قادر بخش جا قبا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    غلام مصطفيٰ سولنگي
    [​IMG]
    هڪ نه هڪ ڏينهن اسان جي زندگيءَ جو سج لهي ٿو وڃي، ان ڪري جو ڪنهن به بني بشر کي هن فاني دنيا ۾ هميشه لاءِ ناهي رهڻو، کيس پنهنجي مالڪ ڏانهن هر صورت ۾ واپس ورڻو آهي.

    ڪي انسان ته ڪڏهن به ڪنهن کي ياد ناهن هوندا ۽ ڪي وري پنهنجن ڇڏيل اهڃاڻن جي صورت ۾ صدين تائين ياد رهندا آهن.

    هي اهو اهڃاڻ آهي، جنهن کي تاريخ دان ۽ قديم آثارن جا ماهر ”قادر بخش جا قبا“ جي نالي سان سڏين ٿا. ها! قادر بخش جا قبا ڪوٽ ڏيجيءَ جي جابلو سلسلي جي هنج ۾ واقع هڪ عظيم الشان قبرستان، جنهن کي اتر سنڌ جو مڪلي به چيو ويندو آهي، ان ڪري جو هن قبرستان جي ڪشادگيءَ، پکيڙ، قدامت، تاريخ ۽ اڏاوت جي نمونن جي ڀيٽ ملڪيءَ سان ڪري سگهجي ٿي.

    قادر بخش جا قبا، هن وقت روهڙي ضلعي سکر ۾ شامل آهن، جڏهن ته هي سمورو علائقو ڪنهن دور ۾ خيرپور رياست ۾ شامل هوندو هيو، خيرپور ميرس ۽ روهڙي کان قادر بخش جا قبن تائين جو پنڌ چاليهارو کن ڪلوميٽر آهي.

    هي خيرپور رياست جي ميرن جو خانداني قبرستان آهي، جتي نالي وارا ماڻهو دفن ٿيل آهن. خيرپور رياست جي اڪثر حاڪمن کي هتي امانت طور دفنايو ويندو هيو. جيڪي پوءِ وري ڪربلا معليٰ ۾ وڃي آرامي ٿيندا هئا.

    هن قبرستان جو نالو ” قادر بخش پنهور“ جي نالي تان پيل آهي. فقير قادر بخش پنهور الله جو نيڪ ٻانهو ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي، پاڻ گهوٽڪيءَ جي پاسي اُڀي جو رهواسي هيو.عبادت ۽ رياضت خاطر هي ويرانو اچي آباد ڪيائين.

    پاڻ رياست خيرپور جي باني مير سهراب خان ٽالپر جو همعصر هيو. مير صاحب سندس خاص مريدن مان هيو ۽ پاڻ ساڻس ملڻ لاءِ اڪثر وٽس ايندو رهندو هيو. فقير صاحب جڏهن وفات ڪئي ته سندس وصيت مطابق کيس اتي ئي دفنايو ويو. سندس قبر تي مير سهراب خان هڪ عاليشان مقبرو جوڙايو، جيڪو اڄ به زماني جي گردش سان مهاڏو اٽڪايو پنهنجي اصلي حالت برقرار رکڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي. فقير قادر بخش جي ڪري ئي هن قبرستان تي ” قادر بخش جا قبا“ جو نالو پئجي ويو.

    هي قبرستان هڪ سئو ايڪڙن کان به مٿي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ مختلف دورن جون قبرون موجود آهن. مير سهراب خان ٽالپر جي دور کان وٺي هيل تائين جي فوت ٿيل ٽالپر خاندان جون قبرون هتي موجود آهن، ان ڪري قبرن جي بناوت ۽ ڊزائينو به وقت سان گڏ بدلبيون پئي رهيون آهن. اوائلي دور جون قبرون مقامي جبلن تان آندل پٿر جون آهن، جڏهن ته بعد جون اڪثر قبرون سنگ مرمر مان ٺهيل آهن.

    هتي جيڪي قبا موجود آهن، تن جي اندر ٽالپر خاندان جي اهم شخصيتن جون قبرون موجود آهن، هڪ قبي اندر ٽالپرن جي مشهور سپهه سالار گولي شاهه ۽ سندس پٽ مرتضيٰ شاهه جون قبرون ٺهيل آهن.

    هڪ قبو مير خان محمد خان جي گهرواريءَ جو آهي. مير خان محمد خان،ٽالپر حڪمران خاندان جي مکيه شخصيت هيو ۽ سندس گهرواري به انتهائي ذهين ۽ وڏي سياسي ڏاهپ رکندڙ عورت هئي. ان ڪري ٽالپر خاندان اندر سندس وڏي هلندي چلندي هئي.

    انهن سڀني قبن ۾ هڪ فوٽ جون سنهيون سرون ڪتب آندل آهن. انهن سرن مٿان گاري جو ليپ ڪيو ويو آهي ۽ گاري جي ليپ مٿان وري سفيد چوني جو ٿلهو تهه لڳايو ويو آهي. ناليواري محقق علامه حزب الله آءِ سومري جي تحقيق مطابق انهن مقبرن جي اڏاوت جو ڪم رياست خيرپور جي مشهور رازي ميان محمد عالم ڪيو هيو. پاڻ نه رڳو سٺو ڪاريگر، پر گلڪاريءَ ۽ نقاشيءَ جو وڏو ماهر هيو.

    انهن مقبرن ۽ قبرستان ۾ موجود ٻين اڏاوتن ۾ ساڳوان جي ڪاٺ جا دروازا لڳيا ويا آهن. جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان گڏ ۽ موسمي اثرن ۽ بارشن جي ڪري ڪاٺ جي چمڪ دمڪ برقرار نه رهي سگهي آهي، پر اُن تي اُڪر جو ڪم نهايت لاجواب آهي. دروازن تي گلن ٻوٽن ۽ گلدانن ۾ گلن جي اُڪر جو ڪم نهايت عمدو ٿيل آهي.

    ديوارن جي بناوت به نهايت وڻندڙ آهي، انهن تي ٺهيل محرابي ڊزائينون گهڻو منفرد آهن. اهڙيون ڊزائينون وچ ايشيا ۽ مغليه طرز جو ڏس ڏين ٿيون.

    عام طور تي هڪ ئي خاندان جون قبرون هڪ ئي هنڌ ٺاهيون ويون آهن. عورتن جي قبرن جي اوچائي گهٽ رکي وئي آهي ته جيئن مرد عورت جي قبرن جي سڃاڻپ ڪتبي جي لهي وڃڻ يا گم ٿي وڃڻ کانپوءِ به برقرار رهي.

    شروعاتي دور جي قبرن تي پٿر جي اُڪر شاندار ٿيل آهي. ڪجهه قبرن تي وري خط ڪوفيءَ ۾ قرآن پاڪ جون آيتون به اُڪريل آهن.

    جيتوڻيڪ خيرپور رياست جا اڪثر حڪمران ڪربلا معليٰ ۾ دفن ٿيل آهن، پر ڪجهه حڪمرانن جون قبرون، هن قبرستان ۾ به موجود آهن، جهڙوڪ: مير سهراب خان ٽالپر، مير رستم خان ۽ مير فيض محمد خان پهريون، هتي ئي دفنايا ويا هئا.

    ان کان سواءِ ٽالپر خاندان جي مکيه شخصيتن جون قبرون به هتي ئي آهن. مير غلام حيدر خان ٽالپر، مير غلام مهدي ٽالپر، سلميٰ بيگم، مير مبارڪ خان ڇهون، مير شاهه محمد خان، مير دوست محمد خان، مير غلام حسين خان، مير محمد خان ٽالپر ۽ مير احمد علي خان ٽالپر به هتي ئي آرامي آهن.

    هن قبرستان يعني قادر بخش جا قبا ۾ هڪ خاندان ئي دفن ٿيل ناهي، پر خيرپور رياست جي سياسي، دفاعي، سماجي ۽ علمي تاريخ به هتي دفن ٿيل آهي ۽ اها تاريخ تحقيق جي ڳولا ۾ آهي.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اڄڪلهه قبرستان جي حالت بهتر ناهي ... قبا ڊهي رهيا آهن پر ڪوبه سار لهڻ يا ان جي مرمت لاء تيار ناهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو