شيرين
سينيئر رڪن
ڏس منهنجي مٺڙي سنڌ امان.
مان تنهنجا ڪهڙا سور لکان.
تنهنجو هر هڪ سور سوايو آ.
ڪو ڪاٿو ناهي ڪيئن ڏسيان.
هر روز ٿا توکي سور ملن.
ڪجهه پنهنجن ۽ ڪجهه ڌارين کان.
توکي وڪڻيو تنهنجي پنهنجن آ.
ڪجهه ڳاڙهن ساون نوٽن سان.
توکي جهير ڏنا ڌارين گڏجي.
هر جهير مٿان پيو جهير ڏسان.
تو جن کي پاڻ پناهه ڏني.
پئي سور سهين اڄ انه هٿان.
تنهنجا ڌاريا سنڌَ سڪائين پيا.
پر پُٽ ٿا تنهنجا وڙهن اڃان.
ڪهڙن ڪهڙن توکي تڙپايو.
ڏس مست مان ڪنهنجو نا کڻان.
مان تنهنجا ڪهڙا سور لکان.
تنهنجو هر هڪ سور سوايو آ.
ڪو ڪاٿو ناهي ڪيئن ڏسيان.
هر روز ٿا توکي سور ملن.
ڪجهه پنهنجن ۽ ڪجهه ڌارين کان.
توکي وڪڻيو تنهنجي پنهنجن آ.
ڪجهه ڳاڙهن ساون نوٽن سان.
توکي جهير ڏنا ڌارين گڏجي.
هر جهير مٿان پيو جهير ڏسان.
تو جن کي پاڻ پناهه ڏني.
پئي سور سهين اڄ انه هٿان.
تنهنجا ڌاريا سنڌَ سڪائين پيا.
پر پُٽ ٿا تنهنجا وڙهن اڃان.
ڪهڙن ڪهڙن توکي تڙپايو.
ڏس مست مان ڪنهنجو نا کڻان.