• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀلوڙ شاعر قاسم راهيءَ جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي

رياضت ٻرڙو

سينيئر رڪن
قاسمَ هن جي ويندي ڪيڏا،
دل ۾ سِڪ سوراخ ڪيا هِن.
سنڌي ٻوليءَ جي ڀلوڙ شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جي اعزازي ميمبر قاسم راهيءَ جي بيوقتي ۽ ڏکوئيندڙ وفات تي، سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ پاران تعزيتي گڏجاڻي 16 مئي 2014ع تي، جمعي ڏينهن، صبح جو 11 وڳي، ڀائو درمحمد ٻرڙو پبلڪ لائبريريءَ ۾ ٿي گذري، جنهن جي صدارت سينئر اديب ڀائو درمحمد ٻرڙي ڪئي ۽ خاص مهمان قاسم راهيءَ جو وڏو پُٽ رشيد راهي هو. ڪاروائي سيڪريٽري رياضت ٻرڙي هلائي. گڏجاڻيءَ ۾ رياضت ٻرڙي، ڪوڙل قربدار، عزيز قاسماڻيءَ، رشيد راهيءَ ۽ ڀائو درمحمد ٻرڙي يادگيريون ونڊيون ۽ تاثر پيش ڪيا ۽ قاسم راهيءَ کي ادبي ڀيٽا پيش ڪئي. هنن چيو ته قاسم راهي درد سهندڙ ۽ پِيڙا ۽ تڪليف کي اظهاريندڙ شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ قومي جذبو پڻ سمايل آهي. هن کي طبقاتي سماج ۽ ماڻهن جي بيحسيءَ ماريو. هو محبت ڪندڙ شاعر هو. افسوس ته سندس واهر صحيح طور نه ٿي جنهنڪري هو بيماريءَ ۾ تڪليف سهندو رهيو ۽ مرضن مان جند ڇڏائي نه سگهيو. هنن سنڌي ادبي بورڊ کان گهر ڪئي ته قاسم راهيءَ جي سموري شاعري گڏ ڪري ڇپرائي وڃي.
گڏجاڻيءَ ۾ بشير آچو، عبدالرزاق ڪلهوڙو، اوشاق ڀٽو، سرمد سومرو ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا.
 
Back
Top