمام گھڻو ڪامياب ٿيو. مرحوم پاڪستان جو اي.آر.وائي گروپ جو مالڪ هئو. ان جي اثاثن جي ماليت 1 بلين ڊالرز آهي.
    [​IMG]

    ملڪ رياض
    پاڪستان جي مقبول ترين شخصيتن مان هڪ آهي. ۽ هي ايشيا جي سڀ کان وڏي ۽ بهترين ريئل اسٽيٽ ڪمپني جو مالڪ آهي. ۽ کين سڀ کان وڌيڪ بحريه ٽائون جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي پاڪستان جي امير ترين ماڻهن ۾ نائين نمبرتي آهي ۽ سندس اثاثن جي مجموعي ماليت لڳ ڀڳ 1 بلين ڊالرز آهي.
    [​IMG]

    طاهر سهگل
    پاڪستان جي اميرترين شخصيتن جي لسٽ ۾ هي ڏهين نمبر تي آهي. طاهر سهگل ٽي ڀائرن مان سڀ کان وڏو آهي ۽ سهگل گروپ جو مالڪ به آهي . سندس آمدني جو ذريعو سهگل گروپ، ڪوهِ نور ٽيڪسٽائل ملز، پاڪ اليڪٽرانڪ لميٽيڊ، سهگل موٽرز ۽ سجيل موٽرز شامل آهن. طاهر سهگل جي اثاثن جي ماليت لڳ ڀڳ 850 ملين ڊالرز آهي.
    [​IMG]



    سليمان وساڻ فاروق سومرو ذيشان رشيد عبد الله السندي سمير عبدالله الطاف حسين جمالي بلوچ سنڌنيشنل پارٽي مرڪز شيرين عبدالغني لوهار
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    وڏيون بلائون آهن ، خدا پناھ ۾ رکي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وڏو پئسو اٿن ..... ڪاش اهي ماڻهن جي ڀلائيء لاء به ڪي اهڙا پراجيڪٽ شروع ڪن جيڪي سندن لاء صدقه جاريه هجن ۽ عوام به ڀرپور فائدو وٺي سگهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ظهور بوزدار

    ظهور بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2013
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سلام ڀاءُ، توهان جو هي ليک تمام سٺو لڳو، ڄاڻ جي حوالي سان بهترين ليک هو. توهان لکندا رهو.........
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا مهرباني
     
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪنهن ڏاهي چيو ته ”پئسو امير ماڻهو لا سندس گهرواري وانگر هوندي آهي ۽ ڪوبه غيرتمند پنهنجي گهر واري ٻين ڪيئن ڏيندو ؟“ ;);):eek::D:D
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين معلومات
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    ٻي يا ٽي نمبر تي اچڻ وڏي ڳالهه آهي پر اگر واقعي اهو پئسو غريبن جي ڀلائي ۽ پوئتي پيل پڙهائي تي ڪجهه حصو خرچ ڪيو وڃي ته اهو انسان دنيا جي پهرين نمبر تي رحمدل سڏبو يقيناََ هر انسان جي دل ۾ سندس عزت هوندي..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو