ريگيوليٽرن ۽ بيراج جي صحيح چڪاس ڇو نٿي ٿئي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ريگيوليٽرن ۽ بيراج جي صحيح چڪاس ڇو نٿي ٿئي؟​
    ادريس راجپوت


    ننڍي هوندي هڪ آکاڻي پڙهي سين، جنهن ۾ هڪ ماڻهوءَ وٽ هڪ اهڙي بدڪ هئي، جيڪا روز هڪ سونو آنو ڏيندي هئي. جنهنڪري ان ماڻهوءَ جو وقت تمام سٺو گذري رهيو هو، پر انسان حرص، لالچ جو پتلو آهي، رات اندر شاهوڪار ٿيڻ ٿو چاهي، سو انهيءَ ماڻهوءَ کي به لالچ اچي ورايو ۽ سوچيائين ته بدڪ جي پيٽ ۾ تمام گهڻا سونا آنا آهن، روز روز آني جو انتظار ڪرڻ بدران ڇو نه سڀ سونا آنا هڪدم ڪڍي وٺان. سو بدڪ کي ڪٺائين پر اندران ڪجهه به نه نڪتو ۽ همراهه هر روز واري سوني آني کان به محروم ٿي ويو. ڪجهه اهڙي ئي حالت اسان سنڌ وارن جي آبپاشي واري سکر بيراج ۽ انهيءَ مان نڪرندڙ واهن بابت آهي. انهيءَ جي پاڻيءَ سان ذري گهٽ سڄي سنڌ سيراب ٿئي ٿي، پر انهيءَ جي مناسب سار سنڀال نه هجڻ ڪري اسان انهيءَ سونو آنو ڏيندڙ بدڪ کي ڪهون ته ڪونه ٿا پر هوريان هوريان گهٽ کاڌو ڏئي مرڻينگ ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن اها ئي حالت رهي ته انهيءَ جو موت پري ناهي. سکر بيراج ٺهڻ کان اڳ به سنڌ ۾ آباديون ٿينديون هيون پر فصل پوکڻ ۽ پچائڻ مهل خاطريءَ وارو پاڻي نه هجڻ ڪري پوکي گهٽ ٿيندي هئي ۽ جيڪا پوک ڪئي ويندي هئي، اها به پچائڻ ڏکي هئي. نتيجي ۾ اقتصادي سرگرميون کي اڪثر ڪري ڪاپاري ڌڪ لڳندو هو، جڏهن فصل سٺا نه ٿيندا هئا، انهيءَ وقت نه رڳو آبادگارن ۽ هارين کي نقصان ٿيندو هو، بلڪه انهن ماڻهن تي به اثر پوندو هو، جيڪي زراعت واري سرگرمين سان سڌي يا اڻ سڌي طرح ڳنڍيل هوندا هئا. انهيءَ زماني ۾ زراعت پراڻي نموني ۾ ٿيندي هئي، زمين ڏاندن وسيلي کيڙي ويندي هئي ۽ اَن موهن جي دڙي جي زماني وارين بيل گاڏين وسيلي کنيو ويندو هو. سکر بئراج ٺهڻ کانپوءِ واهن ذريعي زمينن کي خاطري وارو پاڻي مليو، جنهن جي نتيجي ۾ آباديون وڌيون. زرعي ڪلينڊر ۾ هڪ کان وڌيڪ فصل ٿيڻ لڳا، ٽريڪٽر، ٿريشر ۽ ٻي مشينري ذريعي اَن ڪڍڻ وارو عمل تيز ٿي ويو. ٻهراڙي جي ماڻهن جي زندگي جي معيار ۾ سڌارو آيو، زرعي اپت ۾ وڌيڪ تيزي ريسرچ ڪرڻ سان آئي، جنهن ڪري مختلف فصلن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ٿيو. انهيءَ ڏس ۾ڪيترائي تجربا ڪيا ويا، جن ۾ پاڻيءَ، جيت ماردوائن جي استعمال سان مختلف نوان ٻج پيدا ڪيا ويا، جن جي ڪري في ايڪڙ پيداوار وڌي ۽ آبادگار ۽ هاري خوشحال ٿيا. اها ترقي انهيءَ ڪري ٿي ته سکر بيراج جي واهن ذريعي آباگارن کي وقتائتو ۽ خاطري وارو پاڻي مليو. نئون واهه نڪرڻ ڪري انهن تي جتي اڳي ڪچيون جايون ۽ جهوپڙيون هيون، اتي پڪ سري جايون ٺهي ويون. ڪيترن هنڌن تي جتي وسنديون نه هيون، نوان ڳوٺ ٺهي ويا. انهيءَ سان گڏوگڏ ڪيتريون نيون فيڪٽريون ٺهي ويون ته جيئن ڪچي مال مان پراڊڪٽ تيار ڪن. ڦٽين جي گهڻي پيداوار ڪيترين جننگ فيڪٽرين ۽ ٽيڪسٽائيل ملن کي جنم ڏنو، ڪمند جي وڌيل پيداوار ڪري ڪيتريون شگر ملون ٺهي ويون.

    سکر بئراج ٺهڻ ڪري سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي زندگي ۾ سڌاري جو نقشو ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي هڪ مضمون ۾ هن ريت چٽيو آهي: ”سکر بيراج مان کوٽيل واهن جي ڄار هزارن ميلن تائين لکين ايڪڙ زمين کي سيراب ڪيو، انهيءَ ڪري جهر جهنگ، برپٽ ۽ ڀٽون آباد ٿيون، ڪڻڪون، ڪپهه، ڪمند، چانور، ڄانڀو، سرنهن، مٽر، انب، زيتون، ڪيلا جام ٿيا ۽ زميندارن ۽ هارين جي اپت ۾ برڪت ٿي. اقتصادي حالت سڌري، پڪا رستا ٺهيا، اندروني ۽ بيروني واپار وڌيو ۽ واپارين ۽ زميندارن جي حالت اڳي کان اڳري ٿي. انهن حالتن جي ڪري ماڻهن جي معاشي حيثيت سان گڏو گڏ معاشرتي حالتن تي به اثر ٿيو. معاشرتي اثر جي ڪري اهي گهر جيڪي ڇڙ وڇڙ هوندا هئا، نئين سر هڪ ماڳ تي گڏ ٺاهيا ويا. اهڙي طرح پهرين ننڍا ڳوٺ ٺهيا، جيڪي پوءِ وڌندا ويا ۽ واهڻ ٿيا، جن آخر وڏن واهڻن ۽ پوءِ شهرن جي صورت ورتي. انهن ۾ زندگي جون ضرورتون جهڙوڪ اسڪول، ننڍي اسپتال، جانورن جي اسپتال ۽ هٽ ۽ دڪان کليا.“ مضمون جي پڇاڙي ۾ موصوف لکي ٿو ته: ”حاصل مطلب ته سکر بيراج جي قيام سنڌ جي وڏن ماڻهن، زميندارن، واپارين، اميرن جي زندگي ته خير پر عام ماڻهن جي روزانه زندگي ۾ انقلابي ڦيريون گهيريون ۽ تبديليون آڻي، سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو.“

    سکر بيراج کي سنڌ وارن لاءِ سونو آنو ڏيندي 76 سال ٿي ويا آهن، يعني پليٽينم جوبلي ٿي وئي آهي. ياد رهي ته 25 سالن تي سلور جوبلي، 50 سالن تي گولڊن جوبلي، 75 سالن تي پليٽينم جوبلي ۽ 100 سالن تي ڊائمنڊ جوبلي ملهائي ويندي آهي. جڏهن سئو سال ٿيندا ته سکر بيراج جي ڊائمنڊ جوبلي ٿيندي، پر انهيءَ کان اڳ اسان جي نااهلي ۽ بيحسي جي ڪري هي خطرن جي ور چڙهيل آهي ۽ ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ سنڌ کي ملندڙ سونا آنا ختم ٿي سگهن ٿا. اهڙا اهڃاڻ ويجهي ماضي ۾ ظاهر ٿي چڪا آهن. ان جي گولڊن جوبلي ملهائڻ کانپوءِ ان جو هڪ در ڪري پيو، جنهن ڪري بيراج جي پانڊ ليول تي ڪنٽرول ختم ٿي ويو ۽ واهن ۾ خاطري وارو پاڻي نه پيو هلائي سگهجي. ماڻهن کي اها ڳڻتي ورائي ويئي ته بيٺل فصلن کي جي پاڻي نه مليو ته ڇا ٿيندو؟ خدا جنت نصيب ڪري مرحوم حاجي محمد ڏهر کي، جنهن انهيءَ مصيبت جي وقت ۾ هڪ عجيب ڳالهه سوچي، انهيءَ کي عملي جامو پهرائي، سنڌ وارن کي ڏکي مصيبت کان بچائي ورتو. بيراج جي ڀڳل در کي تبديل ڪرڻ لاءِ تڪڙو ٻيو در ڪٿان اچي؟ ٺهڻ ۾ مهينا لڳن ها، هن فيصلو ڪيو ته بيراج جي بند ٿيل درن مان هڪڙو در کولي انهيءَ ٽٽل در جي جاءِ تي هڻجي، انهيءَ ۾ ڪيترا خطرا هئا، پهرين در کي کولي ٽڪرن ۾ ڪڍڻو هو ۽ پوءِ وري انهن ٽڪرن کي ساڳي ترتيب سان ٽٽل در جي جاءِ تي بيهارڻو هو. پراڻي در جا، جيڪو بند ٿيل هو، نٽ بولٽ ئي زنگجي ويا هئا، جيڪي ڪاٽڻا پيا. وري جيڪڏهن ڪو ٽڪرو صحيح حالت ۾ نئين جاءِ تي نه پهچي ها ته در مڪمل نه ٿي سگهي ها. هن صاحب هنگامي بنيادن تي ڪمال مهارت سان اهو ڪم ڪرايو ۽ در ٺيڪ ڪري بيراج جي پانڊ ليول ڪنٽرول ڪري واهن ۾ رڪارڊ ٽائيم ۾ وري پاڻي ڇڏيو. انهيءَ کانپوءِ برطانيا سرڪار جي مدد سان بيراج جا سڀ در نوان ڪرائي ڇڏيائين. سال 2004ع جي جنوري واري بنديءَ ۾ بيراج جي مٿين ڀر ساڄي پاڪٽ ۾ پڪي فرش ۾ کڏو پئجي ويو، جيڪو 60 فوٽ ڊگهو، 40 فوٽ ويڪرو هو. انهيءَ سان گڏ مٿئين ڀر واري پهرين شيٽ پائل به ٽٽي وئي، جنهن ڪري بيراج جي ساڄي پاڪٽ وارن درن ۽ بيراج جي ڪرڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو. جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته سنڌ ۾ وڏي تباهي اچي ها، بيٺل فصل سڪي وڃن ها ۽ آبادگار ۽ هاري برباد ٿي وڃن ها. سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي پوي ها. ان خراب صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج جي انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن کي گهرائڻو پيو ۽ ڪنسلٽنٽ رکڻا پيا. هن ۾ چار ڌريون ٺاهي ڪم ڪيو ويو، جنهن ۾ مالڪي سنڌ آبپاشي کاتي جي، صلاح مصلحت نيشنل ڊولپمينٽ ڪنسلٽنٽ جي، نظرداري جي ايڇ ڪيو جي ۽ ٺيڪو فوج جي هڪ اداري کي ڏنو ويو. مکيه ڪم نقصان ٿيل پاڪٽ مان پاڻي ڪڍي اهو ڏسڻو هو ته نقصان ڇا ٿيو ۽ پوءِ ان کي ٺيڪ ڪرڻو هو. انهيءَ مقصد لاءِ پاڪٽ ۾ مٿئين ڀر وارو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال جي هيڊ ريگيوليٽرن وچ ۾ هڪ ڳنڍو Coffer dam هنيو ويو ۽ هيٺين ڀر روڊ واري پل کان مٿي ٻيو ڳنڍو هنيو ويو ۽ 60 ٽيوب ويل هڻي پاڻي ڪڍيو ويو. پاڻيءَ جي ليول هيٺ ڪڍرائڻ کان پوءِ خبر پئي ته هي ڪم ڪرڻ ضروري هئا: پاڪٽ مان پاڻي ڪڍڻ، مٿئين ڀر واري ٽٽل شيٽ پائل کان مٿي نئين شيٽ پائل هڻڻ، ٽٽل ۽ نئين شيٽ پائل وچ ۾ 45 فوٽن ۾ 4 فوٽ پڪو فرش وجهڻ، نئين شيٽ پائل کان مٿي 40 فوٽ ويڪر ۾ ڪنڪريٽ جا بلاڪ وجهڻ، انهن بلاڪن کان مٿي پٿر وجهڻ، پراڻي ٽٽل شيٽ پائل کان مٿي پلرن تائين پڪو فرش وجهڻ، دادو ڪئنال جي فرش هيٺان نالن کي ڀرڻ، انهيءَ سامهون نئين شيٽ پائل هڻڻ، ڪريڪ ٿيل فرش کي ڊاهي نئون فرش هڻڻ، پلرن جي وچ ۾ پڪي فرش هيٺان نالن کي ڀرڻ، پهرين نمبر پلر جي ڪريڪ کي اپاڪسي سان ڀرڻ، سڀني کان هيٺين شيٽ پائل کان 6 فوٽ هيٺ نئين شيٽ پائل هڻڻ، انهيءَ کان هيٺ فلٽر بلاڪ ۽ پٿر وجهڻ. اهي ڪم 89 ڪروڙ رپين جي خرچ سان ڪيا ويا، جنهن لاءِ 15 ڪروڙ رپيا سنڌ سرڪار ۽ 74 ڪروڙ وفاقي سرڪار ڏنا. تازو سيپٽمبر جي مهيني ۾ روهڙي ڪئنال جي سڪرنڊ ريگيوليٽر کي نقصان پهتو، واهه بند ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي ته سڄو ريگيوليٽر تباهه ٿيو پيو آهي. انهيءَ جي مرمت ڪرڻ ممڪن ناهي، انهيءَ جي جاءِ تي نئون ريگيوليٽر ٺاهڻو پوندو. اڍائي مهينن جي ڏينهن رات محنت کانپوءِ هي ڪم پورو ڪيو ويو، جنهن تي اٽڪل 17 ڪروڙ رپيا خرچ آيو آهي. اتي ٺهيل باءِ پاس ريگيوليٽر ڏاڍو ڪم آيو، جنهن وسيلي نصير ۽ هالا وارن کي پاڻي ڏنو ويو. جيڪڏن اهو بند هجي ها ته مٿين ٻنهي ڊويزنن جا آبادگار تباهه ٿي وڃن ها. سوال ٿو اٿي ته اهي نقصان ڇو ٿا ٿين؟ ڇا انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن آهي ۽ جيڪڏهن ممڪن آهي ته اهو ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ هر ڪنهن شيءِ جي هڪ عمر ٿي ٿئي، جنهن سان انهيءَ ۾ ڪمزوري اچي ٿي، انهيءَ ڪمزوري ڪري آهستي آهستي اها شيءَ تباهه ٿيڻ شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ ختم ٿي وڃي ٿي. پر ختم ٿيڻ کان اڳ صحيح سار سنڀال سان اهو ڀرڻ جو عمل ڊگهو ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن شين جي وقت بوقت سار سنڀال لهجي ته انهن جي حياتي وڌائي سگهجي ٿي، انهيءَ مقصد لاءِ ئي هر سال واهن ۽ بيراجن جي بندي ڪئي ويندي آهي، ته جيڪڏهن ڪو نقص آهي ته انهيءَ کي ڏسجي ۽ بندي دوران انهيءَ جي مرمت ڪجي ته جيئن واهه کلڻ ۽ هلڻ کانپوءِ ان ۾ ڪو نقصان نه ٿئي. وقتائتي سار سنڀال ۽ مرمت پوءِ ٿيندڙ وڏي خرچ ۽ پريشاني کان بچائي ٿي. انهيءَ ۾ تمام گهڻي ضرورت سکر بيراج ۽ واهن تي ٺهيل ريگيوليٽر کي چڪاسڻ جي آهي، ڇو ته اهي 76 سال پراڻا ٿي ويا آهن. منهنجي خيال ۾ مٿيان ٻڌايل ٽيئي نقصان وقتائتي چڪاس نه ٿيڻ ڪري ٿيا، جنهن ڪري تمام گهڻو خرچ به ٿيو ۽ پريشاني به ٿي. انگريزي ۾ چوندا آهن ته A stitch in time saves nine (هڪ وقتائتو ٽانڪو پوءِ جي نون ٽانڪن کان بچائي ٿو.) پوءِ ڀلا سدا واهن جي بنديءَ دوران ريگيوليٽرن ۽ بيراج جي صحيح چڪاس ڇو نٿي ٿئي؟ منهنجي خيال ۾ اهو بدانتظاميءَ جي ڪري ٿئي ٿو. آفيسرن جو سڄو ڌيان پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۽ انهن ماڻهن کي راضي ۽ خوش ڪرڻ ۾ هجي ٿو جيڪي انهن جي مدد ڪري سگهن ٿا، ڪم ڏانهن ڌيان گهٽ هوندو آهي، جنهن ڪري انهن ۾ نااهلي ۽ بيپرواهي اچي وئي آهي. هاڻي ڪو به آفيسر نظام ۾ گهٽتائين ۽ ڪمزورين جي چڪاس لاءِ دورو نٿو ڪري، اميرن، وزيرن ۽ وڏن آفيسرن جي پروگرامن ۾ وڃي ٿو.
    صلاح: ڇهين جنوري کان سکر بيراج جي واهن جي سالياني بندي شروع ٿي چڪي آهي، انهيءَ جا ريگيوليٽر ۽ ٻيا اسٽرڪچر 76 سال پراڻا ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڀڄڻ ۽ ڀرڻ Disintegration جو عمل جاري آهي، انهن ۾ ٿيل نقصن جي ڪتاب ۾ داخلا ڪجي، بندي پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ انهن کي ٺيڪ ڪري وري ڪتاب ۾ لکجي. جيڪڏهن ديانتداري سان ائين ڪيو ويو ته پاڻي هلڻ دوران مٿئين ٻڌايل وڏن نقصانن کان بچي سگهبو، جنهن جي نتيجي ۾ قوم جو پيسو به بچندو، آبپاشي عملدارن جي عزت به ۽ سکر بيراج واري بدڪ سنڌ وارن کي سونو آنو ڏيندي رهندي.



    بشڪريه ڪاوش اخبار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو