اَڃا اُتي آ

منصور سرور

سينيئر رڪن
جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ،
تُنهنجو جَنم اَجايو ، تُنهنجي مٽي اَڻاسي !

آيو ويو سڪندر ، سيوهڻ اَڃا اُتي آ ،
هُو کير ٿر کڙو آ ، وِيندا رهيا وِناسي .

لالَڻ ! نوان لَڪن ۾ نِڪتا نِياڻَ آهن ،
ايندا جِتي لُڪن ۾ ، پانڌيئڙا پِياسي .

هِي شام جو مياڻي ، هِي سونَ رنگ پاڻي ،
تَڙ تي ٻه چار ڏيئا ، نَڙ تي ٻه چار لاسي !

منهنجي اُڪير ڇا هي؟ هي چِٽ چيت من ۾،
مندرِ ، اُداس ڏيئو ، اَڌ راتِ ، ديوداسي .

جي وک کي وڌائين ، اَڄ ماڳُ ڏور ناهي ،
ڏُونگر ڏريِ پَيو آم ساهَس ته ڌارِ ساسِي !

 
Back
Top