مضمون ”عمران خان جو احتجاج حقيقيت يا ڊرامون“

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڊاڪٽر آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2014۔

  1. ڊاڪٽر آزاد منگي

    ڊاڪٽر آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Veterinarian
    ماڳ:
    Thariri Mohabat District Dadu
    ”عمران خان جو احتجاج حقيقت يا ڊرامو“

    رفيق آزاد منگي لاڙڪاڻو


    پنهنجي تنقيد ۽ بحث شروع ڪرڻ کان پهريان ئي هڪ واقعو ٻڌائڻ پسند ڪندس ته گھڻا سال اڳ هڪ رياست ۾ بادشاهي راڄ قائم هيو اتي هڪ غلام کان ڪا غلطي ٿي وئي، جنهن کي سزا طور ٻه آپشن ڏنا ويا هڪ اهو ته يا ته هو 100 ڪوڙا کائي يا وري 100 بصر کائي، ان غلام سولائي محسوس ڪندي 100 بصر کائڻ وارو آپشن چونڊيو ۽ ان بصر کائڻ شروع ڪيا، جڏهن هن 20 بصر مس کاڌا ته ان کي بصرن جي ڪڙاڻ سبب سخت تڪليف ٿي ۽ اکين مان پاڻي پڻ وهڻ لڳو جنهن تي هن بصر کائڻ کان انڪار ڪري ڪوڙا هڻڻ جي درخواست ڪئي، بعد ۾ هن کي ڪوڙا لڳڻ شروع ٿيا ۽ جڏهن هن کي اڃان 20 ڪوڙا مس لڳا ته سخت تڪليف ۽ سُور محسوس ٿيو ۽ هن درخواست ڪئي ته هو بصر کائيندو اهڙيطرح هن 100 بصر ۽ 100 ڪوڙا ٻئي سزائون کاڌيون ۽ موت جي ننڊ سمهي پيو، هن سڄي واقعي ٻڌائڻ جو مقصد صرف اهو هو ته اسان پاڪستاني قوم جو به انهيءَ نوڪر جهڙو حال آهي جو اسان پنج سال هڪڙي حڪومت جو عذاب برداشت ڪري وري پنج سال ٻي حڪومت جو عذاب برداشت ڪريون پيا،

