سنڌ صدين کان سيمينار آميدون ۽ انديشا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ابورافع

    [​IMG] انساني تاريخ ۾ اهو قبول ڪيل آهي ته ڌرتين ۽ ديسن جي تهذيبن جڙڻ کي ڪيئي لکين سال لڳندا آهن، ائين سنڌ جي تهذيب کي به ڪيئي سال لڳا هوندا، اڄ جنهن تهذيب تي اسين فخر ڪري رهيا آهيون. اها سنڌو تهذيب جي نالي سان سڏجي ٿي. جيڪا تهذيب دنيا ۾ جڙيل نين سرحدن وانگر ننڍي کنڊ جي سرحدي لڪيرن ۾ اچي سوڙهي ٿي وئي آهي تنهن هوندي به اڄ ننڊي کنڊ جي ڪن تاريخدانن انڊو پاڪ تهذيب کي سنڌو تهذيب ڪوٺيو آهي، جيڪا ڳالهه هن تهذبين ۽ قومن جي انڪاري ملڪ لاءِ ڀلي اڻوڻندڙ هجي پر اسان سنڌين لاءِ فخر جو سبب بڻجي ٿي.

    ارتقائي سفر مان گذري تهذيبون پنهجو روپ ظاهر ڪنديون آهن۽ سنڌو تهذيب پنهنجو جيڪو روپ ماهرن اڳيان ظاهر ڪيو آهي اهو اهنسا، امن ۽ سلامتيءَ وارو روپ آهي!

    تاريخدان ۽ تحقيقدان ان ڳالهه لاءِ اهو مثال ڏيندا آهن ته موهن جي دڙي جهڙي آڳاٽي تهذيب ڏيندڙ شهر جي کوٽائي مان ڪو به هٿيار نه مليو آهي، جنهن مان سمجهڻ گهرجي هن تهذيب جا اڏيندڙ جنگجو يا ويڙهاڪ نه پر امن پسند رهيا آهن ساڳي وقت هو زندگيءَ کي عاليشان نموني گذاريندڙ پڻ رهيا آهن. جنهنجو اندازو ان ئي شهر جي هزارين سال اڳ جي اڏاوت مان لڳايو ويو آهي.

    ورهاڱي کانپوءِ هتان جي تهذيب، ثقافتن، ٻولين ۽ قومن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويو آهي، ان هتان جي ٻولين ۽ تهذيبن کي هڪ اهڙي بي يقينيءَ واري حالت ڏانهن نيو آهي، جو اسين سڀ پنهنجي ٻولين، تهذيبن ۽ ثقافتن بابت وڌيڪ سچيت ٿيا آهيون، جنهن سچيتائي پٺيان سچ پچ ته هڪ ڳڻتي پڻ آهي، اهڙيءَ ئي گڻتيءَ هيٺ هن نئين ملڪ جي چونڊيل پهرين سنڌي وزيراعظم شهيد ذواالفقار علي ڀٽي، سنڌ جي عالمن، اديبن، تعليمدانن ۽ زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن سان واڳيل شخصن کي گڏي سنڌ جي تهذيب کي نئين سري سان محفوظ ڪرائڻ ۽ دنيا کي سنڌو تهذيب بابت ويچارڻ لاءِ هڪ سيمينار ڪوٺايو هئو. جنهن جو سرو هو ”سنڌ صدين کان“ سيمينار کانپوءِ ستت ئي سيمينار ۾ پڙهيل ڪن خاص سنڌي ۽ انگريزي مقالن کي ڪتابي شڪل ۾ آندو ويو ۽ ڪتابن تي مرتبن طور، سنڌي ڪتاب تي ممتاز مرزا جو نالو ڏنل هو ۽ انگريزي تي ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه جو نالو ڏنل هو.

    اوڻيتياليهه سال گذري ويا آهن، ان سيمينار جا رهيل مقالا، اڄ تائين ڇاپي هيٺ اچي نه سگهيا آهن ها جن جي ڳولا ڪرڻ گهرجي ۽ اهي پڻ ڪتابي صورت ۾ اچڻ گهرجن!

    نهايت خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته! ساڳئي سري هيٺ، سنڌي مسلمانن جي هڪ لائق فرزند حسن علي آفنديءَ جي رهبريءَ هيٺ جڙندڙ پهرين بيمثال تعليمي اداري سنڌ مدرسته الاسلام جيڪو هاڻ يونيورسٽيءَ جو درجو ماڻيءَ چڪو آهي، ان جي ميزباني هيٺ هڪ انٽرنيشنل سيمينار ٽيوهين مارچ کان ڇويهين مارچ تائين ڪوٺايو ويو آهي. جنهن وري هڪ اهڙو احساس ڏياريو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي پنهنجي تهذيب ڏانهن ۽ ان جي بچاءَ ڏانهن سجاڳ آهن.

    اوڻيتاليهن سالن کانپوءِ ٿيندڙ هن سيمينار مان اڄ اميد اها رکي پئي وڃي ته اهو گذريل سيمينار کان چاليهه ڀيرا وڌيڪ اهم هوندو، انهيءَ ۾ پڙهيا ويل پيپر چاليهه ڀيرا وڌيڪ اهم هوندا، انهن ۾ ڏنل معلومات چاليهه ڀيرا وڌيڪ نتيجا ڏيندي. اڄ ميڊيا جي تيزي، ڇپائيءَ جون سهوليتون، تحقيق جون سهولتون نهايت گهڻيون آهن، ان ڪري اميد به اهڙي ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تهذيب ثقافت، ٻولي، ادب بابت اڄ جيڪو ڪجهه به ڄاڻڻ جي گهرج آهي اها گهرج هيءُ سيمينار پوري ڪندو، جيستائين ائين ٿئي، تيستائين انتظار ڪبو.

    جيتوڻيڪ اڄ تائين جيڪي ڳالهيون سيمينار بابت سامهون آيون آهن، اهي ايتري خوشي ڏيندڙ نه آهن، سڀ کان پهرين ڏک ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته هن سيمينار جي ميزباني سنڌ مدرسي جهڙو سنڌين جو آبرودار ادارو ڪري رهيو آهي، ان تي خرچ سرڪار ۽ ڪي ٻيا ادارا سهڪار طور ڪري رهيا آهن ان ڪري هن سيمينار لاءِ سڀ دروازا کليل هجڻ گهرجن ته جيئن سڀ سنڌي پڙهيل ڳڙهيل ان ۾ شرڪت ڪري سگهن ٻي صورت ۾ ممڪن حد تائين ڪارڊ ورهايا وڃن ته جيئن هيءَ سيمينار گهڻا سنڌي ٻڌي سگهن ڇاڪاڻ ته اهي ئي هن تهذيب جا وارث آهن ۽ انهن جو عمل ئي تهذيب کي واڌ ويجهه ڏئي سگهندو. ان جي ابتڙ، اخباري اشتهارن ۾ اهو ڄاڻائڻ ته ڪو به ڪارڊ نه رکندڙ شخص ڏھ هزار روپيا في ڀري شريڪ ٿيندو، هن سيمينار خلاف اهو اشتهار پهريون منفي عمل ۽ اعلان آهي نه رڳو ايترو پر سنڌي تهذيب جي پڻ خلاف ويچار آهي، جنهن بابت سنڌي اديبن جو وڏو حلقو، ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ ورتل آهي ۽ ان قسم جي اشتهار تي سنڌ جي تهذيب کي پڻ رنج پهتو آهي.

    سيمينار بابت ٻي منفي ڳالهه اهي بيجا پابنديون آهن، جيڪي ملڪ کان ٻاهران ايندڙ عالمن ۽ محققن سان لاڳو ڪيون ويون آهن، جيڪي دنيا جي ڪنهن به عالمي سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ مناسب نه آهن پر ميزبان اداري کي پڻ نندا جوڳو بڻائڻ لاءِ ڪافي آهن، اهڙي عمل ۽ روئي خود سيمينار کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو ۽ اهڙا انديشا ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، هيءَ سيمينار ڪندڙ ۾ سنڌ جي تهذيب کي اجاگر ڪرڻ کان وڌيڪ ڪي شخص پاڻ کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جو ڀرم سانڍين ٿا ۽ جڏهن اهڙا طور طريقا سيمينار ۾ نظر آيا ته پوءِ سنڌ جا ساڃاهه وند اهو سوچڻ ۽ چوڻ ۾ حق بجانب هوندا اسانجي آبرودار ادارن ۾ اهڙا شخص نه ويهاريا وڃن جن کي ادارن جي آبروءَ کان وڌيڪ پنهنجي نمائش ۽ مفاد عزيز هجن، ڇا به هجي سنڌ مدرسي جهڙي عظيم اداري جي ميزبانيءَ ۾ سنڌ جي تهذيب کي اجاگر ڪندڙ هي سيمينار پنهنجي تهذيب کي شخصي روين کان مٿاهون کڻي اچي ٿو ته سنڌ لاءِ هڪ سڀاڳ وارو پيغام ويندو جيڪو دنيا جي ويچاريندڙن جي ذهنن تي سٺا اثر ظاهر ڪندو پر اهو سڀ پوءِ ڏسڻ لاءِ ملندو. فلحال تحفظات رکندي به اميد ڪجي ته هيءَ سيمينار پنهنجون تهذيبي ۽ تاريخي تقاضائون پوريون ڪندو. سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي اميدن تي پورو لهندو. آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو