وتائي فقير جي ڳوٺ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ شادي هئي. ڌهلن ڌمالن جون ڍمون جون ۽ ڀتن جون الوليون لڳيون پيون يون. وتايو فقير به پنهنجي غريباڻي پوشاڪ ۾ سِڌو ڇَني ۾ هليو ويو. هيڏانهن هوڏانهن گهڻو نهاريائين. پر پر ڪنهن رکي صلاح به ڪانه ڪيس. ٻيا جيڪ ڪپڙن گندين ٺهيل ماڻهون پئي آيا، تن کي ڪامڙين وٺي عزت سان وهاريو. هي ويهي ويهي نيٺ اُٿيو. هڪ کٽي وٽ آيو. ان کي پئسا ڏئي مسواڙ تي ڪپڙا وٺي اهي پائي ڏاڍي شان سان اچي ڇَني ۾ گهڙيو. ماڻهو ڊوڙي آيا ۽ وٺي هلي باعزت وهاريائونس. يڪدم ٻوڙ پلا گقير جي اڳيان اچي ويا. فقير ڪپڙن ۾ هٿ وجهو انه کي چوي ته کائو کائو! ماڻهن چيس چريو آهي ڇا؟ جواب ڏنائين ته.. سويري غريباڻن ڪپڙن ۾ اچي ويٺس، ته ڪنهن کنگهيو به ڪونه، هينئر جڏهن هي ڪپڙا پائي آيو آهيان. تڏهن سڀ ڪا خوشامد پئي ٿئي، هي ماني ڪپڙن کي ملي آهي. مونکي ناهي ملي. ملي ها ته سويري ئي ملي ها. انهي ڪري هنن کي پيو چوان کائو کائو..