    جهڙيطرح پيپلز پارٽي حڪومت جا پنج سال گّذريا ته ڪاش خدا اهي پنج سال ڪنهن دشمن ملڪ جا به نه گذاري، خير! جڏهن حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري گھر رواني ٿيڻ لڳي ته هڪ جوڙيل منصوبي تحت نگران حڪومت جي نالي تي هر اسٽيڪ هولڊر پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو ۽ 11 مئي تي جمهوريت تي ساهه ڏيڻ جون دعوائون ڪندڙ سياسي پارٽين 11 مئي کي ئي پاڪستان جو بدترين ڏينهن بنائي ڇڏيو، پ پ حڪومت جي پنج سال ختم ٿيڻ بعد هڪ اميد ۽ روشنيءَ جو ڪرڻو ظاهر ٿيو هيو ته متان 2013 واري اليڪشن ۾ روشن پاڪستان جو بنياد ٻيهر رکيو وڃي پر اليڪشن ۾ روشن پاڪستان بنائڻ جو نعرو هڻندڙ هڪ سياسي جماعت ئي عوام جي ڪروڙين اميدن تي پاڻي ڦيرائي ڇڏيو، اليڪشن واري ڏينهن جي فورن بعد ئي مختلف پارٽين طرفان ڌانڌلين جا الزام اچڻ شروع ٿي ويا اعليٰ عدليه پاران سڀني جي دانهن ٻڌڻ لاءِ مختلف اليڪشن ٽربيونلز قائم ڪيا ويا جن ۾ جنهن کي ڌانڌلي جي شڪايت هئي تن وڃي اتي دانهيو، پر معمول موجب هميشه جيان ڪورٽ سڳوري صرف تاريخ تي تاريخ ئي ڏني، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته 11 مئي 2013 واري اليڪشن ۾ هڪ وڏو ڌانڌلو ٿيو هيو جنهن جي دانهن ته هر پارٽيءَ ڪئي پر ثبوت صرف پاڪستان تحريڪ انصاف ئي فراهم ڪيا، جناب عمران خان صاحب وائيٽ پيپر جاري ڪري باقاعده طور ملڪ ۾ ٿيل ڌانڌلي جا ثبوت ڏنا پر ان جي با وجود ڪنهن به ان جي نه ٻڌي 35 پنڪچرن واري ڳالهه ته ڪنهن کان لڪيل ڪانهي ان جي تصديق ته آمريڪي ايجنسيءَ به ڪئي پر وري به هڪ مڪ مڪائو تحت ڳالهه هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي وئي، پاڪستان ۾ اهي ماڻهو تمام گھٽ آهن جيڪي هن سسٽم مان خوش آهن، هي سسٽم صرف ئي صرف امير شخص جي حمايت ٿو ڪري جڏهن ته غريب جو هن نظام ۾ رهڻ بلڪل نا ممڪن بنجندو ٿو وڃي، پر ان جي با وجود به هيءَ حڪومت ان تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، اڄڪلهه هرڪو جمهوريت جا ڪلمه شريف ته پڙهي ٿو پر حقيقي جمهوريت ڇا ٿيندي آهي ان تي ڪير به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جمهوري رياست جا پهريان اصول آهن ته برابري هجي، انصاف جي فراهمي بر وقت هجي، ان جي با وجود به جيڪڏهن ائين نه ٿو ٿئي ته ان ظلم خلاف احتجاج ڪرڻ جو پورو پورو حق هوندو آهي، اڄ جڏهن خانصاحب احتجاج جو اعلان ڪيو آهي ته نه ڄاڻ ڇو سياسي پارٽين کانوٺي صحافي برادريءَ تائين اها خوف جي لهر اٿي آهي ته جمهوريت کي خطرو آهي! ۽ وري اهي مثال (ن) ليگ ۽ پ پ جو ڏين ٿا ته انهن ڪيئن نه جمهوريت جي خدمت ڪئي آهي انهن کان شايد پ پ جي حڪومت ۾ (ن) ليگ جا حڪومت خلاف اهي احتجاج ۽ ريليون وسري ويون آهن جنهن ۾ شهباز شريف صاحب گو زرداري گو جا نعرا هڻي ٿڪجي پوندو هو ۽ مرزا غالب جا ڪجھ شعر هر وقت دهرائيندو رهندو هيو، اگر پ پ هن وقت خاموش به آهي ته ان جا ٻه سبب آهن هڪڙو ته انهن جي پنهنجي دور ۾ ڪارڪردگي ۽ ٻيو ته ” گڏجي کائڻ ۽ گڏجي لٽڻ واري پاليسي مطلب مفاهمتي پاليسي“، (ن) ليگ ۽ پ پ جو انهيءَ ڳالهه تي مڪ مڪائو ٿيل آهي ته وڙهڻ سان حڪومتون وينديون آهن انهيءَ ڪري گڏجي کائڻ گھرجي.

    هن وقت پاڪستان جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ سخت فيصلا ڪري سسٽم کي سڌارڻو پوندو پر افسوس جو پنهنجي ماضيءَ مان ڊنل (ن) ليگ ۾ اها طاقت نه آهي ۽ خبر ناهي ته ڇو خانصاحب جي اهڙي فيصلي سان حڪومت ۽ اسانجا ڪجھ ڪالم نگار ڇو ڊڄي ويا آهن بهرحال حڪومت خانصاحب جي احتجاج کي ناڪام بنائڻ لاءِ هر حد تائين ويندي، انهيءَ ڪوشش ۾ حڪومت لوڊشيڊنگ، پيٽرول جي اگھن ۾ گھٽتائي ۽ مختلف شين جي اگھن ۾ گھٽتائي ڪري سگھي ٿي، آخر ۾ اهوئي چئي سگھجي ٿو ته احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آهين۽ ان کي روڪيندڙ ۽ تنقيد ڪندڙ ئي اصل جمهوريت جا دشمن آهن.


    ”پورو ٿيو“

    رفيق آزاد منگي (فرسٽ ييئر پري ميڊيڪل) مينهل آباد ڪالوني لاڙڪاڻو

    rafiqazadm@gmail.com

    03473656482
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو